شاهه لطيف جي سرن جو پسمنظر

شاهه لطيف جي سُرن جو پسمنظر:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مختلف رسالن ۾ ڪٿي 30 سُر ۽ ڪٿي 36 سُر ملن ٿا، پر معياري رسالن ۾ 30 سُر شامل ڪيا ويا آهن. هيٺ سُر وار تفصيل ڏجي ٿو:
سُر ڪلياڻ: ‘ڪلياڻ’ لفظ جي معنيٰ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ، ‘خير، سک ۽ شانتي’ ڄاڻائي آهي، جيڪا معنيٰ ڪلياڻ آڏواڻي ۽ غلام محمد شاهواڻي به ساڳي ڄاڻائي آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر بلوچ، ‘ڪلياڻ’ لفظ جي معنيٰ ‘ڪامياب حيلو ۽ ڪوشش’ لکي آهي.
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ڪلياڻ جي راڳ جي حوالي سان نسبت ڄاڻائيندي لکيو آهي ته، “هندستاني گوئين موجب ‘ديپڪ راڳ’ کي
اٺ پٽ آهن، جن مان سُر ڪلياڻ به آهي. سُر ڪلياڻ جا پنج قسم آهن:
(1) شام ڪلياڻ، (2) يمن ڪلياڻ، (3) ڀوپالي ڪلياڻ، (4) حمير ڪلياڻ، (5) ڪيدار ڪلياڻ. خود ‘سُر ڪلياڻ’ کي ‘شڌ ڪلياڻ ’ چوندا آهن ۽ ديپڪ راڳ کان پوءِ ڏيئن ٻرڻ بعد ڳائبو آهي. هن سُر ڳائڻ سان من کي وشرام ۽ شانتي حاصل ٿيندي آهي.
شاهه جي فڪر جي عظمت جي لحاظ کان هيءُ سر نهايت ئي ڳوڙهو سُر آهي. اعليٰ ڄاڻ ۽ معرفت حاصل ڪرڻ لاءِ هن سر ۾ سمايل فڪر انسان کي شڪ ۽ شرڪ بدران يقين، آرام بدران بي آرامي، تسڪين بدران تڙپ ۽ بيتابي، رسمي ڏيکاءَ بدران سچائي ۽ سَڌن بدران سر جي قربانيءَ جي راهه ڏيکاري ٿو. هن سر ۾ توحيد ۽ رسالت جي حوالي سان انسان جي عقيدي جي صفائي ۽ ڪائنات جي وحدت جو راز سمايل آهي. اعليٰ ڄاڻ ۽ معرفت واري مقام تي پهچڻ خاطر حقيقت جي تلاش ڪندڙ کي ترغيب ڏنل آهي ته هو ٻيائيءَ کي ٻوڙي، خوديءَ کي کائي، هُئڻ ۽ هستيءَ واري ڪَلاهه ڪاٽي، ٻاهرين لڇ پڇ بدران اندر ۾ لُڇي ۽ لوچي ۽ ‘پاڻ’ کي ‘پاڻ’ کان پري ڪري، ائين جو مرڻ کان اڳ مري.
هن سُر ۾ عشق جي آزمائش، محبوب جي بي پرواهي، ڪاتي ۽ ڪوس، کوري ۽ باهه جو ذڪر، محبوب جي ڪُهڻ ۽ عاشق جي ڪُسجڻ جو بيان آهي. سر ڪلياڻ يقين کي محڪم ڪندڙ، قربانيءَ لاءِ جوش ۽ جذبو جاڳائيندڙ، اعليٰ منزل تي پهچڻ لاءِ ولولو وڌائيندڙ ۽ همت ۽ حوصلو ڏيندڙ آهي.
سُر ڪلياڻ نهايت زورائتو سر آهي، جنهن ۾ سانت ۽ سڪون بدران ولولو ۽ ووڪ آهي، جنهن ۾ جرئت ۽ جولان آهي. هن سُر ۾ اها زوردار ترغيب ڏنل آهي ته سوري ئي سيج آهي. سوز ئي سڪون آهي. هن سر ۾ اعليٰ مقصد خاطر پنهنجيون سموريون سَڌون ڀڃڻ، سک جا سانگا پلڻ، آرام ڦٽائڻ، ڏکڙا ڏسڻ ۽ سهڻ جي تعليم ڏنل آهي.
هن سر ۾ ڪل پنج داستان شامل آهن، جن جي واين ۽ بيتن جو تعداد مختلف رسالن ۾ مختلف ڄاڻايل آهي:
وحده لا شريڪَ لهُ، جان ٿو چئين ايئن،
تان مڃ محمد ڪارڻي، نرتئون منجهان نينهن،
سو تون وڃئو ڪيئن، نايين ڪنڌ ٻِين کي!
-
مِٺايان مٺو گهڻو، ڪڙو ناهه ڪلام،
سُڪوت ئي سلام، پريان سندي پار جو!
-
حبيبن هيڪار، منجهان مِهر سَڏُ ڪِئو،
سو مون سڀ ڄمارَ، اورڻ اُهو ئي ٿيو!
هن سُر ۾ تمثيلي طور بن منصور حلاج'>حسين بن منصور حلاج ۽ سندس
وحدت الوجودي فڪر، قرباني ۽ تعليمات جو ذڪر آهي. (تفصيل لاءِ پڙهو: تاج جويي جو ڪتاب ‘شاهه لطيف جا فڪري سرچشما’)
مثال طور:
سِر ڍُونڍيان، ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍُونڍيان سِر ناهه،
هٿ، ڪرايون، آڱريون، ويا وڍجي ڪانهه،
وحـدت جـي وهـانءَ، جـي وئـا، سـي وڍئـا!

رڳون ٿيون رباب ...
سُر يمن ڪلياڻ: هيءُ سُر، حقيقت ۾ ‘ايمن ڪلياڻ’ آهي ۽ سُر ڪلياڻ جو هڪ قسم آهي. هي راڳ، امير خسرو جي ايجاد آهي ۽ ‘ڪلياڻ ٺاٺ’ جو سمپورڻ راڳ آهي. هن جي ڳائڻ جو وقت، ‘سر ڪلياڻ’ کان پوءِ آهي.
فن جي استادن هن راڳ جو وادي سر گنڌار ۽ سموادي نکاد ڄاڻايو آهي، سواءِ تيور جي باقي سڀ سرشڌ استعمال ٿين ٿا. هي شڌ ڪلياڻ ۽ چندر ڪانت سان به بلڪل ملندڙ جلندڙ آهي.
آروهي: سا، ري، گا، ما، پا، ڌا، ني سا
امروهي: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا.
(شاهه جو راڳ، ص 75)
ڪاتب لکن جِئن ...
هيءُ سُر معنيٰ ۽ مقصد جي لحاظ کان ڪلياڻ سان ملندڙ جلندڙ آهي. ٻنهي سرن ۾ توحيد، رسالت، عشق، سوز، فراق، سور، سختي، صبر، راحت ۽ لذت جي حوالي سان انسان جي اعليٰ ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو آهي. هيءُ سر گهڻي ڀاڱي سر ڪلياڻ ۾ سمايل فڪر ۽ فهم جي تصديق ۽ ان جو وڌيڪ تفسير آهي. سر ڪلياڻ ۾ عشق جي آزمائش، محبوب طرفان سختين ۽ عاشقن لاءِ سوز ۽ فراق جي صدمن بابت جيڪي اهڃاڻ ڏنل آهن، تن جو سر يمن ۾ وڌيڪ تفصيل آهي. سُر يمن جي پهرئين ۽ ٻئي داستان جو مکيه موضوع درد آهي، جيڪو انسان جي وجود ۽ نمود جي هڪ بنيادي حقيقت آهي. داستان ٽئين ۾ عشق ۾ آزمائش ۽ محبوب جي عاشق تي سختيءَ جو ذڪر آهي. جنهن جي ابتدا سر ڪلياڻ ۾ ٿيل آهي. داستان چوٿين ۾ سوز ۽ فراق واري سختيءَ جو تفسير آهي. ان محبت واري مچ جو ذڪر آهي، جنهن ۾ عاشق پنهنجو پاڻ اچي سٽين ٿا. سُر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ جو بغور مطالعو ڪبو ته اُنهن جي بيتن ۽ واين ۾ بن منصور حلاج'>حسين بن منصور حلاج ۽ شاهه عنايت جهوڪ واري جي شهادتن جا اهڃاڻ معلوم ٿيندا. ان کان سواءِ هن سُر ۾ ‘موکي ۽ متارن’ جو به ذڪر آهي. هيءُ سر ڇهن داستانن تي مشتمل آهي. مختلف رسالن ۾ بيتن ۽ واين جي تعداد جو تضاد موجود آهي.
جت حبيب هڻن، نائُڪ ڀري نينهَن جي،
تِـتـي طبيـبن، وِڄـا وڃـي وســري.
-
پاڙي ويڄ هئامِ، تا مـون مُـور نه پُڇئا،
تيـلاهيـن پيـام، مـوريـسَر اکـيـن ۾!
-
ٻاريـو اُجهائينِ پرين، اُجهاميـو ٻاريـنِ،
مـون کـي ٿا مـاريـن، لُئـا لـوهـارن جـا.
-
مـتارا مـري ويـا، موکـي تـون نه مـريـن!
ڪيـهـي پَـرِ پـريـن، ڏُکـي ڏاتـارن کـي؟
سُر کنڀات: هي سر شاهه سائينءَ جو تخليقي شاهڪار آهي. پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي لکي ٿو ته، “هن سُر ‘کنڀات’ کي سُر ‘کماچ’ به چوندا آهن. چيو وڃي ٿو ته هن سُر تي اهو نالو اُن ڪري پيو آهي، جو گجرات رياست جي شهر کنڀات جي هڪ مشهور گويي اُن کي رچيو هو. هي سُر رات جو ڏهين بجي ڌاري ڳائبو آهي ۽ من کي آرام ڏيندو آهي.”
استاد امير علي خان لکيو آهي ته سُر کنڀات کي هند ۽ سنڌ جي ٿر ۽ راجستان ۾ ‘کمڀاوتي’ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
پير بهاءُ الدين سرهنديءَ هن سُر جي مڪمل وضاحت ڪندي لکيو آهي ته، اصل ۾ ‘ٺاٺ کماچ’ سان مشابهت رکندڙ هيءُ سُر (کنڀات) شاهه لطيف موزون ڪيو آهي. کماچ ٺاٺ جا سُر هن ريت آهن:
کرج، تيور رکب، تيور گنڌار، ڪومل مڌم، پنچم تيور ڌيوت، تيور نکاد، بعض جاين تي ٻئي نکاد يعني ڪومل تيور پڻ جائز سمجهيا ويندا آهن. هن (کماچ) ٺاٺ مان اڪثر بيشتر پيدا ٿيندڙ راڳن ۽ راڳڻين ۾ نکاد ڪومل ۽ گنڌار ڌيور يعني شُڌ استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪٿي ڪٿي وري ڪنهن راڳ ۾ شُڌ نکاد به لڳي ويندو آهي. کماچ ٺاٺ ۾ بعض وقت بئي نکاد يعني تيور نکاد ۾ ڪومل نکاد به استعمال ڪيا ويا آهن. ‘کماچ ٺاٺ’ مان نڪرندڙ راڳن ۽ راڳڻين ۾ ٻه قسم هوندا آهن، جيڪي هن طرح آهن: پهرئين قسم ۾ گنڌار وادي سُر آهي ۽ ٻئي قسم ۾ ريکب وادي سُر آهي.
جيئن ته کماچ ٺاٺ ۾ ‘سنڌي راڳ سورٺ’ به مروج آهي، جنهن جي سمجهاڻي هن ريت آهي ته: کماچ راڳ ۾ وادي سر گنڌار استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ سورٺ راڳ ۾ وادي سر رکب هوندو آهي. کماچ ٺاٺ ۾ هي راڳ اچي وڃن ٿا: کماچ، راگsيشري، درگا، کمڀاوتي، ڪلاوتي گارتي، تِلنگ وغيره. سورٺ انگ جا راڳ ۽ راڳڻيون وري هي آهن: سورٺ، ديس، جهنجهوٽي، تلڪ ڪامود وغيره، اُنهن جو وادي سُر رکب هوندو آهي.
کماچ:
سا، ري، گا، ما، پا، ڌا، ني، سا
سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا.
وادي سُر رکب، سموادي سُرڌيوت، اوڍو سمپورڻ راڳ آهي. وقت منجهند جو آهي.
سُر کنڀات جي آروهي امروهي هيٺ ڏجي ٿي:
اروهي: سا، سا، ري، پا، ما، ڌا، ني، سا
امروهي: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، سا.
(شاهه جو راڳ، ص 132، جلد پهريون)
هن سُر ۾ انساني محبت جي اعليٰ قدرن واري ريت رسم ۽ ماحول جا اهڃاڻ شامل آهن. هن سُر ۾ شاهه سائين مجازي محبت ۽ نفس جي نادانيءَ جو فلسفو نهايت عام فهم ۽ سمجهايو آهي. هيءُ سر سندس جوانيءَ واري دور جو لکيل معلوم ٿئي ٿو. هن سُر ۾ محبوب جي ذاتي اخلاقي بلندي ۽ سندس حسن ۽ جمال جو بيان شامل آهي ۽ وصال بعد سڪ ۽ فراق جو عڪس پڻ ملي ٿو. ‘هن يا هن تاري’ هيٺ محبوب جي ماڳ واري طرف جو اهڃاڻ ڏنل آهي. پر حسن ۽ جمال ۾ تارا ڪتيون، سج، چنڊ سڀ سندس سڄڻ جي سونهن کان گهٽ آهن. هن سُر ۾ ڪل پنج داستان آهن. مختلف رسالن ۾ بيتن جو تعداد گهٽ وڌ آهي.
سهسين سجن اُڀري، چوراسي چنڊن،
بالله ري پرين، سڀ اونداهي ڀانيان!
(آڏواڻي، داستانبيت 6)
هن تاري هن هنڌ، هت منهنجا سپرين،
سڄڻ ماکيءَ منڌ، ڪوڙا ٿين نه ڪڏهين!
(آڏواڻي، داستانبيت 12)
آڻي ٻڌم وڻ جاءِ، مانَ مُکڙيون چري،
ڪُڌاتـورو ڪـرهـو، لِـڪيـو لاڻـي کـاءِ،
اِن مَيي سندي ماءِ، ڳالهڙين ڳوڙها ڪئو!
(آڏواڻي، داستانبيت 9)
سُر سريراڳ: ‘سريراڳ ’ [گربخشاڻيءَ چواڻي] ڇهن مول [بنيادي] راڳن [ڀيرو، هنڊول، ميگهه، سريراڳ، ديپڪ ۽ مالڪوس] مان هڪ آهي. سريراڳ 4 بجي شام کان وٺي 12 بجي رات تائين ڳائبو آهي.سريراڳ جي موسيقيءَ ۾ تصوير هن ريت آهي. هڪ سهڻو جوان سفيد پوشاڪ پهريل، لالُن ۽ بلورن جي مالها ڳچيءَ ۾ پيل ۽ هٿ ۾ ڪنول جو گل جهليو بيٺو آهي.
شاهه جي رسالي ۾ ’سريراڳ‘ کان سواءِ ڪنهن به ٻئي مول راڳ جو نالو آيل نه آهي. سري راڳ جو تعلق پوربي ٺاٺ سان آهي. پراڻن شاستري سنگيتن ۽ ڪلاسيڪل راڳ جي قانون مطابق سريراڳ جو تعلق سنڌ جي قديمي ڪافي ٺاٺ سان آهي. هن راڳ ۾ گنڌار (گا) ۽ ڌيوت (ڌا) جا سر خارج (ورج) آهن ۽ هن راڳ جي امروهي سمپورن آهي. هن راڳ جو وادي سُر رکب (ري) آهي ۽ سموادي سر پنچم (پا) آهي. ڪي نائڪ پنچم جي سر کي وادي ۽ کرج (سا) جي سر کي سموادي ڪري ڳائيندا آهن. قديمي گرنٿن جي مت سان هن راڳ کي ڪافي ٺاٺ ۾ به ڳايو ويندو آهي ۽ هي راڳ بلمپت لئي ۾ يعني ماترائن کي هيٺينءَ زمين 16 ماترائن کي 64 ماترائن ۾ ورهائي ڳائبو هو. اصول مطابق هي بلمپت لئي جو راڳ آهي. چتر پنڊت، جيڪو ‘لڪش سنگيت’ جو مصنف هو، ان جي ڏنل سريراڳ جي قانون مطابق پنچم (پا) جو سر ئي سموادي سُر آهي ۽ وادي سر رکب (ري) آهي. سريراڳ جي آروهي: سا- را- مي- پا- ني- را- سا ۽ امروهي: سا- ني- ڌا- پا- مي- گي- را- سا آهي.
ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي ٿو ته، هن سُر جو ظاهري مضمون: سمنڊ جي مسافري ۽ اُن جا خطرا آهي، تڏهن به منجهس هڪ تمثيل رٿيل آهي. اڳئين زماني ۾ شاهوڪار مال جا ٻيڙا ڀرائي، ڏورانهن ڏيهن ۾ وڻج واپار ڪرڻ لاءِ ويندا هئا. چوماسي پوري ٿيڻ بعد، اُتر واءُ لڳڻ تي سفر جي تياري ڪندا هئا، ۽ ناکئا به پنهنجون ٻيڙيون ڌئاري، سڙهه سنباهي هلڻ هارا ٿيندا هئا. جيتوڻيڪ اُنهيءَ موسم ۾ سمنڊ اڪثر ڪري ماٺو ٿو ٿئي. تڏهن به وچ سير ۾، ۽ خاص ڪري وير چڙهڻ وقت سڀني کي انتظار ۽ اوسيئڙي ۾ گذارڻو پوندو هو. جيڪڏهن ناکئا آرام طلب ۽ غافل رهندا هئا ته مٿانئن وير وري ويندي هئي، ۽ اوڙاهه ۾ غرق ٿي ويندا هئا. پر جيڪڏهن معلم يا سُکاڻي سڄاڻ هوندا هئا، ته لڙ ۽ لهرين مان لنگهي وڃي پار پهچندا هئا. پاڻ سان ٽوٻيارا به کڻندا هئا، جي پاتار ۾ پيهي، سپون سُوجهي، کين بي بها موتي آڻي هٿن ۾ ڏيندا هئا.
اهڙيءَ ريت، هي سنسار هڪ مهاساگر آهي، ان مان اهو ملاح (انسان) اڪري ويندو، جنهن جي ٻيڙين ۾ وينتين جو وکر هوندو. ڌڻيءَ جا عاشق ساري رات سبحان کي سارين ٿا، تڏهن سندن مٽي مان لهي ٿي ۽ ڪروڙين سندن آستانن تي سلامي ٿين ٿا.
دنگي وچ درياهه، ڪي ٻُڏي ڪِي اُپڙي،
هُو جي واڍي واڻيا، سي سونهڻ سڀ سڙيا،
معلم ماڳ نه اڳئين، ‘ڦرنگي’ منجهه ڦريا،
ملاح! تنهنجي مڪڙيءَ، اچي چور چڙهيا،
جتـي ڍيـنگ ڍريـا، تِـتـي تـاري تُنهنجَـي!
-
بـنـدر جـان ڀـئـي، تـه سُـکاڻـئـا مَ سُمهـو،
ڪَپرُ ٿو ڪُن ڪري، جئن ماٽيءَ منجهه مهي،
ايـڏو سُـور سهـي، نـنـڊ نـه ڪـجـي ناکـئـا!
-
ساري رات سُبحان، جاڳـي جـن يـاد ڪِئو،
اُن جي عبداللطيف چئـي، مٽيءَ لـڌو مـان،
ڪـوڙين ڪن سـلام، آڳھ اچـئو اُن جـي.
رسالي جي هن سُر ۾ ڪُل چار داستان آهن. بيتن ۾ واين جو تعداد مختلف رسالن ۾ ڌار ڌار آهي.
سر سامونڊي: ڊاڪٽر گربخشاڻي، سُر سامونڊيءَ بابت لکي ٿو ته: “مشهور هندستاني راڳن مان اهڙو ڪو به راڳ نه ٿو سُجهي، جنهن جو نالو سُر سامونڊي هجي. مضمون جي مدنظر ئي هن سُر کي نالو ڏنو ويو آهي. هي سُر گويا ‘سريراڳ ’ جو ڌوڙي آهي، يا ائين چئجي ته ساڳيءَ تصوير جو ٻيو پاسو آهي. سُرسريراڳ ’ ۾ وڻجارن جو ذڪر ڪيل آهي ته
سُر سامونڊيءَ ۾ وري سندن منتظر وَهُن (ونين) جو احوال نقش ٿيل آهي.”
راڳ جو ماهر پير بهاؤالدين سرهندي، سُر سامونڊيءَ جي راڳ ۾ حيثيت بيان ڪندي لکي ٿو ته، [جيئن ته] “سُر سامونڊي ‘پوربي ٺاٺ’ مان ورتو ويو آهي... پوربي ٺاٺ بذات خود هڪ پُر اثر، دلڪش ۽ پرسوز راڳ آهي. [ان ڪري] شاهه سائينءَ جي سُر سامونڊيءَ مان به بلڪل ائين ئي محسوس ٿيندو. هن ٺاٺ مان [نڪتل/ ورتل] راڳ ۽ راڳڻيون سڀ جا سڀ غروب آفتاب يعني سج لٿي کان پوءِ ئي ڳايا ويندا آهن.”
(شاهه جو راڳ، ص 220)
هن سُر ۾ شاهه جي شاعراڻي شعور جون ٻه خاص خوبيون ڀليءَ ڀت ظاهر آهن. هڪڙو ته منجهس دلسوزي ۽ رِقت نهايت نازڪ انداز سان ادا ڪئي وئي آهي، ۽ ٻيو ته زال ذات جي دلي جذبن ۽ امنگن جي اهڙي چٽي مورت ڪڍي وئي آهي، جو ڄڻ ته شاعر خود (مجسم) زال بڻجي پيو آهي. وڻجاري جي اندر جا احوال، طرحين طرحين جا پُور ۽ خيال، جي کيس پل پل پون ٿا، ڪانڌ جي موٽي اچڻ جو اوسيئڙو ۽ چؤواٽن تي ڏيئا ٻارڻ وغيره- انهن سڀني جو نهايت رِقت ۽ درد وارو بيان ڪيل آهي. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هي سُر شاهه جي جوانيءَ جي وقت جو چيل آهي. [گربخشاڻي: شاهه جو رسالو، ص 142- 1971ع]
سنڌ جو سامونڊي ڪنارو تاريخ ۾ هميشه اهميت وارو رهيو آهي. سنڌي قوم، وڻج واپار ۽ جهاز رانيءَ جي فن جي ماهر رهي هئي. گهڻن سڙهن وارن وڏن غورابن جي ايجاد جو سهرو به هن واديءَ جي ماڻهن جي سِر تي رهيو آهي. هتان جا جهازران ۽ ٻيڙياتا اوڀر يورپ، وچ مشرق ۽ ڏور اوڀر توڙي ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر وارن ملڪن تي [سفر جي سامونڊي طور طريقن جي ڪري] ڪيترو وقت ڇانيل رهيا، هتان جا وڻجارا هتان جي هنرن ۽ ڪاريگريءَ وارين وٿن کي غورابن ۾ ڀري ڏورانهن ڏيهن ۾ وڃي وڪڻندا هئا، جن جو ذڪر تاريخ جي ڪتابن ۽ سفرنامن ۾ اچي ٿو. انهن وڻجارن جو سفر مهينن جا مهينا ۽ سالن جا سال هلندو هو، اهي واپاري ڪاڄ وارا وڻجارا [جيڪي اڪثر ميد ۽ مهاڻا هوندا هئا،] پنهنجو مٽ پاڻ هئا. ٻئي طرف وري سمنڊ جي سيني تي مهاڻن ملاحن، منڌرن ۽ نڱامرن جي موج هوندي هئي، جيڪي غورابن جا سڙهه سنواري ۽ کُوهن جي خبر وٺي، ننڍن وڏن ٻيڙن کي پيا مَک ڏيندا هئا ته متان ڪٿي کاري جو پاڻي ٻيڙن جي کُوهن ۽ تر کي کائي، جوکي جو سبب نه بڻجي. ميد نسل جي هنن قبيلن جو ڌاڪو هو ۽ پنهنجي واپاري ۽ جهازرانيءَ جي فن جي خوبين جي ڪري، هن واديءَ جو نڪ هئا، جن تاريخ ۾ پنهنجا اڻ مِٽ نشان ڇڏيا آهن.
سنڌ جي سامونڊي ڪناري تي غورابن جي گهٽن گهيڙن ۽ تڙن جو ڪو سنڌو ڪونه هو. ٻاهران ايندڙ غورابن ۽ جهازن تان مال لاهڻ ۽ چاڙهڻ لاءِ تڙن جي چاڙهيڪن وٽ ٻيڙين ۽ ڊونڍين جو ڪو ڇيهه نه هوندو هو. ڪٿي مياڻين تي مڇي پئي لهندي هئي ته ڪٿي غورابن ۽ ٻيڙين جي آڍ مَک لڳي پئي هوندي هئي، سڙهن کي سرکو ڪيو ويندو هو، متولن ۽ ونجهن کي سنڀاليو ويندو هو، مطلب ته سفر کان آيل ۽ سفر تي ويندڙ ٻنهي [وڻجارن] جي ڪهولن جو ٻُراءُ پيو ڪن تي پوندو هو. تڙن تي هلچل ۽ هونگار لڳي پئي هوندي هئي، وڻجارن ۽ واپارين گماشتن ۽ دلالن، مالڪن ۽ مزدورن، ڪاريگرن ۽ ڪاسبين پيشه ورن ۽ پورهيتن جو هڪ انبوهه نظر ايندو هو، جنهن ۾ ڪو مال جي اوسيئڙي ۾، ڪو سفر جي سانباهي ۾، ڪو وڪري جي وهنوار ۾، ڪو خريداريءَ جي خفت ۾ رُڌل هوندو هو. ڪٿي غوراب لنگر هنيو بيٺا هوندا هئا ته ڪي وري سڙهه سنباهي روانا ٿيندا هئا ته ڪن اچڻ وارن جا پري کان کوها ۽ ڏياٽيون نظر اينديون هيون. ويندڙ اُداسائيءَ ۽ ارمان جي نظرن سان دلين ۾ ڪئين داستان سمائي ويندا هئا ته انهن سان پيار ڪندڙ سندن وَهون وري اوسيئڙي ۾ سامونڊي ڪنارن ڏانهن چاهه ۽ اوسيئڙي جي شدت سان ڏسنديون هيون. جڏهن وڻجارا ورندا هئا، ته سندن عزيز سندن ديدار لاءِ آتا ۽ اتاويلا پيا نظر ايندا هئا ته سندن وَهون پڳهه لڳندي ئي محبوبن جي منهن ڏسڻ لاءِ اوسيئڙي جا ارمان، ملاقات ۽ ميلاپ جا احساس کڻي منتظر ڏسبيون هيون:
لڳي اتر هير، سامونڊين سڙهه سنباهيا،
ننگر کڻي ناکئا، ٿيا سڻاوا سير،
هينئڙي هت اُڪير، کاري کيڙائن جي.
-
پڳھه پاسي گهار، آيل! سامونڊين جي،
وِجهي جيءُ جنجار، جِم وڃنئي نڪري!
-
جيڪر اچي هاڻ، ته ڪريان روح رچنديون،
آيل، ڍولي ساڻ، ڳَرِ لڳي ڳالهيون ڪريان!
وڻجارن جي آمد تي مندائتيون ريتون ۽ رسمون ادا ٿينديون هيون. مسجدن ۾ ٻانگن ۽ ٽِڪاڻن ۾ سَنک جا آواز، چيٽي چنڊ جي رات بهراڻي کڄڻ وقت جانجهه جي جهنڪار جيءَ ۾ جهيرون وجهي ڇڏيندي هئي. وڻجارن جون ونيون ۽ وَهون، ڪونج جهڙيون ڪامڻيون درياهه شاهه تي ڪنجهي جي ٿالهين ۾ ڪڻڪ جي اٽي جا ڏيئا ٻاري، انهيءَ ۾ چانور ۽ سيندور وجهي پلوَ پائي، اکا اچي وجهنديون ۽ ڀيٽائون پيون ڏينديون هيون. نما شام مهل يا صبح سوير ڀيٽا کانپوءِ پاڻيءَ جا گڏون کڻي گهر جي ٻنڀي ۽ اوٽي تي ڇنڊا هنيا ويندا هئا. ڪو پردو نه هو، ڪا روڪ نه هئي، حيا شرم جو دور هو، نفرتن جو نالو نه هو. لطيف سائينءَ جي دور ۾ [اڍائي سؤ سال اڳ ۾] نينهن ڀرئي نرمل نظاري جو ڪهڙو انداز ۽ اُن وارتا جا ڪهڙا ورن هئا. شاهه صاحب جي بيتن ۽ واين ۾ اُن جا عڪس موجود آهن:
اُڀيون تڙ پُوڄين، وَهون وڻجارن جون،
آڻيو اکا ڏين، کٿورِي سمونڊ کي!
-
ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙهه سنباهيا،
وجهيو وَرُ ونجهه کي، روئي وڻجاري،
ماريندءِ ماري، پِرهه سُورَ پرينءَ جا.
سامونڊي سفر جا وڻجارا ۽ ٻيڙياتا، اتر ورڻ تي غوراب ڀري پرڏيهه پُرندا هئا، ڏياري ڏسندي سفر جي تياري شروع ڪندا هئا. جتي ڏياريءَ جو ڏڻ جتي خوشين جا خزانا کڻي ايندو هو، اُتي پويان فراق ۽ ڦوڙائي، وڇوڙي ۽ وِرهه جا نشان ڇڏي ويندو هو. وڻجارن جي ونين وَهن کي اها سڌ هوندي هئي ته هنن جي ورن ۽ ڀتارن کي سفر جي سانباهي جي لڳي پئي آهي، جنهن لاءِ محبت جي مارين کي هينئڙي ۾ ڪئين هول پيا ايندا هئا. انساني جذبن جي مصور شاعر شاهه لطيف وٽ انهن جي اندر جي اڌمن ۽ پريت جي پيڙا جي عڪاسي بيمثال نظر اچي ٿي. وڻجارا غوراب ڀري سلٽ ۽ سامان کڻي ٻيڙيائتن جي ٻل تي الله توهار ڪري پڳهه کڻي پنڌ پوندا هئا، وڻجارن ۽ ٻيڙيائتن جي سفر جو سلسلو ايڏو ته اوکو ۽ اڻ کُٽ هوندو هو، جو هڪ سفر پورو ڪري ايندا هئا ته وري کين ٻئي سفر جي سانباهي جي تات ۽ تنوار هوندي هئي، ان لاءِ هو ڏيساور ۾ شين جي گهرج کپت ۽ منڊيءَ ۾ اگهه جي لاهي چاڙهي ڏسندا هئا. هر وقت سندن دماغ ۾ اها ڳڻ ڳوت ۽ سودي جي سڦلتا جون ڳالهيون پيون ڦرنديون هيون. انهن جي اهڙي ڪيفيت کي ڏسي سندن ونيون ويچارن ۾ وسامجي وينديون هيون. وڻجارن جي آمد ۽ سانباهي ۽ سندن ونين/ وهن جي من جي ٻنهي وقتن جي ڪيفيتن جو لطيف سائينءَ هن ريت دلسوز نقشو چٽيو آهي:
آمد وقت ڪيفيت:
جنين ڪارڻ مون، تڙ پوڄارا پوڄئا،
پُنيم اُميدون، سيئي سڄڻ آئيا!
سانباهي وقت ڪيفيت:
سيئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا،
رُئان رهن نه سپرين، آيل ڪريان ڪيئن،
مون کي چاڙهي چينءَ، ويو وڻجارو اوهري.
شاهه لطيف هن سُر ۾ ناکئن، ملاحن، ٻيڙياتن ۽ وڻجارن جي اڻانگي سفر، ويرن سان وڙهڻ، سامونڊي طوفانن ۽ ڪارونڀار ڪنن کي مردانگيءَ سان منهن ڏيڻ جون وارتائون بيان ڪيون آهن.
هن سُر ۾ ڪل چار داستان آهن، جن ۾ بيتن ۽ واين جو تعداد، مختلف رسالن موجب مختلف آهي.
سُر سهڻي: ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ لکيو آهي ته، هن سُر جو اصلي نالو
سُر توڏي’ آهي، پر .... اڪثر ڪري ‘سر سهڻيءَ’ جي نالي سان پڌرو آهي. هندستاني گوئين موجب ‘توڏي’ هڪ راڳڻيءَ جو نالو آهي، جا ديپڪ راڳ جي پنجن ڀارجائن (زالن) مان هڪ آهي. راڳ مالا ۾ توڏيءَ جي تصوير هن ريت نقش ٿيل آهي: بدن تي سفيد ساڙهي اوڍيل اٿس ۽ ڪلهي ۾ نيرو ڪنجرو پيل اٿس. سندس نيڻ هميشه آسمان ڏي پيا نهارين، هٿ ۾ ستار اٿس، جنهن تي پنهنجي مڌر ۽ مٺي آواز سان سُر آلاپي رهي آهي ۽ ننڍا هرڻ سندس ڪوئل جهڙي سهڻي راڳ تي موهت ٿي، چوڌاري صفون ٻڌي رهيا آهن. ساون چهچ ميدانن سان گهڻي دل اٿس.
هندستاني سنگيت جي ماخذن ۾ اچي ٿو ته ‘سهڻي’ نالي هڪڙي راڳڻي آهي، جنهن مان ‘سهڻي ڪلاونتي’ ۽ ‘سهڻي قوالي’ ايجاد ٿيون. ‘سهڻي ڪلاونتيءَ’ جي ايجاد امير خسرو سان منسوب آهي.
هڪ روايت موجب ‘راڳڻي سهڻيراڳ ڀيرويءَ ۾ راڳ جهنگلي جي ميلاپ سان وجود ۾ آئي. ڀاتڪنڊي پنهنجي ڏنل ڏهن ٺاٺن واري نظام ۾ هن راڳ کي ‘مارو ٺاٺ’ مان نڪتل ٻڌايو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق موجب هيءَ سنڌي راڳڻي آهي، جيڪا پهرين سنڌ ۾ ڳائي وئي ۽ پوءِ هندستاني سنگيت مالا ۾ رائج ٿي.
راڳ سهڻي’ هن وقت به هندستاني موسيقيءَ ۾ ڳائجي ٿو، جو ‘ماروا ٺاٺ’ جو اوڊو کاڊو راڳ آهي. وادي سُر ڌيوت هئڻ ڪري، هي اُتر انگ جو راڳ سڏيو وڃي ٿو، ۽ ان جو سموادي گنڌار آهي. آروهيءَ ۾ رکب، پنچم ۽ امروهيءَ ۾ پنچم جو سر نٿو لڳي. هن ۾ ڌيوت ۽ گنڌار جي سنگت وڻندڙ آهي. هندستاني راڳ مالا جي قانون ۽ قاعدي موجب راڳ سهڻيءَ جو گهڻو زور اُتر انگ يعني مڌم کان پوءِ لڳندڙ سرن تي آهي، جڏهن تار سپتڪ جي ‘سا’ تي پڄندي آهي ته راڳ وڌيڪ اثرائتو محسوس ٿيڻ لڳندو آهي. راڳ سهڻيءَ کي جيڪڏهن هيٺين سُرن يعني مندر ۽ مڌ سپتڪ جي سُرن ۾ آلاپيو ويندو ته پوءِ هي ‘پُوريا راڳ’ جو روپ ظاهر ڪندو. ان ڪري سهڻيءَ کي پوريا کان ڌار ڪرڻ لاءِ سهڻيءَ جي سُرن جو گهڻو زور اتر انگ تي هوندو آهي، پر سنڌ جي عوامي ۽ شاهه جي راڳ واري نظام ۾ جيڪا سهڻي ڳائجي ٿي، اُها هندستاني راڳ سهڻيءَ کان بنهه مختلف آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو، “سنڌ ۾ ‘سهڻي راڳڻي’ جنهن ۾ ڪافيون ڳايون وڃن ٿيون، سا ڀيرويءَ سان ملندڙ آهي. جنهن راڳ کي شاهه لطيف پنهنجي راڳ جي نظام ۾ جاءِ ڏني، ائين معلوم ٿيو ته راڳ تلڪ ڪامود سان وڌيڪ مشابهت رکي ٿو.”
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي راءِ کي شيخ عبدالعزيز اڳتي وڌائيندي هن ريت بيان ڪيو آهي: “سهڻي اسان جي موسيقيءَ ۾ ڪلاسيڪي سنگيت کان بلڪل علحده آهي. ٻنهي ۾ فرق هي آهي، جو ڪلاسيڪي سنگيت واري سهڻي ‘ماروا ٺاٺ’ ۾ اوڊ - کاڊو آهي ۽ تار استان جو راڳ آهي، پر سنڌي موسيقيءَ جي سهڻيءَ جا سُر ‘کماچ ٺاٺ’ وارا لڳن ٿا. سندس اجتماعي صورت تلڪ ڪاموڏ سان ملي ٿي.”
تلڪ ڪاموڏ کماچ ٺاٺ جو اوڍو- سمپورڻ راڳ آهي. هن راڳ جو وادي سُر ‘سا’ ۽ سموادي پنچم آهي. پوري انگ جو هي راڳ رات جي ٻئي پهر ۾ ڳائجي ٿو. آروهيءَ ۾ ڌيوت جو سُر نٿو لڳي ۽ امروهيءَ ۾ رکب جو سُر وکر يعني اڻ سڌي طرح لڳي ٿو. راڳ جو روپ هن ريت آهي:
آروهي: پا ني سا ر ما پا ني سا
امروهي: سا ني ڌا پا ما ر گا سا
سُر سهڻيءَ جو پس منظر عشقيه داستانسهڻي ميهار’ جو قصو آهي. هي سُر شاهه لطيف جي شاعراڻي عروج جو ڪمال آهي، جنهن ۾ مجازي محبت ۽ حقيقي عشق جا آثار نمايان آهن. علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي ترتيب موجب هي سُر شاهه صاحب پوئينءَ زندگيءَ (mature life) ۾ چيو هو، ان ڪري علامه صاحب هن سُر کي پنهنجي ترتيب ڏنل
‘شاهه جي رسالي’ ۾ آخر ۾ رکيو.
شاهه لطيف هن سُر ۾ سماجي قدرن کي بدلائڻ ۽ نون سماجي قدرن ۽ سجاڳيءَ جي ڳالهه ڪري ٿو. هن سُر ۾ درياهه، محبوب سان ملڻ جو هڪ رستو آهي ۽ ان پسمنظر ۾ شاهه لطيف نه رڳو درياهه جي دهشت، ڪُنن جي ڪڙڪن، تک ۽ تار جو منظر چٽيو آهي، پر درياهه جي جيوت ۽ خوفناڪ جاندارن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. هن سُر ۾ عشق جي آزمائش لاءِ ڪشالا ڪڍڻ، خودداري، ارادي جي پختگي، سماجي ريتن ۽ رسمن کان بغاوت ڪرڻ، سِر تي سختيون برداشت ڪرڻ، عشق جي مستي، اندر جي اُٿل، قول اقرار، طعنن، مهڻن ۽ ڏوراپن جي پرواهه نه ڪرڻ جو ذڪر ملي ٿو.
شاهه صاحب ‘سهڻي’ کي جاگيرداري روايتن جي مخالف ۽ عشق جي مڪتب جي شاگرد ڏيکاريو آهي:
ساهڙ ڌاران سهڻي، نسوري ناپاڪ!
-
ساهڙ ڌاران سُهڻي، اڌوتي آهي!
سُر سهڻيءَ م نوَ (9) داستان آهن، جن ۾ واين ۽ بيتن جو مختلف رسالن ۾ مختلف تفصيل آهي:
ساهڙ مون جئن سرتيون، جي ڏسو سڀيئي،
ته سُمهو ڪين سُک ٿي، پاسو وَرَ ڏيئي،
مُونـهـا اڳيـئي، گـهِـڙو سـڀ گهـڙا کـڻـي!
(گربخشاڻي، داستانبيت: 6)
-
ڪنڌيءَ اُڀيون ڪيتريون، ساهـڙ، ساهـڙ ڪـن،
ڪنين سانگو ساهه جو،ڪي ‘گهوريس’ ڪيو گهڙن،
سـاهـڙ سـنـدو تـن، گهـاگهـائـي گهـڙن جـي.
(گربخشاڻي، داستانبيت: 9)
-
ته ڪر ڪيئن سُئي، جي سير نه گهڙي سهڻي،
هت حياتيءَ ڏينهڙا، هڏهن تان نه هئي،
چُڪيءَ تنهن چري ڪئي، جا ڏنس اُن ڏهي،
سُهڻيءَ کي سيد چئي، وڌو قرب ڪُهي،
هونهئين هُوند مُئي، پر ٻُڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا!
(آڏواڻي، داستانبيت 7)
-
سـاهــڙ ڌاران سُـهـڻـي، آڌوتـي آهــي،
ڪُنڍيون جو ڪاهي، پاسي تهين پاڪ ٿئي!
(گربخشاڻي، متفرقه، بيت: 1)
سُر سسئي آبري: هن سُر بابت ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي ٿو ته، “ ‘ابري، اڀري’ لفظ جي بدليل صورت آهي، جو خود سنسڪرت لفظ ‘اٻلا’ جو بگڙيل روپ آهي ۽ معنيٰ اٿس: ‘ڪمزور’، ‘ضعيف’. جنهن صورت ۾ هن سُر ۾ سسئيءَ جي اٻرائيءَ جو ذڪر ٿيل آهي، انهيءَ صورت ۾ مٿس اهو نالو رکيو ويو آهي.”

غلام محمد شاهواڻيءَ جي راءِ آهي ته، “هن نالي سان ڪا به راڳڻي، هندستاني موسيقيءَ ۾ ڪانهي. هن سُر جو نالو، مضمون موافق رکيو ويو آهي. اهڙيءَ ريت پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي ۽ ٻيا ڪافي محقق: ‘آبري’، ‘ابري’ بمعنيٰ ‘اڀري’ ڪم آڻين ٿا.
هن سُر جي گائيڪي ۽ نوٽيشن مطابق موسيقيءَ جو ماهر پير بهاؤالدين ‘بها’ سرهندي لکي ٿو ته، “شاهه جو سُر سسئي آبري، سُراليا بلاول’ مان نڪتل محسوس ٿئي ٿو. اليا بلاول جي آروهي ۽ مڌم متروڪ آهي. هن راڳ جي آروهي، امروهيءَ ۾ نکاد يعني تيور نکاد ۽ ڪومل نکاد لڳايا ويندا آهن. ٻن نکادن جي لڳائڻ سان ‘اليا بلاولراڳ بلاول کان جدا ٿي ويندو آهي ۽ مختلف محسوس ٿيندو آهي.”
(‘شاهه جو راڳ’، ص: 340، 2015)
هيءُ سُر سنڌ جي مشهور عشقيه داستان سسئي پنهونءَ جي قصي تي ٻَڌل آهي. شاهه لطيف، سسئيءَ جي سُرن کي پنجن سُرن ۾ ڳايو آهي. سُر سسئي آبري، انهن پنجن سُرن ۾ ترتيب جي لحاظ کان پهريون سُر آهي، جنهن جي ڇاپي نسخن موجب پهرئين بيت جي سِٽ، سسئيءَ جي باقي ٻين سُرن ۾ سمايل فڪر جي ڪُنجي آهي، جنهن کي شاهه لطيف، سسئيءَ جي زباني هن طرح بيان ڪيو آهي:
اول آخر آهه، هلڻ منهنجو هوت ڏي
سُر سسئي آبريءَ ۾ انسان جي اعليٰ ۽ عملي ڪردار جي مثالي صورت جو چِٽو عڪس آهي، جنهن ۾ زندگيءَ جي اعليٰ مقصد کي سامهون رکي پڪي ارادي سان مسلسل جدوجهد جي ترغيب ڏنل آهي.
هن سُر ۾ حقيقي عشق جي مختلف منزلن، رازن، رمزن، روحاني رشتي جي راهه کي پروڙڻ، حقيقت جي ڳولا ۾ ننڊ ڦٽائڻ ۽ وجود کي وڃائڻ جي هدايت ڪرڻ سان گڏ ٻِيائيءَ کي ترڪ ڪرڻ، خوديءَ کي ختم ڪرڻ ۽ عشق جي راهه ۾ پيش ايندڙ سورن سختين کي سهڻ جو ذڪر ملي ٿو.
سر سسئي آبريءَ ۾ مسلسل جدوجهد کان سواءِ تصوف جا سبق به ڏنل آهن ۽ طالب کي مطلوب جي ڳولا ۾ جيڪي تڪليفون، رنڊڪون، مصيبتون ۽ مشڪلاتون پيش اچن ٿيون، انهن جو ذڪر به آهي. ڪو نصب العين حاصل ڪرڻ لاءِ انسان کي عام زندگيءَ ۾ به ڪيئي رنڊڪون رڪاوٽون اچن ٿيون، جي جبلن، جهنگلن، سوڙهن پيچرن، نانگن ۽ بلائن جي صورت ۾ آهن، جن کي برداشت ڪرڻ
۽ ساڻن مهاڏو اٽڪائڻ جي تمثيل ذريعي منزل جي حاصلات آسان
ٿئي ٿي.
سر سسئي آبريءَ ۾ حقيقي عشق توڙي عملي زندگيءَ ۾ جدوجهد جو هڪ وڏو راز سمايل آهي. شاهه لطيف ٻڌائي ٿو ته، جيئن سسئيءَ جهڙي اَڀري، اڪيلي، نارِ، نه رستي جي واقف، نه جبلن جي لانگهن جي ڄاڻو، پنهونءَ خاطر ڀنڀور جا ڀاڻ ۽ سرتيون سهيليون ڇڏي نڪري پئي ۽ اُڀڪپرن ۽ اوچن جبلن کان به نه ڊني، بلائن ۽ نانگن، شينهن ۽ ڀَٽُن کان به نه ڪنبي، برپٽن ۾ اڪيلي سر هلندي هلي ۽ آخر وڃي مقصد کي پهتي، اهڙيءَ ريت عام زندگيءَ ۾ توڙي حقيقت واري واٽ وٺي منزل ماڻي سگهجي ٿي.
سسئي پنهونءَ جو داستان سنڌ ۾ ڪيچ مَڪران جي وچ ۾ هلندڙ واپار ۽ قافلن جي شاهراهه واري ماحول وارو دور آهي، جيڪو عرب دؤر ۽ پوءِ سومرا دور کان وٺي پنجين صديءَ هجريءَ [يارهين صدي عيسويءَ] تائين قائم رهيو. ڀنڀور (ديبل) جو شهر به اڃا موجود هو ۽ بلوچ قبيلن جي سنڌ ۾ اوائلي آمد پڻ اُنهيءَ دؤر ۾ ٿي. اُنهن اهڃاڻن مان ظاهر آهي ته هي قصو 11 صديءَ ڌاري سومرن جي اوائلي دؤر ۾ اُڀريو ۽ وقت گذرڻ سان لَسٻيلي، ڪوهستان، ڏکڻ اولهه سنڌ [ڪراچي ۽ ٺٽي] توڙي مٿي سنڌ ۾ يعني جدا جدا لئين ۾ ڳائجڻ لڳو، جيڪي اڳتي هلي مستقبل سُر بڻيا. يقيني طور چئي نه ٿو سگهجي ته اُهي اصلي ليئون ڪهڙيون هيون، جن ۾ سسئيءَ جو داستان ڳايو ويو، مگر شاهه جي رسالي ۾ جيڪي سسئيءَ جا پنج سُر آهن، سي ڀائنجي ٿو ته انهن آڳاٽين ليئن جا يادگار آهن، سومرن جي اوائلي دؤر ۾ غالباً سنڌ ۾ آڀيري راڳ هلندڙ هو. هڪ روايت موجب سنڌ جي راڳڻي ‘سنڌوڙو’ يا ‘سنڌڙي’ آساوري ۽ آهري جي سنگم مان پيدا ٿي، اُن لحاظ سان آهري يا آڀيري سنڌ ۾ هلندڙ هئي، جو اُن جي ميلاپ سان ٻيون راڳڻيون بڻيون، سو هڪڙن ڳائيندڙن سسئيءَ جي داستان کي اُنهيءَ راڳ ۾ ڳايو. رسالي جو ‘سُر آبري’ اُنهي آڳاٽي ‘آڀيري راڳ’ جو يادگار آهي. ٻي ايراضيءَ ۾ ٻين وري هن داستان کي مقامي ‘ديسي’ لئي ۾ ڳايو ۽ رسالي جو ‘سُر ديسي’ اُنهيءَ جو يادگار آهي. ساڳئي دؤر ۾ عرب ايراني موسيقي سلسلي جو ‘حسيني راڳ’ سنڌ ۾ هلندڙ هو ۽ ڪن راڳيندڙن سسئيءَ جي داستان کي حسيني لئيءَ ۾ ڳايو، جنهن جو يادگار شاهه جي رسالي جو سُر حسيني آهي.
شاهه جي رسالي جي سُر سسئي آبريءَ ۾ 11 داستان آهن. هر داستان ۾ مختلف رسالن ۾ بيتن ۽ واين جو تعداد مختلف آهي.
سُر معذوري: هيءُ سر سسئيءَ جي پنجن سرن مان هڪ آهي. هيءَ سُر ٻين چئن سر وانگر سسئي پنهونءَ جي قصي تي ٻَڌل آهي. ‘معذوريءَ’ لاءِ عام طرح چيو ويندو آهي ته عربي لفظ ‘معذور’ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ضعيف، لاچار يا عذر واري. هن سر ۾ سسئيءَ جي بيوسي، هيڻائي ۽ ڪمزوريءَ جو ذڪر ڪيل آهي، تنهنڪري هن سُر کي ‘سُر معذور’ جو نالو ڏنو ويو آهي.
سنگيت جي ماخذن ۾ چيو وڃي ٿو ته ‘معذور’ نالي ڪو به راڳ نٿو ملي، پر هي هڪ مقامي راڳ آهي، جيڪو لس ٻيلي ۾ مروج ۽ مشهور رهيو آهي. سُر معذور جي راڳ بابت عالمن ۽ موسيقيءَ جي ماهرن جا مختلف رايا آهن. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ‘شاهه جي رسالي’ جي جلد چوٿين جي مقدمي ۾ هن راڳ جي وضاحت ڪندي لکيو آهي ته، “[شاهه جي راڳي] سيد غلام شاهه، سُر جي تند وڄائي ته اهو راڳ ڄڻ ‘ديو گنڌار’ سان ملندڙ معلوم ٿيو.” سنگيت جي ماخذن ۾ راڳ ‘ديو گنڌار’ آساوري ٺاٺ جو اَوڍو سمپورڻ راڳ آهي. ‘سا’ وادي ۽ پنچم سموادي سر آهي. آروهيءَ ۾ گنڌار ۽ ڌيوت جا سر نٿا لڳن، پر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، راڳ ديو گنڌار جي باري ۾ اهو ڪٿي به ناهي ڄاڻايو ته هي ڪهڙي ٺاٺ جو راڳ آهي، ڇاڪاڻ جو ڪرناٽڪي سنگيت ۾ هي راڳبلاول ٺاٺ’ ۾ ڳائجي ٿو. ان حوالي سان شيخ عزيز جو رايو ڪرناٽڪي سنگيت واري راڳ جي روايت تي آڌاريل آهي ۽ هُو سُر معذور جي راڳ بابت لکي ٿو ته، “فني طور هيءَ راڳڻي بلاول ٺاٺ ۾ آهي، بلاول ٺاٺ جي راڳ ‘درگا’ ۾ نکاد ڪومل جو اضافو ڪرڻ سان هيءَ راڳڻي ظاهر ٿئي ٿي. وادي ۽ سموادي سرن جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ سان هن راڳڻيءَ جو وادي سر رکب ۽ سموادي ڌيوت معلوم ٿئي ٿو.
موسيقيءَ جو ماهر پير بهاءُ الدين سرهندي ۽ اُستاد امير علي،
سُر معذور جي راڳ کي ‘ڀيرو ٺاٺ’ مان ورتل ڄاڻائين ٿا. پير صاحب لکي ٿو ته هونئن ته ڪافي راڳ ۽ راڳڻيون ٺاٺ ڀيرو ۾ موجود آهن، مثال طور: ڀيـرو، ڪلنگـرا، رامڪلـي، گُـن ڪلـي، جـوڳـيا، پـرڀـاوتـي،
ميگهه رنجني، سوراشٽ [سورٺ]، ڀڀاس للت، آهير ڀيرو وغيره، مگر انهن راڳن ۾ سُر معذوريءَ جو گهڻو اثر ‘سُر جوڳيا’ مان ورتل ۽ اُن سان ڪافي مشابهت ڪندڙ آهي.
ڀيرو ٺاٺ، حقيقت ۾ صبح جي وقت جو ٺاٺ آهي ۽ ان مان نڪرندڙ سڀئي راڳ ۽ راڳڻيون صبح جو سويل ڳايون وينديون آهن. هن ٺاٺ مان نڪتل راڳن کي ‘سنڌي پرڪاش راڳ’ به چوندا آهن. هن مان جيڪي به راڳ پيدا ٿيندا آهن، اهي اترانگ جا راڳ هوندا آهن. راڳ جوڳيا جو طريقو آهي:
سا- ري- ما- پا- ڌا-سا
سا- ني – ڌا- پا- ما- ري- سا
شاهه سائينءَ جي سُر معذوريءَ ۾ وري هلڪو گنڌار تيور ۽ ڪومل به لڳندو آهي. (‘شاهه جو راڳ’- ص: 433)
شاهه لطيف هن سُر ۾ سسئيءَ جي پنهل پٺيان هلڻ، ڪشالا ڪڍڻ ۽ سختيون سهڻ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن موجب منزل ماڻڻ لاءِ ڏونگر ڏارڻا پوندا. مسلسل جهد زندگيءَ جو مقصد آهي. مقصد جي حصول واري راهه ۾ ٿڪجي پوڻ سان ماڻهو منزل نه ٿو ماڻي سگهي. شاهه صاحب لاڳيتي جستجو ۽ ڪوشش ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي تلقين ڪري ٿو.
شاهه لطيف، هن سُر ۾ انسان جي اصليت، حقيقت، ڪيفيت، ماهيت، زندگي ۽ موت تي نهايت سولي، سلوڻي ۽ اثرائتي انداز ۾ روشني وڌي آهي ۽ انهن نُڪتن سان گڏوگڏ سالڪ کي اهو به سمجهائي ٿو ته متان ڪچائي ڪري پنهنجي ڪانڌ [رهبر] تي حرف رکي ويهين، مطلب ته سالڪ کي پختو ۽ سچو رهڻ جي تلقين ڪري ٿو. جيئن صوفين ‘فنا’ کي ‘مرڻ کان اڳ’ جو نالو ڏنو آهي، يعني جيئري ئي پنهنجون سڌون ۽ خواهشون ختم ڪري ڇڏڻ ۽ پنهنجي مالڪ جي محبت ۾ پاڻ کي محو رکڻ گهرجي، اها ڳالهه سسئيءَ جي واتان هن ريت بيان ڪئي اٿس:
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿيا نه مات،
هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيئا!
-
سڀ ننگيون ٿي نڪرو، لالچ ڇڏي لوڀ،
سپيريان سين سوڀ، ننڊون ڪندي نه ٿئي!
-
هلندي هاڙهو مڻي، گُسان تان مَ گسان،
لَڪن تان لطيف چئي، رِڙهي مانَ رَسان،
پنهون شال پسان، وِهان تان نه وَسِ پئو!
هن سُر ۾ ست داستان آهن. مختلف رسالن ۾ بيتن ۽ واين جو تعداد مختلف آهي.
سُر ديسي: سُر ديسي، سسئيءَ جي پنجن سُرن مان هڪ سُر آهي، جيڪو عشقيه داستان سسئي پنهون جي قصي تي آڌاريل آهي.
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ لکيو آهي ته، ‘سُر ديسي’ هڪ راڳڻي آهي، جيڪا ديپڪ راڳ جي پنجن زالن (ڀارجائن) مان هڪ آهي. راڳ مالا موجب سندس تصوير هن ريت آهي، گوري ورڻ [رنگ] جي آهي.
نيلي رنگ جو ويس پاتل اٿس. سارو بدن مڻين سان جهنجهيو پيو اٿس. وڃڻو هٿ ۾ کڻي بيٺي آهي ۽ اُن سان ناز نخرو ڪري رهي آهي.
هيءَ راڳڻي ٻپهريءَ جو ڳائبي آهي.
سُر سسئيءَ ۾ سسئيءَ جي پڪي ارادي ۽ واٽ جي مونجهارن جو وستار آهي. سسئيءَ جي حوالي سان هي سُر، مراد ۽ مقصديت، مجاز ۽ حقيقت سان گڏ اعليٰ فهم واري فڪر جو شاهڪار آهي. هن سُر ۾ شاهه لطيف برپٽن، بيابانن، پٿريلي پيچرن، رڃ، سڃ، ڏکن ڏاکڙن، جبلن، لُڪن ۽ جهولن جو عڪس چٽڻ سان گڏ ميدانن جي ڪٺن سفر ۽ ڪشالن جو ذڪر ڪيو آهي. هن سر جو مفهوم سچائيءَ سان پنهنجي منزل سڃاڻڻ، ڪاهليءَ جي نندا ڪرڻ، پنهنجو پاڻ کي نماڻو ۽ عاجز سمجهڻ، همت ڪرڻ، اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد ذريعي منزل تائين پهچڻ، تبديل ٿيندڙ حالتن کان آگاهي رکڻ، ريتن ۽ رسمن جي آڌار تي پنهنجن ۽ پراون کي پرکڻ تي ٻَڌل آهي.
هن سُر ۾ ديسي سيڻ ڪرڻ ۽ پرڏيهين سان پرت نه ڳنڍڻ جو درس ڏنل آهي. سسئيءَ جا سفر ۾ ست ويري آهن: اُٺ، اوٺار، ڏير، سج، ڇپر (جبل) ۽ چنڊ آهن، جن سڀني [سندس نظر ۾] سازش ڪري، کيس جبلن ۾ رلڻ، ڪشالن ڪڍڻ، واهيري جي وير ڇپرن ۾ ڇُلون ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي:
اُٺ ويري، اوٺار ويري، ويري ٿيڻ ۾ ڏيرَ،
چوٿون ويري واءُ ٿيو، جنهن لٽيا پنهونءَ پيرَ،
پنجون ويري سِج ٿئو، جنهن اُلهي ڪئي اوير،
ڇهون ويري ڇَپرُ ٿيو،جنهن سنوان ڪيا نه سيرَ،
ستون ويري چنڊُ ٿيو، کڙيو نه وڏيءَ وير،
واهـيـري جـي ويـر، ڇُـلـون ڪريان ڇپـريـن.
شاهه جي هن سُر ۾ ست داستان آهن.
سُر ڪوهياري: سُر ڪوهياري، سسئي پنهونءَ جي قصي تي آڌاريل پنجن سُرن ۾ شمار ٿئي ٿو. هيءُ سر جابلو علائقن ۾ ڏاڍو مشهور آهي. ڪوهياري لفظ ‘ڪوهه’ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ‘جبل’. انهيءَ مان اِهو معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ سُر جابلو علائقي جي ماڻهن جو رچيل آهي، جنهن ۾ شاهه لطيف سسئيءَ جي ڏونگر ڏورڻ، ڏکن ڏاکڙن ۽ پهاڙن جي پنڌ جو ذڪر بيان ڪيو آهي. هيءُ نهايت درد ۽ ميٺاڄ وارو سر آهي.
هندستاني موسيقيءَ ۾ ڪوهياري نالي ڪو به راڳ نه ٿو ملي، پر سنڌي موسيقيءَ ۾ هي راڳ نه رڳو مقبول آهي، پر گهڻو ڳايو به وڃي ٿو. ‘راڳ’ راڻي وانگر ‘ڪوهياري’ به سنڌ جي سڃاڻ بڻجي وئي آهي. شاهه لطيف جي هڪ محقق محترم آغا سليم جو رايو آهي ته “هيءَ ڌن سنڌ جي ڪوهستاني علائقي جي ڌن آهي. خضدار واري علائقي کي ‘ڪوهيار’ به چوندا هئا ۽ ان علائقي تان هن ڌن جو نالو ‘ڪوهياري’ پيو.”
هي راڳ هندستاني سنگيت جي ماخذن ۽ گرنٿن ۾ نه ٿو ملي، جنهن مان اِهو ثابت ٿئي ٿو ته هي نج سنڌ جو راڳ آهي. سنڌ جي ديسي راڳن ۾ رڳو ڪوهياري ئي هڪ اهڙو راڳ آهي، جيڪو سنگيت جي پراڻي قاعدي موجب اتر انگ يعني مٿان کان آلاپي پُورو انگ ۾ پورو ڪبو آهي ۽ اِها ئي انفراديت راڳ ڪوهياريءَ کي راڳ آسا کان ڌار ڪري بيهاري ٿي. هن راڳ جو گهڻو رچاءُ اتر انگ ۾ آهي ۽ جڏهن مٿين سُرن تي وڌيڪ زور پوندو آهي ته راڳ جو تاثر وڃي اِهو بيهندو آهي، ڄڻ ته ڪو پهاڙن منجهان پڪاري ٿو، ۽ اِها ئي خاصيت راڳ کي شاهه جي ڪلام ۾ سُر ڪوهياريءَ سان ويجهو ڪري ٿي.
ڪتاب ‘راڳ ۽ تال'>سنڌي راڳ ۽ تال’ جو مصنف سيد منظور علي نقوي هن راڳ بابت لکي ٿو ته، “ڪوهياري هڪ خالص سنڌي راڳ آهي، جيڪو قديم زماني کان وجود ۾ آهي. هن راڳ کي صحيح انداز ۾ ڳائڻ وارا به سنڌ کان ٻاهر نٿا ملن. سنڌ ۾ هن راڳ ۾ ڪافيون ۽ وايون تمام سهڻي انداز ۾ ڳايون وينديون آهن.” ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو رايو آهي ته هي ڄڻ ڪو بلاول ٺاٺ جو راڳ آهي ۽ ڪنهن راڳ سان مشابهت سمجهه ۾ نٿي اچي.
هن سُر جي فني حيثيت بيان ڪندي شيخ عزيز لکي ٿو ته، “هيءَ راڳڻي ‘بلاول ٺاٺ’ مان سمپورڻ آهي، مڌم ڪومل اٿس. آروهيءَ ۾ نکاد تيور ڪري ڪيترا هن کي ‘ڪماچ ٺاٺ’ مان ڄاڻائيندا آهن. ڪماچ ٺاٺ ۾ ڳائڻ واري راءِ ‘بلاول ٺاٺ’ کان مضبوط ۽ پختي آهي. جي ڪوهياريءَ مان نکاد تيور ڪڍي ڇڏجي ته راڳ بيسود ٿي پوندو ۽ تاثر وڃائي ويهندو. هن راڳ جو وادي مڌم ۽ سموادي سا آهي ۽ ڳائڻ جو وقت پوئين اڌ رات ۽ پهريون اڌ ڏينهن آهي.
پير بهاءُ الدين سرهندي لکي ٿو ته، “شاهه سائينءَ جو هي سر [ڪوهياري] ‘بلاول ٺاٺ’ مان سمجهيو ويندو آهي. استاد رشيد علي خان (مرحوم) ٽنڊي آدم واري مطابق هن جي آميزش ‘کماچ’ سان به آهي، مگر ‘بلاول ٺاٺ’ جي راڳ ‘شڪل بلاول’ سان هن جو ڪافي تعلق محسوس ٿئي ٿو. هن ٺاٺ جا اڪثر راڳ ۽ راڳڻيون اُترانگ ۽ پوروانگ، ٻنهي ۾ ڳايون وڃن ٿيون. ٺاٺ بلاول ۾ ڪافي راڳ ۽ راڳڻيون اچي وڃن ٿيون، مثلاً: شد بلاول، اليا بلاول، شڪل بلاول، جي جي ونتي، شنڪرا بلاول، پهاڙي ڪيدارا وغيره. جيئن ته سُر ڪوهياريءَ جو ‘شڪل بلاول’ سان وڏو تعلق آهي، ان ڪري ‘شڪل بلاول’ جي چال هيٺ ڏجي ٿي:
سا، گا، پا، ڌا، ما، ڌا، ني، سا
سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا.
وادي سُر، سموادي سُر کرج (سا)
وِڪر سمپورڻ راڳ آهي. هن جو وقت صبح جو آهي. صبح کان منجهند تائين ڳائي سگهجي ٿو. هن راڳڻي يعني ‘شڪل بلاول
جو زياده زور اُترانگ ۾ رهندو آهي. هن راڳڻيءَ ۾ ڌيوت ۽ مڌم جي سنگت رهندي آهي ۽ اُها ساڳي چال ‘ڪوهياريءَ’ ۾ پڻ آهي، بلڪ اُن لاءِ مڌم ۽ ڌيوت جو پاڻ ۾ گهڻو ميلاپ ظاهر ڪبو آهي. راڳڻي شڪل بلاول جو نقشو يا صورت وِڪر هوندي آهي، جنهن سان گهڻو نقشو
‘گوڙ سارنگ’ جو به ظاهر ٿئي ٿو. شُڪل بلاول ۾ ڪومل نکاد ضروري نه هوندو آهي، مگر ڪافي ڳائڻا خوبصورتيءَ خاطر نکاد به لڳائي ڇڏيندا آهن، حالانڪه ‘بلاول ٺاٺ’ ۾ ڪومل نکاد جي منع ٿيل آهي. شڪل بلاول ۽ ڪلياڻ ٺاٺ جي ‘گوڙ سارنگ’ جي پوري راڳداريءَ ۾ لطيف سائينءَ جو هي سُر ‘ڪوهياري’ سمايل آهي مگر ٿورڙي فرق سان.
[شاهه جو راڳ، ص 540]
سُر ڪوهياريءَ ۾ وڇڙڻ جو ڏک، گڏيل سوچ جو پيدا نه ٿيڻ، رٿابنديءَ سان زندگي نه گذارڻ ۽ پنهنجين غلطين تي نظر رکڻ جو بيان ملي ٿو، ۽ تلقين ٿيل آهي ته بي اونو ٿيڻ نه گهرجي. هر وقت خبردار رهڻ کپي، پنهنجن ۽ پراون جي سڃاڻ رکجي، غفلت کان پاسو ڪجي. هن سُر ۾ شاهه لطيف سکن کي ڏکن تان گهورڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، يعني ڏک کي منزل تي پهچڻ لاءِ وسيلو بڻائجي ۽ ان عمل ۾ سهپ واري جذبي کي به جيارڻ لاءِ اتساهه پيدا ڪري ٿو.
سُر ڪوهياري ڪائناتي پيغام، قومي وحدت، سجاڳي، رهبري ۽ همت واري نقطي تي آڌاريل آهي. هن سُر ۾ هڪ پاسي شاهه لطيف غفلت کي ننديو آهي ته ٻئي پاسي سماج جي روايت پسندي ۽ تقدير پسنديءَ کي ننديندي، مرداڻي سماج ۾ رهندي عورت جي جدوجهد ۾ اڳتي وڌڻ واري عمل کي مڃتا ڏني آهي. هن سُر ۾ ساڃاهه، منزل جي تعين ڪرڻ واري جدوجهد ۽ ان مقصد لاءِ پاڻ ارپڻ جي حقيقت کي به پيش ڪيو ويو آهي. سماجي پس منظر سان گڏ هن سُر ۾ روحاني حوالي سان پڻ انيڪ نُڪتا ۽ راز سمايل آهن. سالڪ کي سڄي رات غفلت جي ننڊ ۾ گذارڻ کان روڪيو ويو آهي ۽ رهبر سان ملڻ لاءِ جستجوءَ جي واٽ ڏيکاري وئي آهي ۽ ‘سُتي نه ملن سپرين، ڪر پرينءَ پچار’ واري راهه تي هلڻ جو سبق ڏنو ويو آهي. ان راهه ۾ جيڪي ثابت قدم رهن ٿا، سي ئي منزل ماڻين ٿا.
هن سُر ۾ ڇهه داستان آهن. مختلف رسالن موجب بيتن ۽ واين جو تعداد مختلف آهي.
سنجهي رَهين سُمهي، غافل! منجهن گهرن،
ليڙنِ جو لطيف چي، ڪرڳل سوءِ نه ڪن،
سي ڪئن مُحب مڙن، جي سنجهي رهن سُمهي.
(شاهواڻي، سر ڪوهياري، 1/6، 2005ع، ص: 413)
ڏونگر ڏکوين کي، دلاسا ڏجن،
گهڻو پُڇجي تن کي، جن وٽان هوت وڃن،
تون ڪئن سندا تن، پهڻ پير ڏکوئيين!
(آڏواڻي، داستانبيت 4)
ڏونگرَ ڀُونئين ڪِيرَ، سڄڻ ميخون ڏونگرين،
ههڙا سيڻ سُڌير، ڪينَ لهندينءَ ڪي ٻيا!
(آڏواڻي، داستانبيت 7)
حقيقت هن حال جي، جي ظاهر ڪريان ذري،
لڳي ماٺ مِروئن کي، ڏونگر پون ڏري،
وڃن وڻ ٻري، اوڀڙ اُڀري ڪينڪي!
(آڏواڻي، داستانبيت 6)
سُر حُسيني: سُر حسيني، سسئيءَ جي پنجن سرن مان هڪ سُر آهي. امام حسين عه جي نسبت سان هن سُر کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه ‘حسيني’ سڏيو آهي. شاهه جي شارح ڪلياڻ آڏواڻيءَ لکيو آهي ته حسيني هڪ نامياري فارسي ۽ عربي سُر جو نالو آهي ۽ ماتمي سُر آهي. هن سر ۾ ڪربلا جي شهيدن جا مرثيا ڳايا ويندا آهن. شاهه صاحب هن سُر ڏانهن ‘سُر حسينيءَ’ جي آخرين بيت ۾ هي اشارو ڪيو آهي ته:
حسيني حسين لئه، بيبيءَ پاڻ چئي،
تِهان پوءِ ٿئي، خبر ٻيءَ خلق کي!
موسيقيءَ جي ماهر پير بهاءُ الدين ‘بها’ سرهنديءَ لکيو آهي ته، “شاهه لطيف هن سُر حسينيءَ کي بلڪل پنهنجي طريقي سان ايجاد ڪيو آهي. ٻين ڪافي ٺاٺن سان به هن جو ميل محسوس ٿئي ٿو. مگر ‘ٺاٺ ڪافي’ جو اثر هن سُر تي ڪافي نظر اچي ٿو. جيئن ته ڪافي ٺاٺ مان ڀيم پلاسي، ڀاڳيسري، جئجئه ونتي وغيره راڳ، راڳڻيون پيدا ٿيل آهن. هي سُر اڙانا، سورداسي ملهار ۽ انهن راڳن ۽ راڳڻين جو مرڪب چئون ته به غلط نه ٿيندو. ڪافي ٺاٺ جو طريقو کرج، تيور رکب، ڪومل گنڌار، ڪومل مڌم، پنچم، تيور ڌيوت ۽ ڪومل نکاد سان ئي موجود آهي. ان ڪري هن سر کي ڪافي ٺاٺ مان چوڻ بلڪل موزون ٿيندو. جيئن ته سُر حسينيءَ کي هندستاني راڳ ۾ حسيني ڪانرو به چئبو آهي، پر شاهه لطيف جي سُر حسينيءَ ۾ کرج وادي ۽ پنچم سموادي لڳي ٿو، ان ڪري ‘سُر حسيني ڪانره’ کي ويجهو آهي. شاهه لطيف جي سُر حسينيءَ کي نج سُر چئجي ته غلط نه ٿيندو. حسيني ڪانرو، سلطان حسين شرقي جونپوريءَ جي ايجاد آهي.”
سُر حسيني، داستانن ۽ بيتن جي لحاظ کان شاهه جي رسالي جي وڏن سُرن مان هڪ آهي، جنهن ۾ 12 داستان آهن، جيڪي واين ۽ بيتن تي مشتمل آهن، جن جو تعداد مختلف رسالن ۾ مختلف ڄاڻايل آهي.
هن سُر ۾ مسلسل جدوجهد ۽ اڻٿڪ محنت کي اصل منزل ڄاڻايو ويو آهي. هن سر ۾ سسئيءَ جي سورن جو داستان دلسوز انداز ۾ بيان ٿيل آهي. جنهن ۾ سسئيءَ جي هجر فراق، آنڌ مانڌ، انتظار، بيچيني، بيقراري ۽ اڪيلائيءَ جي حالت، جدائيءَ جي جهوريءَ ۾ جهڄڻ، کامڻ، پچڻ ۽ پڄرڻ واري ڪيفيت جا اهڃاڻ ۽ ڪشالا ڪاٽڻ، جبل جهاڳڻ، تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهن، رڃ، رڻ ۽ روهن جي اڻانگن رستن جو ذڪر ملي ٿو.
لطيفيات جي ماهرن موجب هيءُ سُر يارهين صديءَ عيسوي ڌاري سومرن جي اوائلي دؤر ۾ اُسريل داستان سسئي پنهونءَ سان تعلق رکي ٿو. هن سُر ۾ سُڃ، رُڃ ۽ اُڃ جھڙين مصيبتن کي منهن ڏيندي سسئيءَ پاران پنهونءَ جي پويان ڪيل پنڌ ۾ سندس ثابت قدم رهڻ، عزم ۽ استقلال ۾ ذرو به نه لڏڻ، دوزخ جھڙي ساڙيندڙ ڏينهن جو سفر ڪرڻ، ڏکن باوجود ڏوراپو نه ڏيڻ جو ذڪر نمايان ملي ٿو. شاهه سائين، سسئيءَ جي ڪيفيت کي اُن ريت بيان ڪيو آهي ته هوءَ ٻن ڄيرن جي وچ ۾ آهي، هڪ رڻ جي تپش، ٻي عشق جي آتش:
جان جيئين تان جل، ڪانهي جاءِ جلڻ ري،
تتيءَ ٿڌيءَ هل، ڪانهي ويل ويهڻ جي.
-
جيئن جيئن ڀڄي رات، تئن تئن تاڻي پنَڌَ ۾،
ڀورِيءَ ٻي نه تات، جيڪا سَا جَتَن جِي.
-
بر مڙوئي بوءِ، ڇپرَ ڇاٽون مُڪيون،
ٻهه ٻهه ٿي ڀنڀور ۾، هنڌ مڙيئي هُوءِ،
راڻين وري رُوءِ، گوند لٿا گولئين!
(شاهاڻي، داستانبيت 8)
-
وَر ۾ ڪونهي ور، ڏيرن وَر وڏو ڪئو،
نهارينديس نڪري، بوتن ڪارڻ بر،
آڏو ٽَڪر ٽَر، متان روهه رتيون ٿئين!
(شاهواڻي، داستانبيت 2)
سُر ليلا چنيسر: شاهه جي رسالي ۾ هيءُ سُر، سنڌ جي رومانوي لوڪ داستان ‘ليلا چنيسر’ تي ٻَڌل آهي.
ليلا چنيسر جي سُر ۽ راڳ جي نوعيت بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ‘شاهه جي رسالي’ جلد پنجين جي مقدمي ۾ لکي ٿو ته، “ليلان چنيسر جي ڳاهه واريون ‘ڳاهون’ ڪنهن آڳاٽي وقت کان وٺي ڳايون ويون، جو اها ڳالهه صديون اڳ مشهور ٿي. ڳاهه کڻندڙ فقيرن جڏهن ڳالهه سر سان ڳائي ته ان سر کي به ‘سُر ليلان’ سڏيائون. ڳائڻ وارو اهو سر ليلان اڳ هلندڙ هو، ۽ پوءِ جڏهن شاهه جو راڳ شروع ٿيو ته ان ۾ به اهو سر ليلان سڏيو ويو.” هندستاني سنگيت ۾ ليلا نالي ڪا به راڳ يا راڳڻي نه ٿي ملي. البت شاهه لطيف رسالي جي هن سر لاءِ هندستاني سنگيت مان راڳ جي چونڊ ڪئي وئي، جنهن ۾ سندس فقيرن ڪلام ڳايو.
سُر ليلا چنيسر جي راڳ بابت موسيقيءَ جي ماهرن ۽ محققن جا مختلف رايا آهن. برک اديب ۽ شاهه جي پارکو آغا سليم جو رايو آهي ته، ‘هي سر راڳ پهاڙيءَ ۾ ڳائجي’، جنهن جي وضاحت ڪندي، پنهنجي ڪتاب ‘سنڌي موسيقيءَ جي روايت ۽ شاهه جي رسالي جا سُر’ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو، “پهاڙي راڳ جو تعلق سنڌ سان آهي. هن ۾ ڪافي راڳ ۽ سنڌ جا سُر لڳندا آهن، پر ڪلاسيڪي پهاڙي راڳ ۽ سنڌي پهاڙي راڳ ۾ فرق آهي. ڪلاسيڪي پهاڙي راڳبلاول ٺاٺ’ جو اوڊو شُڌ راڳ آهي. مڌم ۽ نکاد جا سر ورجت آهن. هر وقت ڳائي سگهجي ٿو. هن ۾ کرج جو وادي ۽ پنچم جو سموادي هجڻ چڱو لڳندو آهي ۽ مندر سپتڪ ۾ ڌيوت مزو ڏيندو آهي. ڪٿي ڪٿي پهاڙي ڀوپالي لڳندي آهي، ان ڪري ڳائڻا هن ۾ مڌم جو ڪن يعني ‘ما’ جو سُر ڪمزور ڪري لڳائيندا آهن.”
گرنٿ ۾ به پهاڙي نالي راڳ ملي ٿو، جو ڀيرون ٺاٺ تي ڳائجي ٿو، پر اڄ ڪلهه اِن جو رواج ناهي، گرنٿ ۾ نکاد کي ڪومل ڪري ڪماچ ٺاٺ ۾ بيان ڪندا آهن. اهڙي روپ کي اڄڪلهه ‘پهاڙي جهنجهوٽي’ چون ٿا. آغا سليم هڪ ٻئي هنڌ لکي ٿو، “سنڌ ۾ پهاڙي راڳ کي مڌم کان شروع ڪندا آهن. يعني ته مڌم کي کرج ڪيو ويندو آهي، ته جيئن هن جا سر مٿانهان رهن، پر جيڪڏهن ائين نه ڪجي ۽ اصل کرج کان شروع ڪجي ته پنچم تائين وڃبو آهي.”
پورو انگ جو هيءُ راڳ ڀيرو ٺاٺ جو سمپورڻ راڳ آهي. پر هن راڳ ۾ ٻئي رکب استعمال ڪيا ويندا آهن. آروهيءَ ۾ رکب ڪومل ۽ امروهيءَ ۾ رکب جو تيور سر استعمال ٿيندو آهي. راڳ جي آروهي ۽ امروهي هن ريت آهي:
آروهي: سا ر گا ما پا ڌا ني سا
امروهي: سا ني ڌا پا ما گا ر سا.
هن راڳ جو وادي سر مڌم آهي، پر ڪي گنڌار کي به وادي سر ڪري استعمال ڪندا آهن. هن راڳ ۾ ٻئي رکب لڳن ٿا، ان ڪري هي راڳ پنهنجي هم جنس رڳان کان جدا ٿي پوي ٿو.
‘سنڌي جوڳ’ ۾ سنڌ ۾ ڪافيون سٺي انداز ۾ ڳايون وينديون آهن. هي راڳ به مٿين سرن ۾ وڌيڪ وڻندو آهي. سنڌي جوڳ جي ڳائڻ جو وقت صبح آهي. اِهو راڳ ٻن رکبن لڳڻ جي ڪري راڳ پرڀات کان پوءِ ڳائجي ٿو.
پير بهاءُ الدين سرهندي لکي ٿو ته، “شاهه سائينءَ جو سُر ليلان چنيسر گهڻن راڳن ۽ راڳڻين جو مرڪب محسوس ٿئي ٿو. ‘سورداسي ملهار’ ۾ ته اُن جو ڪافي رنگ موجود آهي، ڇاڪاڻ جو شڌ ملهار ۾ گنڌار ۽ نکاد ممنوع آهي ۽ شاهه جي هن سُر ۾ اُن کي جائز رکيو ويو آهي، اُن ڪري هن سُر کي نج ‘سورداسي ملهار’ يا شڌ ملهار جو راڳ نه ٿو چئي سگهجي. مثال طور: ‘شڌ ملهار’ جو طريقو هي آهي:
سا، ري، ما، پا، ما، پا، ڌا، سا.
سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا.
ڪجهه ٻين راڳن ۽ راڳڻين ۽ مختلف ٺاٺن مان ٿورو ٿورو حصو هن سُر کي ضرور مليل ڏسڻ ۾ اچي ٿو، اُن ڪري هن ‘سُر ليلا چنيسر’ کي به شاهه سائينءَ جو خاص تخليق ڪيل سُر چئجي ته وڌاءُ هرگز نه ٿيندو.
[‘شاهه جو راڳ’، ص 675]
شاهه لطيف هن سُر ۾ ور ۽ ونيءَ واري رشتي جي پيار ۽ اعتبار واري موضوع کي کنيو آهي. شاهه لطيف هن سر ۾ قصي جي ڪن اهم ٽاڻن ۽ اهڃاڻن جي حوالي سان ور ۽ ونيءَ جي نازڪ رشتي کي نباهڻ لاءِ اعليٰ انساني ڪردار جا رخ روشن ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي ڪن ريتن، رسمن، رواجن، جهڙوڪ: ڏانوڻ ڏائڻ، ڍڪڻ تي پير رکي ڀڃڻ ۽ ڏهاڳڻ ٿيڻ جو به ذڪر ڪيو آهي. گڏوگڏ عورت جي سماجي حيثيت، سندس ڳهن ڳٺن سان دلچسپي وغيره ۽ مرد جي سماجي رتبي، انا، ڏمرجڻ واري مزاج ۽ ذاتي لاڙن بابت به ڪي اشارا ڏنا آهن. شاهه لطيف سُر جي هڪ پاسي نياز نوڙت اختيار ڪرڻ، غرور ۽ تڪبر کان پاند بچائڻ، نفس جي فريب ۾ ڦاسڻ، دنيا جي چمڪ تي انسان جو موهجڻ ۽ ان جو نتيجو ڀوڳڻ، سينو ساهڻ، ماڻهوءَ جي صحيح قدر قيمت سڃاڻڻ، پاڻ وڃائڻ ۽ منزل ماڻڻ واري پهلوءَ کي نروار ڪيو آهي، ته ٻئي پاسي پِسماني، پڇتاءُ، عارضي خواهشن جي تڪميل، دنيا جي لذتن، لوڀ لالچ، همدردي، غفلت، گمراهيءَ، ظاهري رنگ روپ جي ذڪر سان گڏوگڏ اعليٰ فهم ۽ فڪر جا نت نوان رخ روشن ڪيا آهن.
هن سر ۾ شاهه لطيف وحدت واري فڪر جي اعليٰ نُڪتن جي اُپٽار ڪري واضح ڪيو آهي ته، محبت واري رشتي ۾ ڀائيواري برداشت جوڳي نه آهي. شاهه لطيف هن سُر ۾ نه رڳو مجازي ڪيفيتن جا عڪس چٽيا آهن، بلڪ تصوف ۾ روحاني رمزن جا پڻ انيڪ نڪتا بيان ڪيا آهن ۽ سالڪ کي تنبيهه ڪري ٻڌائي ٿو ته خالق پنهنجي سالڪ سان بيحد محبت ڪري ٿو ۽ سالڪ کي گهرجي ته هو اِن محبت ۾ ڪنهن کي به شريڪ نه ڪري، نه ته رب جي ڪرم ڀري نگاهه مٿانئس هٽي ويندي.
رسالي جي هن سُر ۾ ٽي داستان آهن. مختلف رسالن ۾ بيتن ۽ واين جي تعداد ۾ اختلاف موجود آهن.
تو جو ڀانئيو هار، سو سُورن جو سڱرو،
چنيسر چِت کڻي، ٿيو پورهيت جو پار،
اَوَڻَتِ جو آچار، ڪانڌ ڪنهين سين مَ ڪري.
(شاهواڻي، داستان پهريون، بيت 9)
وڏيري هياس، چنيسر جي راڄ ۾،
دُهلين، دمامين، نقرين، ٿي پلپل پڇياس،
ڍولي ڍيلياس، ٿيس ڏهاڳڻ ڏيهه ۾.
(آڏواڻي، داستانبيت 4)
سُر مومل راڻو: هيءُ سُر سنڌ جي مشهور عشقيه داستان مومل راڻي جي قصي تي آڌاريل آهي. هي سر جماليات، حسن، عشق، انتظار جي احساسن سان ڀريل آهي، جنهن ۾ شاهه لطيف ڪن خاص ٽاڻن جي حوالي سان ڪلام جي روشنيءَ ۾ اعليٰ فهم ۽ فڪر جا نت نوان رخ روشن ڪيا آهن.
شاهه لطيف هن سُر ۾ ڪهاڻيءَ جا اُهي حصا، جيڪي عقل کان بعيد ٿا لڳن يا مافوق الفطرت ڳالهيون، جيڪي پراڻي دور جي قصن ۾ رنگين بيانيءَ لاءِ شامل ڪيون وينديون هيون، تن کي نظر انداز ڪيو آهي. سر جي ڪنهن به داستان ۾ ڪرامتي ڏند، جادوءَ جي زور تي درياهه جي سُڪي وڃڻ ۽ ان ۾ راجا جي خزانو لڪائڻ جو ذڪر نٿو ملي. هن سُر ۾ شاهه لطيف داستان جي بنيادي نُڪتن کي پنهنجي مخصوص انداز ۾ بيان ڪيو آهي.
سنڌ جي ڳائڻ جي روايت ۾، مومل راڻي جي ڳالهه ۽ ان جون ڳاهون ڪنهن آڳاتي وقت کان وٺي، جنهن سُر ۾ ڳايون ويون، تنهن کي ‘راڻو’ سڏيو ويو. ‘سر راڻو’ يا ‘راڳ راڻو’ سنڌ جو آڳاٽو عام مقبول راڳ آهي. هن وقت تائين انهيءَ ڳالهه جي موضوع واريون ڪافيون سڄي سنڌ ۾ ‘سُر راڻي ’ ۾ ڳائجن ٿيون. ٻيو ته سنڌ ۾ ڳائڻ جي رسم ۽ روايت موجب ‘راڻو’ آڌيءَ رات بعد ‘وهاڳ’ کان پوءِ يعني لڙيءَ آڌيءَ کانپوءِ اسر تائين ڳايو ويندو آهي. ‘شاهه جي راڳ’ ۾ ‘سُر راڻو’ لڙيءَ رات جو ڳايو ويو آهي. هن سر جو نالو شروع کان ئي ‘راڻو’ رهيو، پر پوءِ ڪاتبن ‘شاهه جي رسالي’ ۾ هن سر جو عنوان ‘سُر مومل راڻو’ لکڻ شروع ڪيو، ۽ اوائلي دور جي گهڻن ئي رسالن ۾ به اهو عنوان ڏنل آهي، پر ‘گنج’ ۾ سُر جو نالو ‘راڻو’ لکيل آهي. راڳ جي لحاظ سان هن سُر جو صحيح نالو ‘راڻو’ ئي آهي، نه ڪي ‘مومل راڻو’. سنڌ سنگيت ۾ به ‘راڻي ’ جي نالي سان ڳائجي ٿو.
هندستاني سنگيت ۾ ‘سنڌوي’ نالي ڪافي ٺاٺ جو راڳ ملي ٿو، جنهن جي آروهي ‘راڻي ’ وانگر اوڊو ۽ امروهي سمپورڻ آهي. راڳ ‘سنڌوي’ ۽ ‘راڻي ’ جي چال ۾ هڪجهڙائي آهي. اُستاد امير علي خان جو به ساڳيو رايو آهي ته، رسالي جو سُر مومل راڻو ‘راڳ سنڌوي’ ۾ ڳائجي ٿو. راڳ ‘سنڌوي’ سنڌي موسيقيءَ ۾ راڻو ان ڪري سڏجي ٿو، جو هڪ ته ڪلام جو اثر، ٻيو شاهه لطيف پنهنجي راڳ جي نظام ۾ ‘سنڌوي’ بدران راڻي جي نالي سان رائج ڪيو.
‘سنڌوي’ ڪافي ٺاٺ جو اوڊو سمپورڻ راڳ آهي، وادي سُر کرج (سا) ۽ سموادي پنچم (پا) آهي. راڳ جي چال هيٺينءَ ريت آهي:
آروهي: سا ر ما پا ڌا سا
امروهي: سا ني ڌا پا ما گا سا
هن سُر ۾ نوَ داستان آهن. مختلف رسالن ۾ بيتن ۽ واين جو تعداد مختلف آهي.
جوڳيءَ تي جڙاءُ، نسورو ئي نينهن جو،
پتنگ جئن پيدا ٿئو، سج وڙاءُ'>سامي سج وڙاءُ،
آيو ڪاڪ تڙاءِ، ڪُنئارِن ڪڪوريو!
-
ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، چؤڏِس چٽاڻو،
منجهين ڪاڪ ڪڪوري، منجهين لُڊاڻو،
راڻو ئي راڻو، ريءَ راڻي ٻيو ناهه ڪو.
-
هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نينهن اُڇل،
نه ڪا جهل نه پل، سڀڪا پسي پرينءَ کي!
سُر مارئي: سُر مارئيءَ جو پس منظر، عمر مارئيءَ جي قصي تي آڌاريل آهي. هن سر ۾ وطن جي حب مرڪز ي موضوع آهي. هن سر ۾ شاهه لطيف جهوپڙن ۾ رهندڙ جهانگين جي ڏکي، مگر محبت ڀري رهڻي ڪهڻيءَ کي ماڙين محلن ۾ رهندڙن جي سک ۽ عيش آرام واري پابند زندگيءَ تي فوقيت ڏني آهي.
شاهه لطيف هن سر ۾ سنڌ جي ثقافتي ۽ تمدني قدرن ۽ زندگيءَ جي حقيقي تصوير چٽي آهي. هن هڪ پاسي غريب اٻوجهن، مسڪينن جي سادگي، خلوص، رواداري، برابري، اخلاقي اصولن جي پابندي، نهٺائي، اصول پرستي، قلبي اطمينان ۽ عوامي ثقافت جون خوبيون بيان ڪيون آهن ته ٻئي پاسي حاڪم طبقي جي ماڻهن جي هٺ، وڏائي، پاڻ پڏائڻ، پرماريت، حق ڦٻائڻ، خواهشن جي پورائيءَ لاءِ اخلاق جي هر حد اورانگهڻ جو ذڪر ڪيو آهي. شاهه لطيف سنڌ جي سادي فطري زندگيءَ، مزاج ۽ ذهني لاڙن ۽ نفسياتي ڪيفيتن کي نکيڙي نروار ڪرڻ سان گڏوگڏ سماج جي اعليٰ قدرن، اخلاقي خوبين ۽ زندگيءَ جي مختلف پهلوئن جي ڳڻن جو به ڀرپور نموني اظهار ڪيو آهي.
هن سر ۾ نه رڳو وطن جي حب ۽ سماج ۾ اڻ برابريءَ خلاف مزاحمت ۽ خود مطلبي ۽ جبر جي زور تي هٿرادو ٺاهيل قاعدن ۽ قانونن جا اهڃاڻ ملن ٿا. شاهه لطيف سر مارئيءَ ۾ ٿر جي ريتن، رسمن، پوشاڪن، ڪيرت، ذاتين، ڏکن ڏاکڙن، سورن سختين، اباڻن جي اڪير، صبر، حوصلو، گڏيل مقصد لاءِ قربان ٿيڻ، پکن سان پريت جي پچار، مارن جي سار، اميد، انصاف، آزمائش، اوسيئڙي، همت، جرئت ۽ پاڪدامنيءَ واري پهلوءَ کي ظاهر ڪيو آهي.
هي سُر شاهه لطيف جي اعليٰ فڪر جي پڻ ڪنجي سڏيو وڃي ٿو، جنهن ۾ شاهه لطيف حب الوطني، مستحڪم ارادي ۽ طاقت، جبر ۽ ڏاڍ جي مقابلي جي ڳالهه ڪئي آهي.
سُر مارئيءَ جي حوالي سان، اُن جي نوٽيشن (سُرن جي ترتيب) ’شاهه جي راڳ‘ جي نسبت سان اُستاد امير عليءَ بيان ڪندي لکيو آهي ته “اُنهيءَ جي سرگم مان ٻه ٺاٺ- ‘ڪافي ٺاٺ’ ۽ ‘بلاول ٺاٺ’ پيدا ٿين ٿا. پير بهاءُالدين سرهندي، اُن جي تصديق ڪندي لکي ٿو ته، “سر مارئي، واقعي ٻن ٺاٺن يعني ‘ڪافي ٺاٺ’ ۽ ‘بلاول ٺاٺ’ مان حاصل ڪيو ويو آهي. تِيور گنڌار ۽ ڪومل گنڌار، ۽ تيور نِکاد ۽ ڪومل نکاد جي لڳڻ سان سُر مارئي بلڪل منفرد بنجي پوي ٿو ۽ ظاهر ٿي بيهي ٿو:
سا، ري، ما، پا، ني سا
سا، ني، ڌا، پا، ما، پا، ما، ري، سا.
‘ڪافي ٺاٺ’ مان ‘رامداسي ملهار’ جيڪو پڻ نج سنڌي راڳ آهي ۽ سُر مارئيءَ ۾ اُن ڪافي اثر ڇڏيو آهي. ‘رامداسي ملهار’ سان سر مارئي بلڪل مشابهت رکندڙ آهي. هن ۾ ٻئي گنڌار يعني تيور گنڌار ۽ ڪومل گنڌار مستعمل آهن، باقي سُر شڌ استعمال ٿيندا آهن.
برن سمپورن، وِڪرسمپورڻ.
وادي سُر مڌم، سموادي سُر تار، سبتڪ جي ‘سا’ آهي.
آروهي: سا، ري، پا، گا، ما، پا، ني، ڌا، ني، سا
امروهي: سا، ڌا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ما، پا، گا، گا، ري، سا.
هيءَ راڳڻي، شُڌ گنڌار جي استعمال ڪرڻ سان ٻين ملهارن کان جدا ٿي ويندي آهي.
هن راڳڻيءَ ۾ ‘شاهانا’ ۽ ‘گونڊ’ راڳن جي آميزش موجود آهي. راڳڻيءَ جو زياده زور اُترانگ ۾ رهندو آهي. هن راڳڻيءَ ۾ آروهيءَ ۾ ‘ري، پا’ ۽ امروهيءَ ۾ ‘ما، ري’ کي بار بار استعمال ڪرڻ سان اُن جي شڪل ظاهر ٿي پوندي آهي.
خاص تان: ڌا، پا، ما، گا، ما، پا، گا، گا، ري، سا.
تيور گنڌار ۽ ڪومل گنڌار لڳائڻ جي ڪري هيءُ سر ٻن ٺاٺن جي نشاندهي ڪري ٿو. ان کان علاوه ٻئي نکاد به ٻن ٺاٺن جي اثر هيٺ هي سُر مارئي محسوس ٿئي ٿو. هن سُر ۾ راڳ ‘مهنس ڪنگنيءَ’ جو به ڪافي اثر شامل آهي، جيڪو پڻ ‘ڪافي ٺاٺ’ جو راڳ آهي.
(شاهه جو راڳ، جلد 1، ص 758)
سُر مارئيءَ ۾ 11 داستان آهن، جن ۾ بيتن ۽ واين جو تعداد، مختلف قلمي نسخن ۽ رسالن ۾ موجود آهي.
مون ماروءَ سين لڌيون، لوئيءَ ۾ لائون،
سون برابر سڳڙا، مون کي ٻانهُن ٻَڌائون،
عمر جو آئون، پَٽُ ڪيئن پهريان سومرا!
(شاهواڻي، داستان ٽيون، بيت 6)
سُر ڪاموڏ: شاهه جو هي سُر، نوري ڄام تماچيءَ جي قصي سان لاڳاپيل آهي. راڳ جي حوالي سان ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي خيال ۾ سُر ڪاموڏ ‘ڪامودا’ جو بگڙيل روپ آهي، جنهن جو مطلب آهي: ‘ڪام يا پريم وهيڻي’. ‘ڪامودا’ ديپڪ راڳ جي پنجن زالن مان هڪ آهي ۽ سمپورڻ راڳڻي آهي، ۽ ٻنپهرن جو ڳائبي آهي. هن سُر ۾ وصل جي ميٺاڄ جي وائي آهي. استاد امير عليءَ موجب: شاهه جا فقير جهڙيءَ ريت ڪاموڏ آلاپين ٿا، ان جو آلاپ شام کان اڳ جو آهي. هن راڳ جو وادي سُر پنچم ۽ سموادي سُر رکب آهي. پنڊت سومناٿ، گرنٿ ڀاوي سنگيت ۾ لکي ٿو ته سُر ڪاموڏ بلاول ٺاٺ جو راڳ آهي. دکن جا پنڊت هن راڳ ۾ پنچم ۽ ڌيوت کي استعمال نه ٿا ڪن. هندستان جي مشهور ميوزيشن پنڊت وشنو نارائڻ ڀاتکنڊي (وفات: 1936ع) پنهنجي ڪتاب ‘معارف النغمات’ ۾ لکي ٿو ته سُر ڪاموڏ جي آروهيءَ ۾ گنڌار، ڌيوت، نکاد جو استعمال نه ٿو ڪيو وڃي. ان ريت استاد امير عليءَ جي خيال ۾ سر ڪاموڏ، ٽيڙي رنگ جو وِڪر راڳ آهي. جڏهن ته موسيقيءَ جو ماهر پير بهاءُ الدين سرهندي ان راءِ جو آهي ته لطيف جو سُر ڪاموڏ، بلاول ٺاٺ مان محسوس ضرور ٿئي ٿو، پر هن سُر کي خالص بلاول ٺاٺ مان نه ٿو چئي سگهجي. هونئن به بلاول ٺاٺ خود جيڪڏهن غور ڪبو ته راڳ هنڊول جي راڳڻيءَ طور محسوس ڪبو آهي ۽ ان کي بلاوليءَ جي نالي سان مشهور ڪيو ويو آهي. پر هن جو مستند نالو بلاول اڄ تائين مروج آهي. راڳ جا نائڪ هن کي ڪلياڻ ۽ ڪيدارا سان مرڪب ڪري سمجهندا آهن. ان ڪري ئي سر ڪاموڏ، ٽنهي سُرن- بلاول ٺاٺ، ڪلياڻ ۽ ڪيدارا وغيره- سان مشابهت آهي. بلڪ ڪاموڏ کي ٽنهي سُرن جو مرڪب چئجي ته به غلط نه ٿيندو. بلاول ٺاٺ ۾ ڪي راڳ صبح جي وقت ته ڪي وري رات جو ڳايا ويندا آهن ۽ اُهي اترانگ ۽ پُور وانگ ۾ ڳايا ويندا آهن. اهو طريقو ٻئي ڪنهن به ٺاٺ ۾ نه آهي. هن سُر جو وادي سُر پنچم ۽ سموادي ريکب آهي. مطلب ته هي سر ڪاموڏ نج سنڌي راڳ آهي، باقي ان سر جو ميلاپ ٻين ٺاٺن سان ضرور آهي. ڪي راڳ جا ڄاڻو بلاول ٺاٺ جي هن راڳ ۾ پنچم ۽ ڌيوت ڪم نٿا آڻين، پر لطيف جا راڳي انهن کي استعمال ڪن ٿا.
هن سُر جي ڪهاڻي نوري ڄام تماچيءَ جي رومانوي داستان تي آڌارت آهي.
نوري ذات جي مهاڻي هئي. سندس ذات وارا ڪينجهر ڍنڍ تي مڇي ماريندا هئا. انهن ڏينهن ۾، سمي گهراڻي جي هاڪاري حاڪم ڄام تماچيءَ جو راڄ هو. مسڪين مهاڻن جو گذران مڇيءَ تي هوندو هو ۽ هو رهندا به ٻيڙين ۾ ئي هئا. مهاڻيون واٽ تي وڪري لاءِ مڇين جون کاريون کڻي وهنديون هيون. مهاڻن جا جسم ڪارا ڪوجها ۽ بدبوءِ هاڻا هئا. سندن ٻار سارو ڏينهن لڌڙن وانگر پاڻيءَ ۾ پيا تڙڳندا هئا. ڌڻيءَ اهڙيءَ ذات ۾ به نوريءَ جهڙو ماڻڪ پيدا ڪيو هو. ‘نوريءَ’ جي معنيٰ ئي آهي: ‘روشنيءَ واري’، نوريءَ جو حسن نوراني هو.
هڪ ڏينهن ڄام تماچيءَ، شڪار جي سانگي، ٻيڙيءَ ۾ چڙهي، ڪينجهر جو سير پئي ڪيو ته سندس نظر وڃي نوريءَ تي پئي. گندريءَ جي نيڻن کيس گهائي وڌو. پوءِ ته سندس مائٽن کان سڱ گهري، ساڻس نڪاح وڌائين ۽ مهاڻن کي هيرن، لعلن ۽ فيروزن سان نوازيائين. سڀيئي سميون نوريءَ جي سلام تي وينديون هيون، پر نوري هميشه نياز ۽ نئڙت سان ڄام کي پيش ايندي هئي.
هڪ دفعي، ڄام تماچيءَ، نوريءَ جي نياز جي پرک لهڻ لاءِ، سمين کي چيو ته، “اڄ شام جو مڙيئي سنڀري ويهجو، پوءِ جيڪا وڻندم، تنهن کي پاڻ سان گهمائڻ وٺي ويندس.” سڀئي سميون، ڏاڍا هار سينگار ڪري، تيار ٿي ويٺيون، پر نوري پنهنجو اباڻو وڳو پهري، ڪنڌ نوائي ويهي رهي. اِهو ڏسي، ڄام کيس پاڻ سان گڏ وٺي ويو، ۽ موٽي اچي، کيس پنهنجي پٽ راڻي ڪيائين.
‘جئن سڳو وچ سرندڙي، تئن راڻين ۾ راڻي
ڪلياڻ آڏواڻي لکي ٿو ته هن سُر ۾ شاهه، ‘الٽي طلب’ جو ذڪر ڪيو آهي. ڌڻي به انهن مسڪينن تي فدا آهي، جن کي ظاهر ۾ ڪو به زيب يا زينت ناهي ۽ جن جو ڳهڻو نهٺائي ۽ خاڪساري آهي. دنيا جي نظر ۾ اهڙا انسان خسيس آهن، پر مالڪ وٽ انهن جو وڏو ملهه ۽
مـان آهـي. خـدا جي درگاهه ۾ نه هـار سيـنگار هلي ٿو ۽ نه ئـي اتي ڪو حسب نسب جو حساب آهي. سائينءَ وٽ اهي اگهن ٿا، جي سراپا نياز آهن. هنن تي ڌڻي ائين موهت ٿيو پوي، جيئن تماچي نوريءَ تي مفتون ٿيو.
هن سُر ۾ ٻه داستان آهن ۽ مختلف رسالن ۾ بيتن جو مختلف تعداد آهي.
ٿيا تماچيءَ ڄام سين، مهاڻا محروم،
ننڍيءَ وڏيءَ گندريءَ، مٿي ماڙيءَ ڌوم،
جي ڪينجهر جي روم، سي سڀ انعامي ٿيا.
-
مهاڻيءَ جي من ۾، نه گيرب، نه گاءُ،
نيڻن سين ناز ڪري، ريجهائين راءُ،
سمون سڀن ملاءُ، هيريائين حرفت سين.
-
هيٺ جر، مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراهه،
اچي وڃي وچ ۾، تماچيءَ جي ساءِ،
لڳي اتر واءُ، ڪينجهر هندورو ٿئي.
-
هيٺ جر، مٿي مڃر، ڪنڌيءَ ڪنور ترن،
ورئي واهوندن، ڪينجهر کٿوري ٿئي.
-
ڪو جو ڪامڻ مي، آهي اکڙين ۾،
تن تماچيءَ ڄام جو، ناڀون پايون نئي،
عشق ائين ڪري، جئن ڄارو ڄام ڪُلهي تي.
سُر گهاتو: هن سر جو موضوع معنيٰ ۽ منظر جي لحاظ کان ڳرو ۽ ڳُوڙهو آهي. هيءُ گهاتن جو سُر آهي. يعني انهن بهادرن جو بيان آهي، جيڪي وڏي ڄاڻ وارا آهن ۽ خوفائتي سمنڊ ۾ خطري وارن ماڳن تي وڃي، وڏين مڇين ۽ مانگرن کي مارين ٿا، اهڙو هڪ خوفائتو ماڳ ڪلاچيءَ جي ڪُن جو آهي. جتي گهاتو وڃن ٿا ۽ سلامت نه ٿا موٽن. گهاتوءَ جو موضوع سڀ کان پهرين شاهه لطيف وٽ باقاعدي سُر جي صورت ۾ ملي ٿو. هن کان اڳ وارن رسالن ميين شاهه عنات يا شاهه لطف الله قادريءَ وٽ ان موضوع تي سُر ته ٺهيو، پر هڪ بيت به نه ٿو ملي.
سُر گهاتو نهايت نرالو سُر آهي، جنهن ۾ مورڙي ميربحر جي سورهيائي ۽ سوڀاري ٿيڻ جو بيان آهي.
سنڌ جي عالمن مطابق گهاتو ڪنهن به هندستاني راڳڻيءَ جو نالو نه آهي. پير بهاءُ الدين جي راءِ آهي ته، سُر گهاتو، بلاول ٺاٺ سان ڪافي ملي ٿو ۽ اُن سان گڏوگڏ هن ۾ ‘گوڙ سارنگ’ جا سُر به ملي وڃن. ‘بـلاول ٺـاٺ’ جـي وضـاحـت مختلـف سُـرن هـيـٺ ٿيـل آهـي، هتـي رڳـو
‘گوڙ سارنگ’ جي وضاحت ڪجي ٿي، جنهن کي سمجهڻ سان شاهه سائينءَ جي سُر گهاتوءَ جي ڪافي چٽائي ٿي ويندي ۽ سُر کي سمجهڻ
۾ آساني ٿيندي. ‘گوڙ سارنگ’ ۾ تيور مڌم ۽ ڪومل ٻئي مستعمل آهن. آروهيءَ ۾ نکاد ممنوع آهي. هن جو وادي سُر گنڌار ۽ سموادي سُر نکاد آهي. پر ڪي نائڪ وري سموادي سُر ۾ ڌيوت کي به استعمال ڪندا آهن.
آروهي: ني، سا، گا، ري، ما، گا، پا، ما، ڌا، ما، پا، سا.
امروهي: سا، ني، ڌا، پا، ما، پا، ڌا، پا، گا، ري، ما، گا، پا، ري.
خاص تان: ني، سا، گا، ري، ما، گا، پا، ري، سا.
وقت: ڏينهن جو ٽيون پهر.
‘گوڙ/ گوڊ سارنگ’، ‘ڪلياڻ ٺاٺ’ جو راڳ آهي. ان ڪري، بلڪل ظاهر ٿي پيو ته [شاهه سائينءَ جو] سُر گهاتو، ٻن ٺاٺن- هر هڪ ‘بلاول ٺاٺ’ ۽ ‘ڪلياڻ ٺاٺ’ مان ئي حاصل ڪيو ويو آهي. شاهه صاحب جي چالو سُر ۾ تمام ٿوري فرق سان ‘سُر گهاتو’ وجود ۾ اچي ٿو.
هن سُر ۾ ڪل ٻه داستان شامل آهن. داستان پهرين ۾ 17 بيت ۽ هڪ وائي ۽ داستان ٻئي ۾ 8 بيت شامل آهن.
مَـتـو آهيـن مڇ، ٿلهـو ٿو ٿُونـا هڻيـن،
جا تو ڏٺي اَڇ، تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا.
(ڊاڪٽر بلوچ، داستان ٻيو، بيت 1)
گهوريندي گهور پيا، اگهور گهُوريائون،
ميڪـر ماريـائـون، مـلاحـن مُـنھ سـنـرا.
(شاهواڻي، داستانبيت 15)
سُر سورٺ: ڊاڪٽر گُربخشاڻيءَ جي لکت موجب: ‘سورٺ’، سنسڪرت لفظ ‘سؤراشٽر’ جي بگڙيل بناوت آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ‘عُمدو مُلڪ’ يا ‘عمدي ملڪ جي’، جنهن کي هاڻ ‘ڪاٺياواڙ’ سڏجي ٿو.
وڌيڪ گربخشاڻي صاحب لکي ٿو ته، هندستاني گوين موجب: سورٺ هڪ راڳڻي آهي، جيڪا ‘ڀيرو راڳ جي ٽئين پُٽ ‘دِنَني پُريا’ جي زال آهي. شايد هيءَ راڳڻي سؤراشٽر ۾ عام جام ڳائي ويندي هئي، تنهنڪري مٿس اِهو نالو پيو آهي. هن راڳڻيءَ کي ‘سشر’ يعني گاڏڙ راڳڻي ڪري چوندا آهن، ڇو ته ڳائڻ وقت جڏهن کيس مٿي چاڙهبو آهي، تڏهن فقط پنج سُر لڳندا آهن، ۽ جڏهن هيٺ لاهبو اٿس، تڏهن ست ئي ساڻس لاڳو ٿيندا آهن.
ان حوالي سان سورٺ جا ٻه حوالا ۽ حيثيتون مستند آهن: هڪ سورمي ‘سورٺ’ ۽ ٻيءَ راڳڻي ‘سورٺ’، جيڪا هندستاني راڳ مالا ۾ موجود آهي. راڳ مالا ۾ اُن جي تصوير هن ريت نقش ڪيل آهي: ‘بدن تي ڳاڙها ڪپڙا اوڍيل اٿس ۽ مُنهن ۾ گهُنڊ پيل اٿس. سُڀاءَ جي گنڀير آهي ۽ روش پهلوانن جهڙي اٿس.’
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ لکيو آهي ته ‘سوراشٽر’ جو اُپٻيٽ ڪڇ ۽ کنڀات جي نارين جي وچ ۾ آهي. عيسوي 18 صديءَ جي وچ تائين انهيءَ نالي سان سڏبو ايندو هو، پر جڏهن مرهٽن جي هٿ ۾ آيو، تڏهن اُن جو نالو ڦيرائي ‘ڪاٺياواڙ’ رکيائون، ڇو ته اتي ‘ڪاٺي’ قوم [ذات] وڏي تعداد ۾ رهندي هئي ...” ڪاٺياواڙ/ سؤراشٽر مختلف ضلعن ۾ ورهايل آهي، جن ۾ سومناٿ، راجڪوٽ، ڄام نگر ۽ جهوناڳڙهه .... وغيره اچي وڃن ٿا. شاهه جي هن سُر جو مضمون راءِ ڏياچ ۽ سندس راڻي سورٺ جي قصي تي ٻڌل آهي.
راءِ ڏياچ جي داستان جي بُنيادي اهڃاڻن ۾ شاهه لطيف ۽ ٻين صوفي شاعرن خاص نُڪتي يعني ‘راءِ ڏياچ جو سر ڏيڻ’ کي بيان ڪيو آهي. قصي جا ٽي لافاني ڪردار: ڏياچ، ٻيجل ۽ سورٺ آهن.
هي قصو راڳ سان لاڳاپيل آهي، ٻيجل راڳ جي عيوض
راءِ ڏياچ کان سر گُهريو، جيڪو راءِ ڏياچ ڏنو. ان ڪري شاهه لطيف هن سُر ۾ راڳ ۽ ساز سان واسطو رکندڙ ڪيترا ئي لفظ، جهڙوڪ: چنگُ، راڳ، مڱڻهار، ساز، ربابي، قوال، ڪماچ، تند، تنوار، جاجڪ، عطائي، ڪينرو، ڪيرت، ٻارٽ، راڳائي، وائي، ميراثي، سُرندو، ڀاٽ، صدا، رون رون، چارڻ ۽ وڏاڻ وغيره ڪم آندا آهن.
سورٺ هندستاني راڳ مالا جي هڪ راڳڻي آهي، موسيقارن اُها کماچ ٺاٺ مان ڄاڻائي آهي. ڪلاسيڪي راڳن جي بنيادي تقسيم موجب انهن کي ڇهن مول راڳن ۾ ورهايو ويو آهي، جن جي استاد
محمد رضا خان نئين تقسيم ڪري انهن کي ڏهن ٺاٺن ۾ ورهايو آهي. استاد محفوظ کوکر، ان جي تقسيم ٻٽيهن ٺاٺن ۾ ڪئي آهي. سورٺ راڳڻي کماچ ٺاٺ سان واسطو رکي ٿي. هن راڳڻيءَ ۾ ٻئي نکاد ۽ باقي سڀ سر شڌ آهن. گنڌار برجت ۽ آروهيءَ ۾ ڌيوت به برجت آهي. ان جو قسم: اوڊو- کاڊو (5 - 6)، وادي سُر: رکب ۽ سموادي: ڌيوت آهي. قاضي ظهورالحق لکي ٿو ته منهنجي خيال ۾ هن جو سموادي سُر نکاد هُجڻ کپي، جو ڌيوت ته آروهي ۾ برجت آهي، اُن ڪري سموادي نه ٿيندو. هن سر جي ڳائڻ جو وقت، رات جو ٻيو پهر آهي. هن راڳڻيءَ ۾ مَڌم کان رکب جي مينڍ خوبصورت لڳندي آهي، اُها ئي هن کي ‘ديس ’ کان جدا ڪري ٿي. مشهور پاڪستاني موسيقار قاضي ظهورالحق پنهنجي ڪتاب ‘سُر سنسار’ ۾ لکي ٿو ته هيءَ راڳڻي مارواڙ ۾ وڌيڪ مقبول آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي تصنيف، ‘سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ’ ۾ سورٺ جي پرک ڪندي لکيو آهي، ‘ڄڻ ديس ’ ، ‘راڳڻي ديس ’ ، جنهن جي سورٺ سان تمام ويجهڙائي آهي. ان حد تائين جو، جي ڳائي ويندي ته سورٺ ڄاڻڻ وارو ان کي سورٺ ئي سمجهندو. هڪڙو باريڪ فرق آهي، جنهن کي فن جا استاد ئي محسوس ڪري سگهن ٿا. ديس به کماچ ٺاٺ جي هڪ راڳڻي آهي. هن ۾ ٻئي نکاد باقي سُر شڌ ۽ آخر آروهيءَ ۾ گنڌار ۽ ڌيوت برجت آهن: هن قسم: اوڊو- سمپورڻ (5-7)، وادي سُر، رکب، سموادي، نکاد، ۽ ڳائڻ جو وقت: اڌ رات آهي.
اُستاد راڳين جو چوڻ آهي ته ‘ديس ’ ۽ سورٺ کي هڪٻئي کان خبرداريءَ سان ڌار ڪري سگهبو آهي.
شاهه جي فقيرن جي ڳايل سورٺ جي گائڪي هوبهو ڪلاسيڪل آهي، پر ڪلاسيڪل ۽ شاهه جي راڳ جي طرز علحده آهي، باقي راڳڻيءَ ۾ فقيرن وٽ ۽ ڪلاسيڪل يا سورٺ کي ڪافيءَ جي انداز ۾ ڳائڻ ۾ ڪو به فرق ڪونهي.
سُر سورٺ’ شاهه جي رسالي جي سڀني سرن ۾ نهايت منفرد، معنيٰ خيز ۽ اهميت وارو سر آهي، هي سر جتي راڳ، ان جي ماهيت ۽ تاثير سان تعلق رکي ٿو، اُتي ان جو بنيادي لاڳاپو سنڌ جي تاريخي داستان سان آهي، جيڪو راءِ ڏياچ، ٻيجل، سورٺ ۽ انيراءِ جي گرد ڦري ٿو.
سر سورٺ تي مذهبي ۽ روحاني راز جي سلسلي ۾ گذريل سٺ سالن کان لائق لکندڙن گهڻو لکيو آهي، پر ڪجهه ڏهاڪن کان هن سر تي، معمور يوسفاڻي، ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ محمد حسين ڪاشف نئين رخ ۽ انداز سان لکيو آهي.
عالمن ۽ سالڪن ۾ پهريون شخص ‘غلام محمد خانزئي’ آهي، جنهن شاهه جي رسالي جي سرن ۾ آيل ڪناين ۽ اشارن جي معنيٰ کي ‘منهاج العاشقين’ نالي ڪتاب ۾ بيان ڪيو. ڊاڪٽر گربخشاڻي، علامه دائودپوٽي، غلام محمد شاهواڻيءَ توڙي ٻين وٽ شاهه لطيف جي روحاني رمز آشنائيءَ جي سلسلي ۾ ٿوري گهڻي ڦيرگهير سان ساڳيو خيال نظر اچي ٿو، جڏهن ته ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل، پروفيسر علي نواز جتوئي، رشيد احمد لاشاري ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ رسالي [جي جلد پنجين] ۾ سورٺ جي بيان ۾ داستان ٻئي ۽ ٽئين کي معراج واري واقعي سان منسوب ڪيو آهي. ان سان گڏ سنڌ ۾ منگتن ۽ ڏان ڏيڻ وارن جي رسم جو به هنن ذڪر ڪيو آهي.
شاهه صاحب جي پارکو محمد حسين ڪاشف ڪتاب ‘ڪنڌيءَ ڪونئر ٽِڙن’ ۾ سُر سورٺ بابت هيٺين نقطن جو ذڪر ڪيو آهي:
(1) سر سورٺ ۾ اهڙا بيت آهن، جيڪي سنڌ جي هن مشهور نج تاريخي قصي ‘سورٺ ۽ راءِ ڏياچ’ سان تعلق رکن ٿا، جن ۾ سخا جي سماجي اهميت ۽ ڏان ڏيڻ جي رسم ۽ مشڪل کان مشڪل گهر کي به پورو ڪرڻ فرض تصور ڪيو آهي، جنهن سان ڏاتار، اُن جي سخا، ٻيجل جيڪو سر جو سيڪڙو آهي ۽ انيراءِ جو مذڪور سلهاڙيل آهي.
(2) ڪي بيت سلسلهء نبوت، مقامِ نبوت، حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جن جي شان ۽ سندس اعليٰ مقام کي بيان ڪن ٿا.
(3) ڪي بيت معراج جي واقعي ۽ ان مقام ڪبريائيءَ کي بيان ڪن ٿا.
(4) ڪي بيت رسول صلي الله عليه وسلم جن جي وصال جي سلسلي ۾ آهن.
(5) ڪي بيت دنيا جي خاتمي ۽ وري ان جي ٻيهر وجود ۾ اچڻ يعني آخرت کانپوءِ واري منظر کي بيان ڪن ٿا.
(6) ڪن بيتن ۾ عزرائيل جو ذڪر آهي، جنهن سڄي ڄمار ڇٽ پٽن سان هنيا آهن ۽ اهو پنهنجو پاڻ کي رب جي ذات کي ارپي ٿو.
(7) ڪي بيت اهڙا آهن، جن جي سلسلي ۾ ڪا حتمي راءِ ڏئي نٿي سگهجي.
مشهور اديب ڊاڪٽر تنوير عباسي هن سُر کي فنڪار، فن ۽ ان جي قدردانيءَ وارن روين تي بيهاري ٿو. وٽس ‘ريءَ مصلحت مڱڻا’ جو مفهوم اهو آهي ته مڱڻهار جي مصلحت اها آهي، جنهن کان وقت جون زوراور طاقتون ۽ حڪومتون ڊڄن ٿيون، ڇو ته هن جي مصلحت آهي: ‘تاج اڇلائي ڌوڙ ۾ ملائڻ.’
هيءُ سر چئن داستانن تي مشتمل آهي، جن ۾ بيتن ۽ واين جو مختلف تعداد ڄاڻايل آهي:
پرديسان پنڌُ ڪري، هِلي آيو هُون،
اُونچو تون عرش تي، آن ڀورو مٿي ڀُون،
ڪيئن تُسندي تون؟ هِي سِرَ سُوالي مڱڻو!
-
تــو در آيـس راڄـيـا، ٻـيـا در ڏيئـي ٻَــنِ،
ڪهان جو ڪماچ سين، سو سُڻ سٻاجهي ڪَنِ،
جا مڱَ منهنجي مَنِ، سا تو کي معلوم سڀڪا!
-
نر تي تند نيازَ سين، ٻيجل ٻُرائي،
راڄـا رتـولـن ۾، ورنـائـي وائـي،
ڪوٺايائين ڪوٽَ ۾، ٻارٽ ٻاجهائي،
راجا، راڳائي، هردو ئي هيڪ ٿيا!
-
مـحلـيـن آيـو مڱـڻـو، سـازُ کـڻـي سُـرنـدو،
سِـر جـي صـدا سُـر ۾، گهُور هڻي گهـرندو،
مـٿـيءَ ريءَ مـلـوڪ جي، چـارڻ نه چُـرندو،
جهوناڳڙهه جهُرندو، پوندي جهانءِ جهـروڪَ ۾!
-
موٽي مڱڻهار! شال مَ اچين ڪڏهين!
اٺئي پهر اجل جو، ڪُنڍو منجهه ڪپارَ،
جئن تو سڀ ڄمارَ، هنيا ڇَٽ پٽن سين!
سُر ڪيڏارو: هيءُ سُر رسالي جو رزميه داستان آهي. ڪيڏاري جي لغوي معنيٰ ‘جنگ جو ميدان’ آهي، جنهن ۾ نه رڳو شاهه لطيف، امامن سان ڪربلا ۾ ٿيندڙ حالتن ۽ واقعن جو چٽو عڪس چٽيو آهي، پر ڪربلا جي واقعي کي بنياد بڻائي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن جو به عڪس ڏيکاريو آهي.
سُر ڪيڏاري جو معرڪو اصل ۾ حق پسند انسانن جي باطل قوتن سان ويڙهه هئي. شاهه لطيف سُر ڪيڏاري ۾ ثابت قدمي ۽ اعليٰ قدرن کي سهڻي انداز ۾ بيان ڪيو آهي، ۽ مصيبت کي منهن ڏيڻ، صبر ڪرڻ، همت نه هارڻ، حوصلو پيدا ڪرڻ، مڙس ٿي ميدان ملهائڻ، پُٺ بدران منهن تي ڌڪ کائڻ، حق لاءِ سندرو ٻڌي ميدان ۾ لهڻ،
سچ تي سِر ڏيڻ، سُور سختيون سهڻ، جدوجهد جو ڏس ڏيڻ، لوڀ کي لوئڻ ۽ ارادي جي پختي هئڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. هن سُر ۾ هڪ پاسي ‘ڪرهه هئي ڪانه، هو نظارو نينهن جو’ واري ڪيفيت آهي ته ٻئي پاسي اهلبيت جي مرتبي، احترام، نسلي ورثي، درگذر، عبادت ۽ رياضت، صبر شڪر ۽ اخلاقي قدرن کي سمجهڻ جو ذڪر ملي ٿو، ۽ ڪربلا جي ميدان ۾ امامن جي جنگي حڪمت عملي، فن، هٿيارن، سورمن ۽ سندن حالتن جو بيان به ملي ٿو، ته ڪهڙيءَ ريت ڪربلا ۾ امام پنهنجي گهر ڀاتين ۽ ساٿين سميت سِر ڏئي سرهو ٿيا.
سُر ڪيڏاري همت، شجاعت ۽ بهادريءَ سان رُڪ وهندي راند ۾ شينهن مڙس جي ڪنڌ ڪپجڻ، ڪرڻ ۽ ڪائنات جي عاشقن جي شهادت تي ماتم ڪرڻ جي ذڪر سان سينگاريل آهي. هن سُر ۾ جنگ جي ميدان، ترارن ۽ ڀالن جي چمڪاٽ، بهادرن جو بهادرن سامهون سورهيائيءَ سان وڙهڻ جو مڪمل نقشو چٽيل آهي. شاهه لطيف
سُر ڪيڏاري ۾ انقلابي ۽ نظرياتي تعليم ڏئي ٿو. شاهه کي پنهنجي مٽيءَ سان بي پناهه عشق هو، ان ڪري ٻين کي به مٽيءَ مٿان گهور ٿيڻ جو اعليٰ ترين جذبو سيکاري ٿو.
سنڌ ۽ هند جي موسيقيءَ ۾ ڪيڏاري نالي راڳ به ملي ٿو، جنهن جو ذڪر ڪيترن ئي سنگيت جي ڄاڻن، پنڊتن پنهنجي سنگيت جي ماخذن ۾ ڪيو آهي. ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، شاهه جي رسالي ۾ سُر ڪيڏاري بابت لکي ٿو ته، “ڪيڏارو هڪ راڳڻي آهي، جا ديپڪ راڳ جي پنجن ڀاريائن (زالن) مان هڪ آهي. هن راڳڻيءَ کي سمپورڻ راڳڻي به ڪوٺبو آهي ۽ اڌ رات جو ڳائبي آهي.” ڪنهن زماني ۾ شِوَ ديوتا کي ڪيڏاري نالي سان به سڏيو ويندو هو. شايد ان وقت شو جي پوڄا جو راڳ هجي. ڪلاسيڪي ڪيداري راڳ جي مزاج جي اِن راڳ جي تصوراتي تصوير مان خبر پئي ٿي. ان تصوير ۾ هڪ نوجوان عورت ڳاڙهو ويس پائي مهاديو جي تصور ۾ ويٺي آهي ۽ شِو وانگر هن جي ڳچيءَ ۾ نانگ جو هار آهي. يعني ته هي راڳ به زرخيزيءَ واري مت جو راڳ آهي.
پر سنڌ ۾ ان تصور جي ابتڙ ‘ڪيڏارو’، جنگ جو راڳ آهي ۽
اُن روايت کي زندهه رکڻ لاءِ شاهه لطيف، رسالي جي سُر ڪيڏاري ۾ ڪربلا جي قضيي کي بيان ڪيو آهي. شاهه لطيف جو ڪيڏارو ماتمي کان وڌيڪ جنگجو مزاج جو آهي، جنهن ۾ ويڙهه جو تسلسل موجود آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو رايو آهي ته، سنڌي ڪيڏاري لفظ جو مادو عربي لفظ ‘ڪيد’ آهي، جنهن جي معنيٰ جنگ آهي. سندس خيال ۾ سنڌيءَ ۾ ڪيڏاري جون ٻه معنائون آهن: (1) جنگ جو سُر، ۽ (2) جنگ نامو.
مشهور اديب سيد منظور نقوي ‘راڳ ۽ تال'>سنڌي راڳ ۽ تال’ ۾ سنڌي ڪيڏاري جو سرگم هن ريت ڏنو آهي:
آروهي: کرج، تيور رکب، شڌ مڌم، پنچم، تيور نکاد، کرج.
امروهي: کرج تيور نکاد، تيور ڌيوت، پنچم، شڌ مڌم، ڪومل گنڌار ۽ تيور رکب.
هن راڳ جو وادي سر ۽ سموادي سر پنچم آهي. آروهيءَ ۾ به گنڌار جو ڪَن (آهستي) لڳائجي ۽ نکاد کي ظاهر ڪجي ته هن راڳ جي شڪل ظاهر ٿي پوندي. هو صاحب اڳتي لکي ٿو ته، ‘ڪيڏارو عام ڳائڻ جو راڳ نه آهي بلڪ عزاداريءَ جي ڏينهن ۾ ماتمي جلوسن سان شرناءِ تي چيو ويندو آهي.’
هي راڳ خوشيءَ جي موقعي تي ڪونه ڳائبو آهي. ڪلاسيڪي ڪيڏاري جي ٻين سڀني راڳن ۾ پنهنجي منفرد حيثيت آهي. راڳ ستن سرن جا ٿيندا آهن، پر جڏهن راڳ جي هڪ يا ٻن سُرن کي ڇڏبو آهي ته اهو راڳ پنجن ۽ ڇهن سرن جو راڳ هوندو آهي. هڪڙو سُر ته ڪو به ڇڏي سگهجي ٿو، پر جي ٻه سر ڇڏجن ته پوءِ اهي ٻئي سر هڪ ٻئي جي ساٿ وارا سُر نه هجن يعني- ري ۽ گا يا گا ۽ ما کي نه ڇڏڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ٻئي سُر هڪٻئي سان ٿوري مفاصلي تي گڏ آهن، پر اهي سُر ڇڏبا، جن جي وچ ۾ چوٿين يا پنجين سُر جو فاصلو هوندو يا تيرهن شروتين جو فاصلو هوندو. ان اصول جي بنهه برعڪس ڪيڏاري راڳ ۾ ٻئي ساٿ وارا سُرري’ ۽ ‘گا’ ڇڏيا ويندا آهن، ۽ اهو فرق ان کي ٻين راڳن کان منفرد مقام ڏياري ٿو. موسيقيءَ جي ماهرن ڪيڏاري راڳ جا پنج قسم ٻڌايا آهن:
‘شـُڌ ڪيـڏارو، شيـام ڪيـڏارو، نـٽ ڪيـڏارو، لـلـت ڪيـڏارو،
مارو ڪيڏارو.’
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو رايو آهي ته، “شاهه جي سُر ڪيڏاري جو راڳ ڪيڏارو، بلاول ٺاٺ جو راڳ آهي، ڇاڪاڻ ته هن ۾ گهڻو زور مڌم ڪومل تي آهي، ۽ سنگيت جي ڪتابن ۾ راڳ ڪيڏارو ڪلياڻ ٺاٺ جو اوڊو- سمپورڻ راڳ آهي، جنهن ۾ پڻ ٻئي مڌم ۽ سموادي کرج (سا) جو سر آهي، ۽ اروهيءَ ۾ رکب ۽ گنڌار جا سُر ناهن لڳندا ۽ راڳ جي چال هن ريت آهي:
آروهي: سا ما ما پا ڌا ني سا
امروهي: سا ني ڌا پا سا گا ر سا
ڪجهه محققن جا هن سر تي اختلاف آهن ته هيءُ سُر شاهه لطيف جو ناهي. ان ڏس ۾ علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن
سُر کي پنهنجن ترتيب ڏنل شاهه جي رسالن ۾ شامل نه ڪيو، جڏهن ته گنج ۽ ٻين اڪثر رسالن ۾ سُر ڪيڏارو شامل آهي. ڪيڏاري جي ٻولي خود ٻولائي چوي ٿي ته شاهه جي آهي. ان ڪري مسلڪن جي اختلافن تي سُر ڪيڏاري کي رسالي مان خارج ڪرڻ زيادتي ٿيندي.
سُر ڪيڏاري ۾ 6 داستان آهن. مختلف رسالن ۾ واين ۽ بيتن جي تعداد جو اختلاف ملي ٿو:
ڏٺو محرم ماهه، سَنڪو شهزادن ٿئو،
ڄاڻي هيڪ الله، پاڻ وڻنديون جو ڪري!
-
سـختـي شهـادت جـي، مـڙوئـي مـلار،
ذرو ناهه يزيد کي، ايءُ عشـق جـو آزار،
ڪُـسڻ جو قـرار، اصل امـامـن سـيـن!
-
مُنهن مٿانهان جن جا، سي پِٽئو ڪڍن پارَ،
جيڏيون هن جهونجهار، اُجاري سڀ اڇا ڪئا!
-
سورهيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار،
هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار،
مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين.
(سُر ڪيڏارو، داستانبيت 5)
سُر سارنگ: پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ لکيو آهي ته، “سر سارنگ، ميگهه راڳ جي اٺن پٽن مان هڪ آهي. ملهار وري ميگهه جي پنجن زالن مان هڪ آهي. ميگهه، ملهار ۽ سارنگ، ٻوليءَ جي لحاظ کان هڪ ئي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندا آهن. ٽنهي کي باترتيب ڳائڻ سان آسمان ۾ جهڙ لڳيو وڃي ۽ مينهن اچيو وڃي.” ڪن جو چوڻ آهي ته، ‘سارنگ’ هڪ پکيءَ جو نالو آهي، جنهن جي مٺن ۽ درديلن آلاپن مان هي سُر ورتو ويو آهي. شاهواڻيءَ به لکيو آهي ته، “سارنگ راڳڻي آهي، جا برساتي موسم يعني سانوڻيءَ ۾ ڳائبي آهي.”
سُر سارنگ ۾ مندائتي مينهن جو مانڊاڻ منڊيل آهي ته وسڪاري کانپوءِ ڪيئن اک ڇنڀ ۾ سڀئي نديون ۽ نالا، ڍنڍون، تل ۽ ترايون، پلر جي پاڻيءَ سان پُر ٿي وڃن ٿيون، مينهن جي پالوٽ سان اڃايلن جي اڃ لهي ٿي. مال سکيو ٿئي ٿو ۽ سانگي سرها ٿين ٿا، پرديس ويل پورهيت وطن ورن ٿا ۽ وڇڙيلن جا ميلا ٿين ٿا، سُر سارنگ سنڌ جي ريگستاني زندگيءَ سان واسطو رکي ٿو. سُر سارنگ ۾ شاهه لطيف جتي قدرت جي نظارن ۽ انساني امنگن جون تصويرون چٽيون آهن ۽ پلر جي پالوٽ يعني مينهن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي، اُتي سماجي مسئلن جي اپٽار پڻ ڪئي آهي.
اڄ کان سوا ٽي سؤ سال اڳ لطيف [1689ع کان 1752ع] جڏهن سنڌ تي ڪلهوڙن جي حڪومت هئي، جيڪا اڃا مڪمل خودمختيار نه هئي. ملڪ ۾ ڏُڪار مُنهن ڪڍيو هو، جنهن جي تباهيءَ جا هن مشاهدا ڪيا هئا. مٿان وري جهوڪ جي قضيي سنڌ کي جهوري وڌو هو [جنهن ۾ ڪلهوڙن حڪمرانيءَ جي مصلحت هيٺ ۽ مغلن جي راضپي حاصل ڪرڻ لاءِ غليظ ڪردار ادا ڪيو هو]. اهڙيءَ نازڪ صورتحال ۾ لطيف سائينءَ، سر سارنگ ۾ علامتي طور سنڌ جي آزادي، خوشحالي، آسودگيءَ ۽ سُڪار لاءِ سنڌ جي ماڻهن ۾ اتساهه ۽ جذبو جاڳايو:
آگميو آهي، لڳھ پس لطيف چئي،
وٺو مينهن وڏڦڙو، ڪڍو ڌڻ ڪاهي،
ڇن ڇڏي ٻٽ پئو، سمر سنباهي،
وهـو مَ لاهـي، آســرو الله مـان!
ڪيترن ڏاهن ۽ شارحن سُر سارنگ مان علامتي طور نبي سائين حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي آمد، الله پاڪ جي رحمت، اسلام جي پکڙجڻ، حق جو اچڻ ۽ باطل جي ڀڄڻ جي به مراد ورتي آهي، جنهن جي آمد سان توحيد جي تنوار جاري ٿي ۽ ماڻهن کي سهنج ۽ سک عطا ٿيو.
شاهه جي سُر سارنگ ۾ گهُٽ، ٻوسٽ، غلامي ۽ اونداهيءَ کان ڇوٽڪاري ۽ نجات جا سڏ آهن. لطيف سائين، انسانذات جي آزاديءَ ۽ دنيا جي خوشحاليءَ جو آدرشي شاعر آهي. هن توسيع پسندن، ٻئي ملڪ ۾ لالچي اکيون وجهندڙن، جهيڙي بازن ۽ فتني بازن کان نفرت ڪئي آهي.
شاهه لطيف وڏو نبض شناس هو. سندس نظريو هو ته ‘ٻانهيون ۽ ٻايون، پکي سونهن پانهنجي’، ان ڪري هن سنڌ سان گڏ پوري عالم جي خوشحاليءَ لاءِ دعا ڪئي آهي.
شاهه لطيف، سُر سارنگ ۾ آزادي ۽ آجپي جي سڏ سان گڏوگڏ سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي واکاڻ به ڪئي آهي. جاگرافيائي لحاظ کان لطيف سائينءَ، سُر سارنگ ۾ سنڌ جا ڪيترائي ماڳ ۽ ڳوٺ ڪم آندا آهن. چيهي کان وٺي چکيءَ تائين، لاڙ کان وٺي سَري تائين، ڪراڙ ۽ ڪڇ کان وٺي ڪاڇي تائين، ٿر کان وٺي ناري ۽ پٻ تائين، گرهوڙ کان وٺي ڀِٽ تائين، سنڌ جي ماڳن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ محفوظ ڪيو آهي. گڏوگڏ عالمي پسمنظر ۾ هن سنڌ کان ٻاهر وارن اهڙن ملڪن ۽ شهرن، جهڙوڪ: مصر، مڪي، عرفات، استنبول، ڪابل، قنڌار، چين، روم، مغرب، دهليءَ، دکن، کنڀات، بيڪانير، ڀڄ، گرنار، جيسلمير وغيره جو ذڪر ڪيو آهي، جتي تصوف ۽ ويدانت جون تحريڪون هليون، انسانيت جي آجپي ۽ سڪار جون صدائون بلند ٿيون هيون. [جن مان ڪن حصن خصوصاً کنڀات، بيڪانير، ڀڄ، گرنار، جيسلمير وغيره جو ڀٽائيءَ سير به ڪيو هو.]
ڀريائين ڪُن ڪراڙ جا، وٺو وارياسو،
کُڻيتيءَ کنوَڻ ڪيو، چڱو چوماسو،
ماڪاڻي تان موٽيو، ڏيئي پٻ پاسو،
خالق ڪيو خاصو، چيهو چُکيءَ ڪنڌيين!
-
چيهو چُکيءَ ڪنڌيين،ڪيائين گڙنگ تي گُل،
هڏاڪٽيان هليو، ڀري ترايون تَل،
آندائين آب اُڇل، مٿي باغ بهار ٿي!
-
بر وٺا، ٿر وٺا، وٺو جيسرمير،
آگم ڪري آئيون، پائر ڀري پير . . .
-
بر وٺا، ٿر وٺا، وٺي ڪڇ ڪنارَ،
پوڃاڙيءَ جو پَٽن تي، ڏس! نايائون نارَ،
سٻاجهي ستار، لاٿا ڏُرت ڏيهه تان!
-
موٽي مانڊاڻن جي، واري ڪيائين وار،
وِڄون وسڻ آئيون، چوڏس ٿي چوڌار،
ڪي اُٿي هليون استنبول ڏي،ڪي مڙيون مغرب پار،
ڪي چمڪن چين تي، ڪي لهن سمرقندن سار،
ڪي رمي ويون روم تي، ڪي ڪابل، ڪي قنڌار،
ڪي دِلي، ڪي دَکن، ڪي گُڙن مٿي گرنار،
ڪن جُنبي جيسرمير تان، ڏنا بيڪانير بڪار،
ڪنهين ڀُڄ ڀِڄائيو، ڪنهين ڍَٽ مٿي ڍار،
ڪنهين اچي عمرڪوٽ تان، وسايا ولهار،
سائينم! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين!
سُر سارنگ ۾ شاهه لطيف عورت جي ڪردار کي اوليت ڏني آهي ۽ مرد جي آزاديءَ واري جاکوڙ ۾ گهر جي اوني يا اُلڪي جو سمورو بار عورت تي رکيو آهي، جتي هارين کي هر سنباهڻ، ڌڻ سنڀالڻ ۽ اناج اپائڻ جي تلقين ڪئي آهي، اُتي عورت کي سيج سينگارڻ، کير ۽ مکڻ هٿيڪي ڪرڻ ۽ گهر جي اڏاوت جي اوني لاءِ اتساهه ڏياريو آهي. انهيءَ برابريءَ تي لطيف سائين آزاديءَ جو بنياد رکي ٿو. هو هڪ رهبر جي حيثيت سان هڪ آزاد رياست جو دستور مقرر ڪري ٿو. شاهه جي نگاهه ۾ جيڪڏهن پورهيت آزاد نه آهي ته ڏيهه مان ڏچو ويندو ئي ڪونه:
نه ڪا جهل نه پل، نڪي رائر ڏيهه ۾،
آڻيو وجهن آهُرين، روڙيو رتا گل،
مارو پاڻ امل، مليرونِ مَرڪڻو!
-
آگـمـجــي آئـيـون، اُتــران ڪــري اُور،
جي پرين هئڙا ڏُور،سي مون کي مينهن ميڙيا!
سُر سارنگ ۾ ڪل چار داستان آهن، جن ۾ مختلف رسالن موجب بيتن ۽ واين جو تعداد گهٽ وڌ آهي.
سُر آسا: ‘آسا’ نالي سان سنڌ توڙي ھند جي راڳ جي نظام ۾ ھڪ راڳڻي يا راڳ ملي ٿو، جيڪو صبح جو ڳايو ويندو آھي، لفظ ‘آسا’ (سنسڪرت ‘آشا’) جي معنيٰ آھي: ‘اميد، آرزو، تمنا، خواھش’ وغيره، تنھنڪري ھن راڳ کي ‘آس ۽ ارداس جو راڳ’ به چيو ويو آھي. راڳ جي ڪتابن موجب ھڪڙا راڳ ۽ راڳڻيون، جيڪي فقط ڪنھن ھڪ علائقي ۾ رائج ھوندا آھن، تن کي ‘ديسي راڳن’ ۾ شمار ڪيو ويندو آھي. مثال طور: سنڌ ۾ مولود، مورا، راڻو، ڪوھياري وغيره ديسي راڳڻين ۾ شمار ٿيندا آھن. ٻيا راڳ ‘مارڳ راڳ’ سڏبا آھن، جن مان ڪن راڳن جا نالا ھي آھن: ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، کنڀات، سري راڳ، سھڻي، سارنگ، پرڀاتي، آسا، پورب وغيره. ‘آسا’ جو سر به ‘مارڳ سرن’ ۾ شامل آھي.
آسا راڳڻي’، سنڌ ۾ آڳاٽي وقت کان ھلندڙ آھي ۽ ان ۾ عوامي قصا ڳايا ويا آھن. هي ‘نج سنڌي آسا’، ھندستاني راڳآسا’ سان ملندڙ آهي، پر ايتري فرق سان جو ‘سنڌي آسا’ جي الڳ صورت ظاھر ٿي آھي. آڳاٽي وقت ۾ سنڌ جي ‘نج سنڌي آسا’ ۾ بانڪي شاھه بھرام جي ڳالهه کڻندا ھئا. ڪافين ۽ ڪلامن جي موضوعن جي لحاظ سان عام ڳائڻ ۾ به ‘آسا’ کي ‘آس ۽ ارداس’ جي راڳڻي چيو ويو آھي. ان روايت موجب ئي خليفي نبي بخش لغاري پنھنجي رسالي جو ‘سر آسا’ جنھن بيت سان شروع ڪيو آھي، تنھن جي پھرين سٽ آھي:
آسا ڪر الله جي، در در پـِن م دان”
شـاھه لـطيـف جـي راڳ ۾ راڳَ تـوڙي مـوضـوع جـي لـحـاظ سان ‘سُر آسا’ جيئن ڳائجي ٿو ته اُھو ھندستاني راڳ جي ‘شڌ آسا’ معلوم ٿئي ٿو. شاھه جو ’سر آسا‘ ھڪ وڏو معنوي سر آھي ۽ ان جي بيتن ۾ حقيقت جا ڳُوڙھا معنوي اشارا ڏنل آھن. ھن سُر ۾ ڪنھن روايتي، قصي يا داستان جي پسمنظر ۽ ماحول بدران تصوف جي رازن ۽ رمزن وارو فڪر سمايل آھي، جنھن ۾ مجاز ۽ حقيقت جي مثالن، صوفياڻي فڪر جي باريڪ اشارن ۽ سالڪن جي سلوڪ وارين منزلن ۽ مرتبن جا اھڃاڻ ڏنل آھن. ان کان سواءِ ‘مجاز’ جا مختلف پھلو پڻ نروار ڪيل آھن. ڪامل بصيرت وارن سالڪن کان سواءِ ٻين جي نظر ناقص آھي، جو اھي جزن کي ڏسندي، ان ڏسڻ ۾ رھجي ويا ۽ ‘ڪل’ کي ڪين سڃاتائون.
هن سُر ۾ شاهه صاحب خدا جي وحدانيت جي واکاڻ سان گڏ انسان کي حق تي هلڻ، ۽ پاڻ کي سڃاڻڻ، بامقصد زندگي گذارڻ، غافل نه رهڻ، هر وقت سجاڳ رهڻ، نياز ۽ نوڙت سان هلڻ جي تلقين ڪئي آهي. ھن سُر ۾ محبت جو راز ۽ ان راز يا لِڪ جي ماھيت ڏانھن اشارا آھن. خاص طرح سالڪ جي ‘تسليم۽ رضا’ واري منزل ۽ مرتبي جا اھڃاڻ آيل آھن. مطلب ته ‘سر آسا’ ڳرو ۽ ڳوڙھو معنوي سُر آھي ۽ ھن سر ۾ تصوف جو اعليٰ فڪر موجود آھي. انھيءَ لحاظ سان، ھن سر جي معنوي اھڃاڻن تي ڀٽائيءَ کان اڳ سنڌ جي عارفن ۽ سالڪن بيت چيا هئا، جن ۾ قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم بلڙيءَ وارو اچي وڃن ٿا.
شاهه جي سُر آسا ۾ چار داستان آهن، مختلف رسالن ۾ بيتن ۽ واين جو تعداد مختلف آهي.
جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهه نماز،
سڀ وڄائي ساز، تِهان پوءِ تڪبير چئو!
(شاهواڻي، داستانبيت 11)
اکين ۾ ٿي ويهه، ته آئون واري ڍڪيان،
تو کي ڏسي نه ڏيهه، آئون نه پسان ڪي ٻيو!
(آڏواڻي، داستانبيت 6)
نيرانائي نيڻ، نيئي آڇ پرينءَ کي،
ستر کاڌا کيڻَ، جھ ڏٺو منهن محبوب جو!
(شاهواڻي، داستانبيت 5)
مون کي مون پِرين، ٻڌي وڌو ٻارِ ۾،
اُڀا ائين چون، متان پاند پُسائيين!
(شاهواڻي، داستانبيت 38)
سُر رِپ: شاهه جي رسالي ۾ هيءُ سُر ڳاڻيٽي جي حوالي سان ننڍن سُرن ۾ شمار ٿئي ٿو. ‘رپ’ نالي راڳ مالا ۾ ڪا به راڳڻي نه آهي. هي اُهو سُر آهي، جيڪو شاهه جي رسالي جي مڙني سُرن جي غم وارين ڪيفيتن کي پاڻ ۾ سمائي ٿو.
اڪثر محققن لفظ ‘رپ’ جي معنيٰ ‘وڏي پربت جيڏي آفت’، ‘ڳري آفت’ وغيره ڄاڻائي آهي، پر برک محقق ڊاڪٽر اسد جمال پليءَ سڀني محققن کان ‘رپ’ لفظ جي معنيٰ مختلف ڏيکاري آهي. هو لکي ٿو ته، “رِپ جو لفظ لغوي طور ‘روپ’، ‘روپ متي’ ۽ ‘روپ مڻي’ سان لاڳاپيل لڳي ٿو. هو چوي ٿو ته، ‘بروي ۽ رپ’ جي ڪهاڻي، سسئي پنهونءَ جي داستان وانگيان رسالي جي وڏي ڪهاڻي آهي، جيڪا پنجن سُرن- ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، بروي سنڌي، پرڀاتي ۽ رپ تي مشتمل آهي. [ان راءِ سان اختلاف جي گنجائش آهي] هو وڌيڪ لکي ٿو ته ’رپ ۽ بروي‘ جي دکدائڪ داستان ۾ ‘رِپ’ - تي جيڪي گوندرن جا پهاڙ ڪِري پيا، اُنهيءَ ‘غم- گوندر’ جي اصطلاح اڳتي هلي، ‘رپ’ کي ڪنهن ‘وڏي آفت’ جي معنيٰ ۾ مستعمل ڪيو، جيڪا ڳالهه ظاهر ڪري ٿي ته ‘رپ’ جي اصطلاحي معنيٰ ‘ڳري آفت’ آهي.
هُو هن ڪهاڻيءَ جو پسمنظر هن ريت بيان ڪري ٿو، ‘بروي ۽ رپ’ جي ڪهاڻيءَ موجب ‘رپ’ جي پيءُ جو نالو ‘ڪلياڻ’ هو ۽ سندس راڄڌاني ‘ڪلات’ سڏبي هئي، جيڪو علائقو هاڪڙي ۽ ريڻي نديءَ جي ڇوڙ وارو علائقو هو، جتي ‘ڳاڙهي ڀِڙي’ ۽ ‘بروي’ جي شهر ‘ڀرڙ’ جا آثار موجود آهن، جيڪي موجوده تعلقن- ڪوٽ غلام محمد ۽ ڊگهڙيءَ جي نقشن ۾ اچن ٿا. پراڻن نقشن ۾ ‘رِپ’ جي آثارن جو به گهڻو ذڪر آهي ۽
هنن آثارن کان الهندي طرف ‘رپ’ جو شهر ۽ ‘رپ’ جي نالي سان ديهون موجود آهن. ان حوالي سان ‘رپ’ نه صرف معنوي بلڪ تاريخي سُر پڻ آهي.
ٻئي طرف موسيقيءَ جي لحاظ کان ‘رپ’ کي ‘ڪلياڻ’ ٺاٺ ۾ ڳايو ويو آهي، جيڪو پڻ هن حقيقت کي قريب تر آهي.
اسد جمال پلي وڌيڪ لکي ٿو ته، سر رپ ۾ ٻه خاص علامتون آهن، هڪ ڪاسائي ۽ ٻيا ڪنڀار. بروي جي ڪيفيت ۽ داستان ڪاسائين سان لاڳو آهي. جڏهن ته حڪيم سندس علاج ڪرڻ لاءِ وس ڪن ٿا. جن جو ذڪر ’يمن ڪلياڻ‘ ۾ موجود آهي. هڪ ‘شهزاديءَ’ جي حيثيت سان ‘رپ’ کي پنهنجو نينهن لڪائڻ جي تلقين ڪيل آهي ۽ اها ’ڪنڀارن جي نهائينءَ‘ جي علامت طور ڏسي وئي آهي. کيس ان حد تائين نصيحت ڪيل آهي ته ٻاهر ٻاڦ نه نڪري يعني سندس گوندر لڙڪ ٿي به نه وهن، جن کي ‘گِريو’ چيو ويو آهي. ‘گريو’ سلوڪ جو وڏو اهڃاڻ آهي، مگر ‘رپ’ کي اُن جو به پابند بنايو ويو آهي. هيءُ لفظ ‘گريو’ پوءِ تبديل ٿي ‘ڳرهه’ يا ‘ڳرهيو’ ٿيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ‘ڳلن تان ڳوڙها’ وهائڻ. لطيف سر رپ ۾ ‘ڳرهڻ’ جي معنيٰ هيئن ٻڌائي آهي:
ڳرهه ۾ ڳجهو روءِ، پڌر وجهه مَ پرينءَ ريءَ،
-
ڳليين ۾ ڳرهيج، روئي ڪج مَ پڌرا.
‘ڳرهڻ’ ۽ ‘هريو’ هن سر جا اهڙا ٻه اهم لفظ آهن، جيڪي هن سُر جي جاگرافي ظاهر ڪن ٿا. هي ٻئي لفظ هن وقت به بدين ضلعي جي اوڀر ۽ ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ضلعن جي ڏاکڻي پٽيءَ ۾ استعمال ٿين ٿا.... اها ڳالهه نشاندهي ڪري ٿي ته هن داستان جي جاگرافيءَ جي لحاظ کان ڌرتي اها آهي، جتي هاڪڙي ۽ ريڻي نديءَ جي ڇوڙ وارو ‘دو آٻو’ هو.
هن سُر ۾ ورهه جا ورلاپ، ڦوڙائي ۽ فراق جا آلاپ انتهائي رقت انگريز نموني ڏنا ويا آهن.
لطيف جا پارکو ان ڳالهه تي متفق آهن ته ‘رپ’ جي سُر ۾ ٻئي ڪنهن به شاعر جو ڪلام شامل نه آهي. سُر رِپ ۾ بيتن ۽ واين جو تعداد مختلف رسالن ۾ مختلف آهي. انهيءَ لحاظ کان بيتن جو وڌ ۾ وڌ تعداد 95 ۽ گهٽ ۾ گهٽ 24 آهي. ساڳيءَ طرح واين جو تعداد ٻن کان ستن تائين آهي. ڪلياڻ آڏواڻيءَ ‘رپ’ جي وائي ڏني ئي ڪانهي. ڪلياڻ آڏواڻي ۽ شاهواڻيءَ هن سُر جا ٻه داستان ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هن سُر جا ٽي داستان ڏنا آهن.
نيڻ نهائينءَ جيئن، سُتي لوڪ ڍنپيان،
اُجهاميو ٻران، تو کي ساريو سُپرين!
-
جاءِ نه سڄو ڏينهن، هينئڙو اوٺي وڳ جئن،
مون پريان سين نينهن، ڇنڻ ڪارڻ نه ڪئو!
-
لائي جو ويا، سو منجهيئي مچَ ٻري،
سو اُجهامي ڪِئان، جنهن جا سوريندڙ سُپرين.
سُر کاهوڙي: سُر کاهوڙي رسالي جي ننڍن سُرن ۾ شمار ٿئي ٿو. پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ لکيو آهي ته کاهوڙيءَ نالي سان ڪا هندستاني راڳڻي ڪانهي، تنهنڪري ڀانئجي ٿو ته مضمون مطابق مٿس اهو نالو پيو آهي. کاهوڙيءَ جي معنيٰ آهي: “جبلن ۾ ڏٿ ڳوليندڙ يعني ڏوٿي.”
هن سُر ۾ عام مفهوم جي لحاظ سان جفاڪش ۽ اڻٿڪ ڪردارن جا اهڃاڻ ڏنل آهن، جيڪي ڪشالا ڪري پنهنجي زندگيءَ جي ضرورتن جو پورائو ڪن ٿا. سر جي تمثيل ۽ روحاني معنيٰ ۾ اشارو سلوڪ جي راهه ڏانهن آهي.
غلام محمد شاهواڻيءَ به لکيو آهي ته، کاهوڙيءَ جي معنيٰ آهي: ‘جبلن ۾ ڏٿ ڏوريندڙ’. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي مرتب ڪيل شاهه جي رسالي جي جلد ٽئين ۾ لکي ٿو، “کاهوڙي جي لفظ جي معنيٰ آهي ‘کاهي’ يا ‘کهي وارو’. ‘کاهو’ يا ‘کهو’ ڊگهي ڳن سان رنبي مثل سوڙهي ڦر واري ڄڻ هڪ ڪوڏر آهي، جنهن سان ڪنڊن ڪانڊيرن وارو ڏکيو جهنگ وڍجي. اڳ ڪَتِي يا خريف جي آباديءَ لاءِ هاڙهه (مئي) جي جهولن ۾ جهنگ وڍبا هئا، جيڪو هڪ وڏي ڪشالي وارو پورهيو هو. کاهوڙي اُهو پورهيت هو، جيڪو ‘کاهو’ يا ‘کَهو’ کڻي ۽ هڻي اَورچ ٿي لڳي ۽ ڪنڊن وارو ڏکيو جهنگ وڍي ۽ صاف ڪري.”
سُر کاهوڙيءَ بابت غلام محمد شاهواڻيءَ وڌيڪ لکيو آهي ته “هن سُر تي اهو نالو اُن جي مضمون مطابق پيو آهي. هن سُر ۾ شاهه صاحب گنجي ٽڪر جي واکاڻ ڪئي آهي، ڇو ته انهيءَ ٽڪر رستي ئي هو ڪن جوڳين جي سنگ ۾ هنگلاج جي تيرٿ تي ويو هو. گنجي ٽڪر تي روحاني اسرار به ڏٺائين ۽ ڪاپڙين جي پر به جاچيائين.” هو وڌيڪ لکي ٿو ته “هن سر کي رامڪليءَ سان گڏي پڙهڻ گهرجي، ڇو ته ٻنهي ۾ آديسين جو ورنن ۽ شاهه جي روحاني سفر جو وستار آهي.”
سُر کاهوڙيءَ جو هڪ پهلو هي به آهي، جنهن ۾ شاهه لطيف اهڙن پختي ارادي وارن اڏول انسانن جي ڳالهه ڪئي آهي، جي پنهنجو مقصد ماڻڻ لاءِ سُور سختيون سهي، بنا ڪنجهڻ ڪُرڪڻ جي، انگ اگهاڙا ۽ پيٽ پُٺيءَ لڳائي به وڃي پنهنجي حقيقي منزل ماڻيندا آهن. هن سُر جا اهڃاڻ ۽ اشارا عملي زندگيءَ جو وستار آهن، جنهن ۾ فرد کاهوڙي بڻجي پنهنجي منزل جي تلاش ۾ اڳتي وڌي ٿو. هن سُر ۾ شاهه لطيف روحاني سفر جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ کاهوڙين جون خصلتون، خوبيون ۽ وصفون بيان ڪيون آهن، ۽ انهن ماڳن مڪانن جو به ذڪر ڪيو آهي، جيڪي حيدرآباد جي ڏکڻ طرف گنجي ٽڪر کان شروع ٿي آخري منزل هنگلاج تي اچي پورا ٿين ٿا.
سنگيت جي ماخذن ۾ جيئن مٿي بيان ٿي چڪو آهي ته کاهوڙيءَ نالي ڪا به راڳڻي ناهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سُر کاهوڙيءَ ۽ راڳ جي نوعيت بابت لکي ٿو ته، “کاهوڙي جي موضوع کي ڳائڻ لاءِ ‘شاهه جي راڳ’ جي تنظيم ۾ ‘سُر کاهوڙيءَ’ کي هڪ نئين راڳ جـي صـورت ۾ نـروار ڪيو ويو. ‘شاهه جـي راڳ’ وارن سُـرن کي هندستاني موسيقيءَ جي راڳن سان ڀيٽيندي، ائين معلوم ٿيو ته سُر کاهوڙي ڄڻ هندستاني موسيقيءَ جي راڳ ‘ديو گنڌار’ سان ملي ٿو. ديو گنڌار آساوري ٺاٺ جو اوڊو- سمپورڻ قسم جو راڳ آهي. آروهيءَ ۾ گنڌار ۽ ڌيوت جا سُر نٿا لڳن ۽ امروهيءَ ۾ ستن ئي سرن جو استعمال ٿئي ٿو. پوري انگ جي هن راڳ جو وادي ‘سا’ ۽ سموادي ‘پا’ جو سُر آهي. هن راڳ ۾ آساوري ۽ ڌناسري راڳ جو ميل نظر اچي ٿو. آروهيءَ ۾ ڌناسريءَ جو انگ جڏهن ته امروهيءَ ۾ آساوريءَ جو انگ ملي ٿو.”
هن راڳ بابت سنگيت جي گرنٿن ۾ وڏو تضاد موجود آهي. ڪنهن گرنٿ ۾ هي راڳڀيروي ٺاٺ’ تي ڳائجي ٿو، جنهن ۾ گنڌار ۽ نکاد جا سُر نه ٿا لڳن ۽ وادي سر پنچم ۽ کرج جو سُر نياس آهي. ڪنهن سنگيت ۾ هي راڳ ‘ڪافي ٺاٺ’ جي راڳن ۾ ڄاڻايو ويو آهي، پر موجوده وقت ۾ هن راڳ جو ڌيوت سُر ڪومل آهي، جڏهن ته ڪافي راڳ ۾ ڌيوت جو سُر تيور آهي. ڪرناٽڪ سنگيت ۾ هي راڳبلاول ٺاٺ’ تي ڳائجي ٿو. هي راڳ ڏينهن جي ٻئي پهر ۾ ڳائجي ٿو.
سُر کاهوڙيءَ ۾ ٽي داستان آهن، جن ۾ بيتن ۽ واين جو تعداد مختلف رسالن موجب مختلف آهي.
ويئون پٻ پئي، کيرون کاهوڙين جون،
آئون تن ڏوٿين جو، پُڇان پير پهي،
رُڃن رات رهي، ڏونگر جنين ڏوريا!
-
مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
رهي اچجي راتڙي، تن جنگن سندي جاءِ،
تنين جي ساڃاءِ، تُرهو ٿئي تارِ ۾!
سُر بَروو سنڌي: ‘بروو’ دراصل هندي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ‘وِرههُ، بِرههُ، پريت’. بروو شاهه لطيف جي هڪ سُر جو نالو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ ‘سر’ يا ‘راڳ’ جي نالي کان الڳ سنڌي لغت جي لحاظ کان به ‘بروي’ جي معنيٰ آهي. ٿي سگهي ٿو ته اصل لفظ ‘وِره’ يا ‘بره’ هجي، يعني وڇوڙو، درد ۽ فراق. انهيءَ لحاظ سان ميين محمد ۽ ميين حسين جي لکيل رسالي ۾ هڪ سر جو نالو ‘سر بِره’ لکيو ويو آهي. اهو به ممڪن آهي ته ‘وره’ ۽ ‘بره’ اُچار وڌي ‘برهو’ ٿي ويو هجي. ‘وِرهه وارو’ يا ‘برهه وارو’، جيڪو سدائين ڏک ۽ غم جو گهايل ۽ بيمار هجي ۽ ‘برهو’ جي صورت ‘بروو’ ٿي وئي هجي.
لاڙ جي مشهور شاعر مولوي حاجي احمد ملاح پنهنجي هڪ شعر ۾ ‘بروو’ جو لفظ انهيءَ معنيٰ ۾ آندو آهي:
“بره خود ‘بروو’ بنايس، بُت بچائي ڇا ڪريان”
ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي معياري متن واري شاهه جي رسالي جي جلد ٽئين ۾ ‘بروي’ بابت لکي ٿو ته. “ٿي سگهي ٿو ته اصل لفظ ‘ورهه يا برهه’ هجي. يعني وڇوڙو، درد، فراق ......” ڊاڪٽر صاحب لغت ۾ ڏاکڻي سنڌ ۾ اُن نالي سان وڻ جو به ذڪر ڪيو آهي.
هندستاني موسيقيءَ ۾ ‘راڳ بروو هندي’ موجود آهي، پر سنڌ ۾ ‘بروو’ شروع کان ئي سنڌي موسيقيءَ جي هڪ مقامي راڳ يا راڳڻيءَ طور ڳايو ويو آهي. ان جو ثبوت اهو آهي، جو شاهه جي رسالي جي
سُر بروي’ کان جدا سنڌ ۾ آڳاٽي وقت کان وٺي، ويندي 20 صديءَ جي پهرئين اڌ تائين ڪافيون ۽ ڪلام ‘سنڌي بروي راڳڻيءَ’ ۾ ڳايا ويا. سچل سرمست، نانڪ يوسف، فقير نواب ولي محمد لغاري ۽ منٺار فقير راڄڙ جون ڪافيون ‘سر بروو’، ‘روپ بروو’ يا ‘راڳڻي بروو’ جي عنوان سان موجود آهن. فقير نانڪ يوسف جي ڪافين ۾ ‘سنڌي بروو راڳڻي’، تلنگ سان لاڳو آهي. ‘شاهه جي راڳ’ ۾ به شروع کان وٺي ‘سنڌي بروي’ کي هندستاني يا هندي ‘راڳ بروي’ کان جدا ڪري ڳايو ويو آهي. اوائلي توڙي وچولي دور وارن شاهه جي قلمي رسالن ۾ انهيءَ فرق کي واضح ڪيو ويو آهي؛ يعني ته سنڌي بيتن واري ‘سُر بروي’ کي ‘بروو سنڌي’، هندي بيتن واري سُر بروي کي ‘بروو هندي’ يا ‘بيراڳ هندي’ ڪري لکيو ويو آهي.
سُر بروو’، شاهه جي رسالي جي ننڍن سُرن مان هڪ آهي، جنهن ۾ دل وٺڻ ۽ دل ڏيڻ، حسن ۽ عشق جي وارداتن، ناز ۽ نياز جي نظارن، جفا ۽ وفا جي بيانن، وصل ۽ فراق جي مامرن، سُونهن جي ساراهه، عاجزي، دل ۾ اڀرندڙ اُڌمن ۽ ذهن جي مختلف ڪيفيتن جي ترجماني ٿيل آهي. هن سُر ۾ چار داستان آهن، جن ۾ بيت ۽ وايون آهن:
جڏهانڪر ٿيام، ساڃاهه سپيرين سين،
تڏهانڪر تِر جيترو، ويل نه وسريام،
اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.
(شاهواڻي، داستانبيت 16)
ناز منجهاران نڪري، جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌ،
ڀُون پڻ ‘بسم الله’ چئي، راههَ چُمي ٿي رندَ،
اُڀيون گهڻيون ادب سين، حورون حيرت هنڌ،
سائينءَ جو سوڳنڌ، ساجَنُ سڀنئان سُهڻو!
(شاهواڻي، داستانبيت 6)
سُر رامڪلي: ‘رامڪلي’، هنڊول راڳ جي پنجن زالن مان هڪ آهي.
شاهه جي هن سُر ۾ جوڳ ۽ ويراڳ جا خيال سمايل آهن. شاهه صاحب جوڳين، سامين، ڪاپڙين ۽ ناٿ پنٿين جي سنگ ۾ ٽي سال گذاريا. گنجي ٽڪر، هنگلاج، نانيءَ، ٿر، راجسٿان، ڪاٺياواڙ، ڪڇ ڀڄ، ڪوٽيسور، نارائڻ سر ۽ ٻين علائقن جو سفر ڪيائين.
هيءُ ‘سلوڪ’ جو سُر آهي. يعني سالڪن ۽ سندن منزل مقصود تي پهچڻ واري پنڌ جو سُر آهي. سُر پورب وانگر سُر رامڪليءَ جو موضوع ۽ ماحول ساڳيو آهي، پر معنوي لحاظ کان سُر رامڪلي، سُر پورب کان وڌيڪ وسيع معنيٰ وارو سُر آهي، ڇـو ته ان ۾ سـچـن فقيرن جا وڌيڪ اهـڃـاڻ ڏنل آهن ۽ ناقـص جوڳـيـن کي تنبيهه ڪيل آهي.
سُــر پــورب ۾، ‘پــورب’ ئـي مـنـزل مقـصـود ڄاڻائـي وئـي آهـي.
سُر رامڪليءَ ۾ به ‘پورب ’ ، سالڪن ۽ فقيرن جي خاص منزل آهي،
پر ان سان گڏ فقيرن جي عملي ڪردار جي تشريح پڻ ڪئي وئي آهي. سڀ کان وڌيڪ ۽ خاص ذڪر يوڳ ۽ جوڳين فقيرن جو آهي.
ڪن داستانن جا شروعاتي بيت سناسين (داستان 3)، سامين (داستان 4) يا ڪاپڙين (داستان 6) جي نالن سان آهن. سُر پورب ۽ سُر رامڪليءَ ۾ جوڳين، پوربين، سامين، سناسين، آديسين، ڪاپڙين، بابن، ويراڳـيـن ۽ نـاٿ پـنٿين جـا نـالا جدا جـدا پنٿن ۽ فـرقن لاءِ ڪتـب آنـدل نه آهن.
سُر رامڪليءَ ۾ 9 داستان آهن، جن ۾ بيتن ۽ واين جو مختلف رسالن ۾ مختلف تعداد آهي.
نوري ۽ ناري، جوڳيئڙا جهان ۾،
ٻري جن ٻاري، آءٌ نه جيئندي اُن ري.
(داستانبيت 1)
نانگا نانيءَ هليا، هنگلاجان هلي،
ديکي جن دُوارڪا، مهيسين ملهي،
آڳھ جن علي، آءٌ نه جيئندي اُن ري!
-
ڪَن ڪٽ، ڪاپٽ، ڪاپڙي، ڪنوٽيا، ڪن چيرَ،
سدا وهن سامهان، عاشق اُتر هيرَ،
تسا ڏيئي تَن کي، ساڙيائون سريرَ،
هو جي فنا ٿيا فقير، هلو ته تڪيا پَسون تن جا!
سُر ڪاپائتي: سُر ڪاپائتي رسالي جي ننڍن سُرن مان آهي. پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي لکي ٿو ته، “ان نالي سان ڪا هندستاني راڳڻي ڪانه ٿي سُجهي. ‘ڪاپائتي’ لفظ جي معنيٰ آهي: ‘ڪتڻ واري’ يا ‘ڪاتار’.”
هي سُر شاهه لطيف جي عيني مشاهدي جي عڪاسي ڪري ٿو. سُر ڪاپائتي جو پسمنظر، سنڌ ۾ ڪپهه ٽاڻڻ، پڃڻ، تُنبڻ، ڪَتڻ ۽ اوبڻ جي ڪرت جو يادگار آهي، جن تي سڀ کان وڏي هنرمندي يعني نفيس ڪپڙن جي اوڄ ۽ اڻاوت جو مدار هو. هن سر ۾ خاص طرح آتڻ ۽ ڪتڻ جا اهڃاڻ شامل آهن. هن وقت سنڌ جي اقتصادي ۽ سماجي زندگيءَ ۾ آتڻ جو وجود ۽ ڪتڻ واري ڪرت جو اڳيون اوج باقي نه رهيو آهي، پر هي سُر ڪاپائتين جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ ۽ ڪرت ڪار جي جيئري جاڳندي تصوير آهي. سُر ڪاپائتيءَ ۾ ڪتڻ ۽ اڻڻ واري ڪرت جو نقشو چٽيل آهي، جنهن جو شاهه لطيف جي وقت ۾ چالامانو هو ۽ ان کانپوءِ به سنڌ ۾ هيءَ ڪرت موجود رهي آهي. زندگيءَ ۾ پورهيي جي اهميت ۽ صداقت وارو دائمي قدر، سر ڪاپائتيءَ ۾ اجاڳر ڪيو ويو آهي.
هن سُر ۾ سنڌ جي ثقافت ۽ قديم هنر ۽ سُکيي ستابي زرعي ملڪ جا چٽا اهڃاڻ ملڻ سان گڏ فصلن جي پوکائي ڪٽائيءَ جو ذڪر ۽ علائقي جي درياهي بندرن، بازارن ۽ خاص ڪري وونئڻن جي پوک ۽ ان جي واپار لاءِ ڏيساور [عرب ۽ افغانستان ملڪن وغيره] ۾ وڃڻ جي ذڪر سان گڏ سنڌ جي سکئي ستابي زراعتي نظام جي اوج جو تذڪرو به ملي ٿو.
هن سُر مان اِها به ڄاڻ ملي ٿي ته سنڌ جا هنرمند ڪيڏا نه سڄاڻ هئا، جو اُهي ملڪان ملڪ مشهور هئا ۽ سندن ٺاهيل شين جو ايڏو مان هو، جو انهن جي سادي سُٽ ۽ سُٽ مان ٺهيل شين جي عيوض مٽاسٽا جو ناڻو ميسر ٿيندو هو. اهڙا اهڃاڻ ڪيترن ئي بيتن ۾ ملن ٿا. هن سُر جو مرڪزي نُڪتو پورهيي سان پيار آهي، جنهن ۾ شاهه لطيف هنرمند پورهيتن، سنڌ ۾ تيار ٿيندڙ نفيس ڪپڙي جي تند جو بيان ۽ ان جي اهميت کي اُجاڳر ڪيو آهي. هي سڄو سُر، ڪاپائتيءَ جي سُٽ ڪتڻ، آتڻ ۾ ويهي چرخي چورڻ ۽ پيار ڀرئي پورهئي جي پسمنظر تي آڌاريل آهي، جنهن ۾ هڪ پاسي عورت کي پورهئي ۽ هنر جي آزادي حاصل ڪرڻ ۽ ٻئي پاسي کيس پنهنجي ڪٽنب ۽ ڪانڌ سان پيار، قرب ۽ وفاداري قائم رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سُر جي عميق گهراين ۾ جيڪڏهن وڃي ڏسبو ته شاهه لطيف هن سُر ۾ منجهيل مسئلن کي حل ڪرڻ جا انيڪ نڪتا پيش ڪيا آهن. خاص ڪري ٽي جذبا هن سر جي بيتن ۾ بکندي نظر اچن ٿا، جن ۾ وقت جي قدر جو شديد احساس، محبت جي عظمت جو پيغام ۽ ڏک ۽ ويرانيءَ جو گهرو احساس بيان ڪيل آهي.
رسالي جي ٻين سُرن وانگر هي سُر پڻ فڪري رمزن جو ڀنڊار آهي. سُر جي باطني معنيٰ موجب ان ۾ انسان لاءِ سجاڳيءَ جو پيغام ۽ زندگيءَ جي مقصد جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. روحاني منزل ماڻڻ لاءِ محنت ۽ مشقت جي تلقين، هٺ ۽ وڏائيءَ کي ختم ڪرڻ، نياز ۽ نوڙت اختيار ڪرڻ ۽ غافل انسان کي ڌونڌاڙي سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
هن سُر جي موسيقيءَ بابت، پير بهاءُ الدين سرهندي رقمطراز آهي ته، “سُر ڪاپائتيءَ ۾ ٻن ٺاٺن، هر هڪ ‘ڀيرو ٺاٺ’ ۽ ‘کماچ ٺاٺ’ جي مڪمل طرح آميزش موجود آهي. ٻنهي ٺاٺن مان ورتل ٻن راڳن يعني ‘راڳ تلڪ ڪامود’، جيڪو ‘کماچ ٺاٺ’ جو راڳ آهي ۽ راڳشومت ڀيرو’، جيڪو وري ‘ڀيرو ٺاٺ’ جو آهي، [اُنهن ٻنهي جي] ملائي ڳائڻ سان لطيف سائينءَ جي هن سُر ڪاپائتيءَ جي شڪل وجود ۾ اچي ٿي. [تفصيل لاءِ ڏسو: ڪتاب ‘شاهه جو راڳ’ (2015ع)، ص 1172]
غلام محمد شاهواڻي ۽ ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي مرتب ڪيل شاهه جي رسالن موجب سُر ڪاپائتيءَ ۾ هڪ داستان آهي، جنهن ۾ هڪ وائي ۽ 32 بيت شامل آهن.
ڪَتي مَٿي آئيون، ڪري تندُ تيار،
اُٽَل اوڏاهين ٿئي، جيڏانهن پرينءَ پار،
ڪاپائتيءَ قرار، منجهان پورهئي آئيو.
(شاهواڻي، 1/25، ص 833)
نه سي وونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،
پسئو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي!
(آڏواڻي، 1/25، ص 400)
سُر پورب: پورب لفظ جي لغت ۾ معنيٰ آهي: ‘اوڀر، اُڀرندو، مشرق، اُڀرندي وارو ملڪ’، ڀارت ۾ ڪانپور کان بهار تائين علائقو ...’
(جامع سنڌي لغات، جلد-1، ص 615، 2004)
پورب ’ شاهه جي رسالي جو هڪ سُر آهي، جنهن جو راڳ- ڪلا سان واسطو آهي. موضوع جي مناسبت سان ڳائڻ لاءِ هند جي راڳن، خاص ڪري پُوروَ (پوروي/ پوربي)، رامڪلي ۽ جوڳيا کي مناسب سمجهيو ويو. انهن راڳن تي سنڌ اندر سنڌي راڳن جو اثر پيو ۽ انهن
کي مقامي صورت ۾ ڳايو ويو، جنهنڪري نوان راڳ ٺهيا، جيڪي ‘سنڌي رامڪلي’، ‘سنڌي جوڳيا’ ۽ ‘سنڌي پورب ’ جي نالي سان نروار ٿيا. شاهه جي هن سُرپورب ’ جي اُها صورت آهي.
سُر ‘پورب ’ ۾ 12 ۽ 13 صدي عيسويءَ واري دور جي موحد فقيرن جي پس منظر جا ٽاڻا ۽ اهڃاڻ ڏنل آهن، جاگرافيءَ جي لحاظ کان اهي علائقا، جيڪي بهار ۽ ڪانپور کان اڳتي گنگا نديءَ جي اورئين (پورب) طرف آهن، سي ‘پورب ديس ’ ۾ شامل هئا. شاهه جي سُر پورب ۾ ان ديس جي ‘پوربي فقيرن’ جو ذڪر آهي، جيڪي هٺ يوگي، جوڳي ۽ ناٿ پنٿي هئا. هن سُر ۾ رامڪلي سُر سان گهڻي مطابقت نظر اچي ٿي، اهو ئي ڪارڻ آهي، جو شاهه سائينءَ جي ڪيترن شارحن، سُر رامڪليءَ جا بيت، پورب ۾ ۽ پورب جا سُر رامڪليءَ ۾ رکي ڇڏيا آهن ۽ ڪن وري انهن کي ٻنهي سُرن ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي، اهڙيءَ ريت ٻنهي سُرن جي موضوعاتي هڪجهڙائيءَ سبب انهن جي موضوعاتي ورڇ ڪرڻ ڏکي آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڪتاب ‘سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ’ ۾ هن سُر جو جيڪو پسمنظر بيان ڪيو آهي، ان جو تت هن ريت آهي:
13 کان 16 صدي عيسويءَ واري عرصي ۾ ‘توحيد’ جي عالمگير نظريي هيٺ هندو سماج ۾ ٻه مکيه اصلاحي تحريڪون: ‘هٺ يوگي تحريڪ’ (1200ع) ۽ ‘ڀڳتي تحريڪ’ شروع ٿيون. هٺ يوگي/ جوڳي، موحد هئا، وٽن ‘گرو ۽ چيلي’ جو تصور، تصوف جي ‘مرشد ۽ مريد’ وارو ساڳيو هو، پر هٺ جوڳين وٽ اڳتي هلي سڄو علم ۽ عقل جسماني ڪشالن ۽ رياضتن (تپسيائن) تائين محدود ٿي ويو. ڀڳتي، بنيادي طور محبت، پوڄا ۽ بندگيءَ جو مفهوم رکي ٿي، جيڪا پهرين ادويت (دوئيءَ کان دور) يعني هڪ طرح توحيدي فلسفي سان شروع ٿي، پر پوءِ اُن ۾ ڪرشن پوڄا ۽ رام پوڄا جا تصور شامل ٿيا ۽ ‘ڪرشن ڀڳتي’ ۽ ‘رام ڀڳتي’ باقاعدي تحريڪ جي صورت ورتي، پوءِ به ان جو هڪ اهڙو گروهه هو، جنهن وٽ ‘رام’ جي نالي ۾ واحد خدا جي پرستش موجود هئي. سنڌ جي مسلمان صوفين، جوڳ وارن جوڳين ۽ ڀڳتيءَ جي ڀڳتن جو قدر ڪيو ۽ ‘جوڳ ۽ ڀڳتيءَ’ کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بنايو ۽ ‘ناٿ’ ۽ ‘رام’ [حقيقي] سان عقيدت جو سبق ڏنو.
شاهه سائينءَ هن سُر ۾ پوربي فقيرن جو ذڪر ڪيو آهي، سي يوگي ۽ ناٿ پنٿي هئا، ۽ جن گرو ۽ ناٿ جي آگيا ۽ رضا کي ضروري ڄاتو، ۽ بتن بدران هڪ ڌڻيءَ ۾ پنهنجو ويساهه پختو ڪيو. شاهه سائينءَ پورب ڏانهن اسهندڙن ‘پوربين’ [گورک ناٿ جي پوئلڳن، ڪاپڙين] جي سڪ، محبت، صحبت ۽ سنگت واري ماحول کي چٽي، سندن خالي پيل مڙهين، ماڳن ۽ مڪانن کي ياد ڪرڻ، سندن سفر تي اسهڻ کانپوءِ پيدا ٿيندڙ درد ۽ فراق واري حالت کي سُر پورب ۾ بيان ڪيو آهي. روايت آهي ته شاهه صاحب ’گرو گورکناٿ‘ جي ڪاپڙي ڏاڏي ميڪڻ/ ميڪرڻ سان ملاقات ڪئي هئي ۽ اُن جي چيلي ‘پاربرهم’ سان به مليو هو، جنهن جي لاڏاڻي يا سماڌي وٺڻ جو ذڪر سندس رسالي ۾ به آهي:
کـاروڙيان کـڻـي، ويـڙهـي جهـپ ويــا،
سيڻ منهنجا سيد چئي، انهيءَ هنڌ هئا!
هن بيت ۾ ‘ويڙهي جهپ’ اُهو هنڌ آهي، جيڪو ضلعي ٿرپارڪر جي ڏيپلي تعلقي ۾ آهي، جتي پاربرهم فقير سماڌ ورتو هو.
شاهه صاحب، وڏي سوامي (گروءَ) جي تمثيل هيٺ حق جي طالب کي سلوڪ جي طور طريقن ۽ آدابن کي پوري ڪرڻ جي تلقين ڪئي آهي ۽ سالڪ کي چڱيءَ ريت تنبيهه ڪئي آهي ته هو گرو/ مرشد جي طريقي جي مڪمل پيروي ڪري، پنهنجا فرض پورا ڪري.
سُر پورب، سالڪن ۽ سندن منزل مقصود تي پهچڻ جو سُر آهي. هن سُر ۾ ٻه داستان آهن. پهرئين داستان ۾ [شاهواڻيءَ واري رسالي ۾] ڪانگل جو به ذڪر آهي.
هن ُسر ۾ شاهه عبداللطيف، مشتاق طرفان قاصد ڪانءَ کي اهو تاڪيد ڪيو آهي ته محبوب کي سنيهڙو وڏي نياز ۽ نوڙت سان ڏج .
‘ڪري ڪانگ ڪرنشون، پيرين پرينءَ پئيج’
-
وَهلو ورَر، وريا پرين، آءُ ڪانگا، وڻ ويھُ،
جن ڏور چيتاريو ڏيھُ، سي اُڏامي آڻ تون!
(شاهواڻي، داستانبيت 5)
سنڌ جي ٻهراڙين ۾ عام خيال اهو آهي ته پيغام ڏيندي ئي جيڪڏهن ڪانگ اُڏامي ويو ته چئبو ته ‘واڌائيءَ’ وارو آهي ۽ پيغام پورو پهچندو. انهيءَ خيال مطابق پيغام وارن اکرن کان اڳ ‘واڌائيءَ’ وارا اکر چئبا ته ‘اُڏر ڪانگ’ يعني ته مٿي منيءَ تي يا ٽاريءَ تي ويٺل ڪانگ کي ‘اڏر ڪانگ’ جي واڌائي ڏئي پوءِ پيغام جا اکر چئبا هئا، جيئن: ‘اڏر مٿان ڦانگ’، ‘کر جاون، آون پرين’.
هن سٽ جي پهرئين اڌ وارا لفظ ‘واڌائيءَ’ جا آهن ۽ پوئين اڌ وارا پيغام طور پنهنجيءَ دل جي مقصد جا ته ‘شال رقيب رُلن ۽ پرين اچن’.
‘پوربيا’ پوري ويا، آسڻ آڌيءَ رات،
سُيم نه سنياسين جون، پچارون پرڀات،
ڪا جا جوڳيءَ ذات، مٽ نه معذور جا.
پُوربيا پُوري وئا، آسڻ اڄ صُبوح،
خستوري خوشبوءِ، آهي آديسين ۾!
سُر ڪارايل: سُر ڪارايل کي رسالي جي ننڍن سُرن ۾ شمار ٿئي ٿو. لفظ ‘ڪارايل’ جي معنيٰ بابت محققن جا مختلف رايا آهن. غلام محمد شاهواڻيءَ ۽ پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي ‘ڪارايل’ جي معنيٰ: ‘مور’ يا ‘هنج’ ٻڌائين ٿا.
مولانا دين محمد وفائي، پنهنجي ڪتاب ‘شاهه جي رسالي جو مطالعو’ ۾ لکي ٿو، “مور کي ‘ڪارايل’ به چوندا آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچجامع سنڌي لغات’ ۾ ڪارايل جي معنيٰ ‘مور’ ڏني آهي، جڏهن ته وري پنهنجي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي جلد ٽئين ۾ لکي ٿو ته، “ڪارايل مان مراد ‘ڪارو هنج’ آهي.” ڊاڪٽر بلوچ جي ڏنل پوئين معنيٰ سان ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي به اتفاق ڏيکاريو آهي.
هن سُر ۾ شاهه لطيف، نانگن مان ڪاري واسينگ ۽ کپر جي ڳڻن، اوڳڻن ۽ پکين مان هنج، مور، ڪنگ ۽ ڪانئيري جي کاڌ خوراڪ، عادتن ۽ خصلتن کي پنهنجي ڏانءَ سان بيان ڪري، هڪ طرف فطرت جي مشاهدي کي سامهون آندو آهي ته ٻئي پاسي اهو راز ظاهر ڪيو آهي ته جيڪڏهن انسان فقط اکين سان ئي دنيا جي عجائبات کي ڏسي ۽ پرکي ته علم ۽ عرفان جا اڻ کٽندڙ سلسلا سندس ڄاڻ کي وڌائي سگهن ٿا.
سُر ڪارايل ۾ شاهه لطيف خير ۽ شر، نيڪي ۽ بدي، چڱائي ۽ بڇڙائي، بلندي ۽ پستي، محبت ۽ نفرت جي فرق کي مخصوص پکين ۽ جيتن جڻين جي خصلتن ذريعي بيان ڪري، فڪر انگيز ڳالهيون ڪيون ۽ جيئڻ جي اعليٰ مقصد جي وضاحت ڪئي. ان کان سواءِ حقيقت ۽ سلوڪ جون رمزون ۽ راز بيان ڪندي سچي سالڪ جي ‘هنج’ سمان ڀيٽ ڪئي آهي، ۽ ان جي ڀيٽ ۾ عام رواجي ماڻهن کي ڍنڍ
جي ‘ڪانئيرن’ سان تشبيهه ڏني آهي. اهڙيءَ ريت هن ننڍڙي سُر ۾
شاهه صاحب، هنج، ٻگهه ۽ ڪاري اصيل نانگ جي روايتي خوبين جي تمثيل سان، اعليٰ اخلاقي معيار جا ڪيترائي رُخ پيش ڪيا ويا آهن، جيڪي معرفت جي منزل جي راهه هموار ڪن ٿا.
سنگيت جي حوالي سان سُر ڪارايل جو آلاپ، سنڌ جي مقامي راڳن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، ائين چئجي ته هي سنڌ جو پنهنجو نغمو آهي، جنهن کي هتان جي مقامي ماڻهن ڳايو، جيڪو پوءِ شاهه جي راڳ جو جُز بڻيو. غلام محمد شاهواڻيءَ جي ترتيب ڏنل ‘شاهه جي رسالي’ ۾ ڄاڻايل آهي ته، “ڪارايل نالي ڪا به هندستاني راڳڻي ڪانهي. هن
سُر تي نالو مضمون موجب رکيل ٿو ڏسجي، ڇاڪاڻ ته منجهس ڪارايل (مور پکي) جو ذڪر ڪيل آهي.” پر مرزا قليچ بيگ جي ‘لغات لطيفي’ ۾ ‘ڪارايل’ نالي هڪ راڳڻي به ڄاڻائي وئي آهي.
هندستاني سنگيت ۾ ڪلياڻ ٺاٺ جو هي راڳ اوڍو- سمپورڻ راڳ آهي، جنهن جو وادي سُر مڌم ۽ سموادي کرج (سا) آهي، ۽ آروهيءَ ۾ رکب ۽ گنڌار جا سُر نٿا لڳن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سُر ڪارايل جي راڳ جي وضاحت پيش ڪندي لکي ٿو ته، “جڏهن هندستاني موسيقيءَ جي راڳن سان ڀيٽيو ويو ته ائين معلوم ٿيو ته، سُر ڪارايل ڄڻ هندستاني موسيقيءَ جي راڳ ‘جلڌر ڪِدارا’ سان ملي ٿو.” ٻين جي ڀيٽ ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي راءِ جي روشنيءَ ۾ ڏٺو ويو آهي ته، “لاڙ ۾ بلاول راڳ جي آلاپ جو وڌيڪ اثر آهي، ۽ ‘جلڌر ڪدارا’ به بلاول ٺاٺ جو کاڊو قسم جو راڳ آهي، جنهن جي آروهي ۽ امروهيءَ ۾ گنڌار جو سُر نه ٿو لڳي، وادي سُر مڌم ۽ سموادي سُر کرج آهي.”
سُـر ڪـارايـل جـا ٻه داستان آهن، جنهن ۾ بيتن ۽ واين جو تعداد مختلف آهي.
هنجن سين هيڪار، جي ڳُڻ ڪري نهارئين،
ته ٻگهن سين ٻيهار، ٻيلهه نه ٻڌين ڪڏهين!
-
ڪنورَ پاڙون پاتار ۾، ڀؤنر ڀري آڪاس،
ٻنهي سندي ڳالهڙي، رازق آندي راس،
تنهن عشق کي شاباس،جنهن محبتي ميڙيا!
سُر پرڀاتي: سُر پرڀاتيءَ کي جدا جدا رسالن ۾ ‘پرڀاتي’، ‘جاجڪاڻي’، ‘وهاڳڙو’ نالي سان به لکيو ويو آهي. سنگيت جي ماخذن ۾ ‘سر پرڀاتيءَ’ جو راڳ، ‘پرڀات’ نالي سان ملي ٿو. هيءُ سنڌ جو نج ۽ آڳاٽو راڳ آهي، جنهن کي منگتن ڳائي مشهور ڪيو، ۽ سنڌ جو هي ديسي راڳ، جڏهن سنڌ جي حدن کان ٻاهر نڪري، هندستان جي حدن ۾ ڳائجڻ لڳو ته هندستان جي گوين هن راڳ لاءِ قاعدا قانون مقرر ڪيا، ۽ ‘مارڳ موسيقيءَ’ جو جز بڻائي، ڪلاسيڪي ۽ نيم ڪلاسيڪي گائيڪيءَ جي صنف طور ڳايو. هي ڀيرو ٺاٺ جو سمپورڻ راڳ آهي. هن جو وادي سُر شڌ مڌم آهي، ۽ ڳائڻ جو وقت پرهه ڦٽي آهي. هن راڳ ۾ ريکب ۽ ڌيوت جا سُر راڳڀيرو تان ورتا ويا آهن. تنهنڪري هن کي آلاپڻ جو وقت فجر يا صبح جو رکيل آهي. هن راڳ ۾ گهڻو ڪري حمد، صفت ۽ عارفاڻو ڪلام ڳايو وڃي ٿو. اهڙيءَ ريت ‘ڀڳتي مت’ به ‘پرڀاتيءَ’ ۾ ڳائي ويندي آهي.
شاهه لطيف جي شاعريءَ جي هِن سُر ۾ منگتن، مڱڻهارن ۽ سخي سردارن جو ذڪر آهي، پر خاص موضوع لس ٻيلي جي والي ‘سپڙ ڄام’ جي سخا آهي، ڇو ته ٻين سردارن ۽ ڏاتارن سخا ڪئي ته پنهنجي شان ۽ مان وڌائڻ خاطر ڪئي، پر سپڙ ڄام سمي، ڪيرت وارن جي قدردانيءَ لاءِ سخا جا در کولي ڇڏيا. هن خاص طرح محتاجن ۽ ڏڏن کي ڏان ڏنا.
هن سُر جو نالو موضوع جي مناسبت سان رکيو ويو آهي، ڇو ته منگتا، مڱڻهار، چارڻ ۽ ڀَٽَ پرڀات ويلي اُٿي، سمن سردارن جي درن تي بيهي کين ساراهيندا ۽ سندن واکاڻ جا گيت ڳائيندا هئا. ان واکاڻ
کي ‘وهاڳ’ به چئبو آهي، ان ڪري هن کي ‘سُر وهاڳڙو’ به چوندا آهن. منگتا وڏا هنرمند ۽ جاجڪ هئا، جيڪي پنهنجي جاجڪاڻي انداز ۾ سخي سردارن کي موهي وجهندا هئا. اها روايت سنڌ ۾ پوءِ عوامي به ٿي وئي، خاص ڪري آرائين/ مالهي يا راڳي صبح جو سويل موتئي جا گل کڻي در در تي وڃي ماڻهن کي ڏيندا هئا، پوءِ هرڪو وس آهر کين ڏاڻ ڏيندو هو. ان اهڃاڻ ۽ روايت جو ذڪر شيخ اياز جي هڪ وائيءَ ۾ هن ريت ملي ٿو:
عشق اسان وٽ آرائينءَ جئن،
آيو جهول ڀري،
ڪوئي ڪيئن ڪري!
هيءُ سُر سمن جي سماج ۽ ماحول جو يادگار آهي، جڏهن سردارن موروثي مڱڻهار رکيا. منگتن کي نوازڻ سان هڪ طرف ڳائڻ وڄائڻ ۾ واڌارو آيو، ته ٻئي طرف ڪيرت جي ٻولن ۾ وڏي تورتڪ پيدا ٿي. قابل جاجڪن تي انعام جي ورکا ٿي پئي، پر ويچارا معذور مڱڻهار اهڙن انعامن اڪرامن کان محروم هئا. پوءِ لسٻيلي جو نامور سخي ‘سپڙ ڄام’ ساماڻو، جنهن معذور منگتن کي به مان ڏنو. انهيءَ پسمنظر ۾ ‘لڱي چارڻ’ جي ڳالهه مشهور ٿي، جنهن کي ڪيرت لاءِ ڪو به پاڻ سان گڏ وٺي نه ٿي ويو، پر کيس سپڙ ڄام جي سخا ۾ وڏي اميد هئي ۽ ٿيو به ائين. سپڙ ڄام هن بيوس منگتي کي ڏوليءَ ۾ چاڙهائي پاڻ وٽ گهرايو ۽ وڏا انعام ۽ اڪرام ڏنا. انهيءَ ڪري لطيف سائين به هن سخي سردار جي سخا کي ڳايو آهي.
شاهه لطيف جي هن سُر جي اهم ڳالهه اها آهي ته شاهه صاحب چارڻن کي لوڀ، لالچ کان مٿي ڄاڻايو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته سچن راڳين ۽ چارڻن کي طلب جي تنوار ۽ لوڀ لالچ کان مٿانهون ٿيڻ گهرجي. هن سُر ۾ هڪ داستان آهي.
ايءُ نه ڀانن ڀيرُ، جئن ڪينرُ ڪِيريءَ ٽنگئو،
سُنهاري صُبوح سين، وِجهي ويٺين ويرُ،
تـوکـي چـوندو ڪيـرُ، ڪيرتَ ڌاران مڱڻو؟
-
طلب جي تنوار، متان ڪرين مڱڻا،
ڌڪي ڪندءِ ڌار، ماڻڪ ڏئي مُٺِ ۾.
-
جنين سُکُ ناهِه ڪو، چارڻ سي چئجن،
رُڃن راهه پُڇن، مٿي ڪُلهن ڪِينرا!
سُر ڏهر: ٿر ۾ ٻن ڀٽن جي وچ ۾ ماٿر يا ڏاڍي زمين واري سڌي ميدان کي ‘ڏهر’ چوندا آهن. ڪلياڻ آڏواڻيءَ لکيو آهي ته شاهه جي هن سُر تي اهو نالو ان ڪري پيو، جو اُن ۾ سمايل خيال، شاهه صاحب کي [ٿر جي سفر دوران] ڏهر مان لنگهندي آيا.
هن سُر ۾ جسوڌڻ آگري جي دور ۾ پٽيهل درياهه ۽ پاڻيءَ جي موج سبب ملڪ ۾ آبادي ۽ ماڻهن جي خوشحاليءَ، ان بعد وري پٽيهل ۾ پاڻيءَ جي گهٽجڻ ۽ سُڪڻ، ماڻهن جي لڏڻ، ملڪ جي ڦٽڻ، وقت جي وڏي بهادر ۽ ارڏي سردار لاکي ڦلاڻيءَ جي ڳڻن ڳالهين، بهادريءَ، سندس وڏن ماڻهن، راڄين ۽ راڄ ڌڻين سان ويڙهه ۽ غريبن اوڏن ۽ پورهيتن سان همدرديءَ جا اهڃاڻ هن داستان جا مکيه موضوع آهن. هن سر ۾ سنگهارن ۽ مالدان جو ذڪر آهي. سنگهارن جي وڏي چاهه سان مال ڌارڻ ۽ چارڻ، پاڻ ۾ گڏ رهڻ ۽ سندن صلح سانت ۽ اطمينان واري سماجي زندگيءَ جو آئينو آهي.
جي ڀانئين وس چران، ته سنگهارن سين گهار،
جـنيـن سـندي واڙ، چـور نه اچـي ڪڏهين.
هن سُر ۾ ڪونجن جي اعليٰ وصفن جا به اهڃاڻ ڏنل آهن. سُر جو مرڪزي موضوع ڪونجن تي ڪهل ڪرڻ ۽ کين نه مارڻ جي ترغيب آهي. ڪونجن جي فطري ۽ اعليٰ ڪردار جون وصفون بيان ڪيون ويون آهن، جيڪي قُوت ۽ چُوڻي خاطر پرديس ۾ اينديون آهن، ۽ وطن کي ياد ڪري واپس ورنديون آهن، وڳر ۾ هلنديون آهن ۽ منجهانئن ڪا ڪونج پوئتي رهجي ويندي آهي ته ان کي سنڀاري ساڻ ڪنديون آهن.
سُر ڏهر ۾ ذات الاهيءَ جو ذڪر ۽ بزرگن، اوليائن جي ثنا وارو موضوع آهي، جنهن کي آڳاٽي وقت کان وٺي صوفين ۽ درويشن جي سماع وارين محفلن ۾ سر ڏهر ۾ آلاپيو ويو آهي. سروري جماعت (هالا) ۾، سرور نوح رح جي درگاهه تي ‘ڏهر’ (ثنا جا بيت) ڳايا ويندا آهن. منٺار فقير، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، عبدالله ورياهه ۽ ٻين ‘ڏهر’ لکيا آهن. مخدوم طالب الموليٰ، سُر ڏهر بابت تفصيلي مضمون لکيو آهي.
هن سُر جو موضوع ئي ساري جهان جي خالق ۽ پالڻهار جي صفت ۽ ساراهه، سندس مهر ۽ ٻاجهه لاءِ دعا آهي. انهيءَ ڪري هنن بيتن کي فقيرن ذڪر طور ‘سر ڏهر’ ۾ آلاپيو. ان سان گڏ هن زمين تي انسان جي عارضي زندگيءَ جي حوالي سان انسان کي ترغيب ته هيءَ حياتي هڪ عارضي منزل ۽ مانجهاندي جو ماڳ آهي. ننڊ ۽ غفلت بدران بيداري ۽ سجاڳيءَ واري حالت ۾ هجڻ ضروري آهي.
هن سُر ۾ پنج داستان آهن. مختلف رسالن ۾ بيتن ۽ واين جو مختلف تعداد ڏنو ويو آهي.
ڪنڊا! تو وٽاءُ، سچ ڪه سيڻن لڏئو،
مَڃُر تو مٿاءُ، ڇڻيو پون ڇڳا ڪئو!
-
سُتا اُٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،
سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ملي.
(داستانبيت 8)
وڳر ڪئو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن، ماڻهنئان ميٺ گهڻو!
(داستانبيت 5)
سُر بلاول: شاهه جي رسالي جو هيءُ سُرراڳ بلاول’ تي آڌاريل آهي ۽ راڳ بلاولَ جي سنگيتَ ۾ بنيادي حيثيت آهي. موضوع جي لحاظ کان هن سر جا ٽي ڀاڱا آهن. پهريون ڀاڱو سمن جي صاحبيءَ ۽ سخا بابت آهي. ٻئي ڀاڱي ۾ سومرن ۽ علاؤالدين جي لشڪر سان جنگ دوران اُن وقت جي هڪ اهم سورمي، ابڙي سردار جي همت ۽ سومرن عورتن جي سامن جهلڻ جو ذڪر آهي. ٽئين ڀاڱي ۾ حڪمت ۽ ڏاهپ واري گفتگوءَ جا انيڪ نُڪتا مزاحيه انداز ۾ بيان ڪيل آهن ۽ اُن جي آخري داستان ۾ شاهه سائينءَ پنهنجي خاص فقير وڳند سان چرچي ۽ ڀوڳ وارا بيت چيا آهن، جن ۾ شاهه لطيف مزاح جي اوٽ ۾ ڪيتريون حقيقتون بيان ڪيون آهن.
شاهه سائينءَ جي هن سُر ۾ ابڙي سمي جي جنگ جو احوال ۽ سما دور جي سماج ۽ ماحول جا اهڃاڻ واضح طور ملن ٿا. ان دور ۾ ڌار ڌار قبيلن جي سربراهن، ڀَٽن ۽ چارڻن، منگتن ۽ مڱڻهارن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ انعام ڏنا ۽ کين نوازيو، مڱڻن به سخين کي ساراهيو. اُهي مڱڻا صبح جو اُسر ويل اُٿي ڏاڻ ڏيندڙن جي ڏُهلين ۽ ڏيڍين تي ڳائڻ لڳا. اهڙين ساراهن کي ‘سڀراج’، ‘جُهار’ يا ‘وِهاڳ’ سڏيو ويو. اُهي سربراهه، جن کي منگتن سُڀُون ڏنيون ۽ جُهاريو، تن مان هن سر ۾ سمي، اوڍر، مُهُڙ، راهوءَ، ڪَرَٺ، هوٿي ۽ جادم جکري جا نالا آيا آهن. اهي سڀ سربراهه سنڌ ۾ اندازاً اٺين صدي عيسويءَ کان پوءِ، ۽ سمن جي حڪومت [14 صدي عيسويءَ] کان اڳ ٿي گذريا آهن. اهي نالا جيڪي هن سُر جي بيتن ۾ آيا آهن، تن جون پيڙهيون سمن جي نسب نامي جي ٻن روايتن مطابق هن طرح آهن: جادم ولد سام، جنهن جي پٽ هَسپت جو اولاد سنڌ جا سما آهن. اوڍَر يا اوڍار پٽ نوتيار پٽ نيٽ (؟)، جيڪو هسپت جي اولاد مان هو. سمو (وڏو) پٽ لاکو پٽ انڙ پٽ لاکو پٽ لاکيار پٽ اُڍو پٽ اوڍار. هيٺ سندس پيڙهيءَ مان سمو (ننڍو) ٿيو، جنهن جو اولاد ‘سميجا’ ٿيا. جکرو پٽ سمو (وڏو) جيڪو جادم جي اولاد مان هو ۽ انهيءَ ڪري کيس ‘جادم جکرو’ سڏيو ويو. پيءُ جي نالي سان کيس ‘سمو’ سڏيو ويو ۽ پڻ کيس ‘اوڍر’ چئي ساراهيو ويو. ٻيءَ روايت موجب جکرو [سندس گادي ڪاري ڪڇي ۾ هئي] پٽ ابڙو پٽ راهو، پٽ اڍو پٽ اوڍار.
شاهه لطيف جي هن سُر ۾ ابڙي سمي ۽ سومرين جي سامن جو ذڪر آهي، پر سومرا دور جي سورهيه حاڪم دودي سومري جو ذڪر ٿيل ڪو نه آهي. ممڪن آهي شاهه سائينءَ ان ڏس ۾ بيت چيا هجن، پر ڪاتبن [سمن جي حامين يا ٻين] اُهي رسالي ۾ داخل نه ڪيا هجن. شاهه صاحب لازمي طرح دودي سومري جو نالو وٺي نه ڳايو هوندو،
پر علامتي انداز ۾ ڳايو هوندو، جنهن جا اهڃاڻ ڪيڏاري ۽ ٻين سُرن
۾ ڳولڻ ۽ تحقيق ڪرڻ گهرجن، ڇو ته ‘چار ترارون چيلهه ۾، مٿي
ٻه پاڳون’ ۽ اهڙن اهڃاڻن وارا بيت ڪنهن ‘سنڌي سُورمي’ جي مشابهه آهن.
سرڻين جا سوٺا سهي، وَسيلو وِلهن،
لُڏي ڪين لطيف چئي، اڳيان لال لکن،
جت ڪوڙين ڪين ڪُڇن، اُت پاٻوهي پڌرو.
-
جکرو، جس کرو، ٻيا مڙيئي مِيرَ،
مِٽي ان خَميرُ، اصل هئي ايتري.
مختلف رسالن ۾ بيتن ۽ واين جو تعداد گهٽ وڌ آهي.
شاهه جي رسالن ۾ شامل ڪجهه سُر:
 ‘شاهه جي گنج’ ۽ ڪن ‘شاهه جي رسالن’ ۾ ڇٽيهه (36) سُر ڄاڻايا ويا آهن، جڏهن ته اڪثر محققن طرفان ترتيب ڏنل ‘شاهه جي رسالن’ ۾ ٽيهه (30) سُر ڏنا ويا آهن. واڌو ڇهن سُرن جو مختصر تذڪرو هيٺ ڪجي ٿو:
(1) سُر بيراڳ هندي: ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي راءِ آهي ته هن سُر ۾ شاهه عبداللطيف جا نالي ماتر به بيت ڪونهن. ڪن مشهور هندي شاعرن جهڙوڪ: گرونانڪ، ڪبير ڀڳت، دادو، سمن، پرمانند، ڪالو وغيره جي ٻاڻين جو انتخاب ڏنل آهي. سُر جي پڇاڙيءَ ۾ مولانا جلال الدين روميءَ جي مثنويءَ جي جدا جدا دفترن مان، اوليائن جي ساراهه وارا بيت درج ڪيا ويا آهن، ۽ آخرين وائي مشهور [فارسي شاعر] حڪيم سنائيءَ جي تصنيف ڪيل مناجات آهي.
شاهه لطيف گهڻ مطالعو شاعر هو. معلوم ٿئي ٿو ته هن کي مختلف ٻولين جي جن شاعرن متاثر ڪيو يا جن جي خيالن ۽ شعرن جو هُن ترجمو ڪيو، يا جن کي ‘تخليقي تڪميل’ جو روپ ڏنو، اُهي ‘محفل جي ڪلام’ طور رسالي ۾ درج ڪيا ويا آهن، اُنهن مان سُر بيراڳ هندي به هڪ آهي.
آهه ڪرون تان جهنگ جلي، جهنگل پي جَل جاءِ،
پـاپــي جـيـوڻـا نـه جـلـي، جِـس ۾ آهـه سـمـاءِ.
(گنج، مرزا، سر بيراڳ هندي، ص 261)
(2) سُر هير رانجهو: هن سُر بابت ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو خيال آهي ته هن سُر جي ٻولي نه ڪي نج پنجابڪي آهي، نه ڪي نج سرائيڪي آهي، بلڪ سيالڪي معلوم ٿئي ٿي. [هير ۽ رانجهو] ٻنهي عاشقن جو
قصو ڪيترن ئي پنجابي شاعرن نظم ڪيو آهي، جهڙوڪ: دامودر ۽ وارث شاهه وغيره. رسالي ۾ ڏنل قصو به ڪنهن انهيءَ طرف جو ڏنل آهي. هونئن اِن ڳالهه کان انڪار نه آهي ته لطيف ڪو سرائيڪي ٻوليءَ کان واقف نه هو يا سرائيڪيءَ جو پنهنجي شاعريءَ ۾ واهپو نه ڪيو اٿس. هن جي ڪيترين واين ۽ بيتن ۾ سرائيڪي اثر معلوم ٿئي ٿو. مثال طور:
سڀڪا پريان ڪُون پوڄي،
نينهه نيڻين، ڳڻ ڳال وو!
اُن ڪري قوي امڪان آهي ته ڪا وائي، ڪو بيت شاهه جو چيل هجي.
ڪٿ اسان اڪٿ يار اسانڏا، ڪٿ ياران دي وستي،
رانجها کسڻ کيڙا ڏسڻ، ويک ڄٽان دي مستي.
(گنج، مرزا، سر هير رانجهو، ص 491)
(3) سُر ڍول مارئي: ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي راءِ آهي ته هي سُر ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ آهي، ۽ ڀٽ واري نسخي ۾ نه ڏنو ويو آهي. اُنهيءَ مان ئي ثابت آهي ته اهو سُر شاهه جو ڪلام نه آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زندگي ۽ شاعريءَ جو وسيع مطالعو ڪرڻ سان خبر پوي ٿي ته شاهه صاحب، سنڌي ٻوليءَ جي اهم لهجي (dialect) ‘ٿريءَ’ جي اُپ لهجي (sub dialect) ڍاٽڪيءَ جا لفظ سُر سورٺ، سُر مارئي وغيره ۾ ڪم آندا آهن. سُر ڍول مارئيءَ جي ڇنڊڇاڻ جي ضرورت آهي ته جيڪڏهن اهي بيت ڀٽائيءَ جا نه آهن ته ڪنهن جا آهن. هنن بيتن جي سٽاءَ، جوڙجڪ ۽ ٻوليءَ ۾ ڪٿي ڪٿي ‘لطيف جو روح’ ملي ٿو. بهرحال، هن سُر تي تحقيق ڪرڻ جي شديد ضرورت آهي.
آ مان پڪا آمڻين، وڻ پڪا وڻيان،
گورِي پَڪي گول جيئن، رس وهي نيڻان.
(گنج، مرزا، سر ڍول مارئي، ص 293)
(4) سُر ڌناسري: ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي لکي ٿو ته هن سُر ۾ خود شاهه عبداللطيف جي مدح ۾ بيت چيل آهن ۽ پڻ ڪٿي ڪٿي شاهه سائينءَ جي والد شاهه حبيب ۽ شيخ عبدالقادر جيلاني وغيره جي ساراهه ڪيل آهي. شڪ نه آهي ته اُهي بيت ڪن فقيرن يا مريدن جا لکيل آهن، جيڪي شاهه جي رسالي ۾ شامل ٿي ويا آهن.
تم داتا جنگ منگتا، تيري بڙي بلي درٻار،
تم قلندر ڪُل ڪا ڌڻي، هم پلپل ڪرون پُڪار.
(گنج، مرزا، سر ڌناسري، ص 377)
(5) سُر بسنت بهار: ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ڄاڻايو آهي ته هيءُ سُر بلڪل ننڍو آهي ۽ هڪ داستان ۾ سمايل آهي، ۽ گهڻو ڪري منجهس ‘لاکي’ جا بيت آهن. ان کان سواءِ ڀِٽ واري نسخي ۾ به عدم پيدا آهي.
- هن ڏس ۾ هڪ ڳالهه چِٽي ٿي چُڪي آهي ته مخدوم لطف الله ‘لاکي’ جو ڪلام، هالا جي مخدوم صاحبن جي توسط سان ترتيب ڏِجي، ڪتابي صورت ۾ ڇپجي چڪو آهي. ان ڪلام ۽ رسالي جي بيتن جي ڀيٽ ڪري نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو. البت هن سُر جي ڪافي بيتن ۾ ڀٽائيءَ واري ٻولي ۽ پختگي نظر اچي ٿي، جنهن تي تحقيق ٿيڻ جي ضرورت آهي.
آئي بهار بسنت ڪي، ڦُولي سڀ بَن راهه،
ايڪ نه ڦولي ڪيتڪي اور سُڪتي جاءِ.
(گنج، مرزا، سر بسنت بهار، ص 921)
(6) سُر بروو سنڌي ڇوٽڪو: هن سُر بابت ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي راءِ آهي ته “هي سُر صرف ٽرمپ واري نسخي ۾ ڏنل آهي ۽ اُن جا بيت ڪنهن سگهڙ جا ٺهيل معلوم ٿين ٿا.”
ڪن رسالن ۾ ‘سُر بروو سنڌي ڇوٽڪو’ بدران ‘سُر بروو هندي’ شامل آهي، جنهن کـي محـقـقـن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو سُـر نه ڄاڻايو آهي.
وڌيڪ ڏسو : شاهه جو راڳ


هن صفحي کي شيئر ڪريو